مودي جي انتهاپسند سياست کي بهار جي عوام جي ڏيکاريل آرسي

گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان ڀارت ۾ ڀارتي وزير اعظم نريندي مودي جي سرڪار جي سرپرستي م هندو انتهاپسند شيو سينا جي غنڊه گردي توڙي مسلمانن ۽ گهٽ زات جي جي ماڻهن سان ٿيندڙ ظلم جا قصا اخبارن جي زينت بڻيا رهيا، مودي سرڪار سياست دوران مذهبي ڪارڊ کيڏڻ جي جيڪا سازش ڪئي اها عوام ووٽ ذريعي ناڪام بڻائيندي مودي سان نفرت جو اظهار پڻ ڪيو آهي، ڀارتي  وزيراعظم نريندر مودي کي انتهاپسندي جو منهن ٽوڙ جواب ملي ويو، بهار جي عوام بي جي پي جي انتها پسند سوچ کي  رد ڪري ڇڏيو، نتيش ڪمار ۽ لالو پرساد يادو ۽ ڪانگريس جي اتحاد 243 سيٽن جي ايوان ۾ 140 سيٽون حاصل ڪري واضح اڪثريت حاصل ڪري  ورتي آهي، جڏهن ته بي جي پي صرف 79 سيٽون حاصل ڪري سگهي، بهار رياست جي چونڊن ۾ راشٽريا جنتادل ۽ جنتادل يونائيٽيڊ ۽ ڪانگريس جي اتحاد ۽ بي جي پي جي اتحاد اين ڊي اي ۾ مقابلو هو، 243 سيٽن  جي ايوان لاءِ 5 مرحلن ۾ چوندون ٿيون. پهرين مرحلو 12 آڪٽوبر ۽ آخري مقابلو 5 نومبر تي هو. بهار جي رياستي چونڊن ۾ حڪمران پارٽي بي جي پي پنهنجي تاريخ جي مهانگي ترين مهم هلائي پر بي جي پي مخالف اتحاد  نريندر مودي جي ڪوشش تي ٻهارو ڦيري ڇڏيو، بهار ۾ نتيش ڪمار جي وزيراعليٰ بڻجڻ جو رستو صاف ٿي ويو آهي. بهار ڀارت جي اتر اولهه ڀارت جي وڏين رياستن مان  هڪ آهي، هن جي آبادي 10 ڪروڙ آهي، هن جي آبادي جي اڪثريت غربت جو شڪار آهي، پر نتيش ڪمار جي وڏو وزارت دوران بهار ترقي جي رستي تي آيو هو، لالو پرساد يادو به  گهڻو وقت  بهار جو وڏو وزير رهيو آهي، هوڏانهن ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي پنهنجي شڪست قبول ڪري ورتي آهي، هن  ٽوئيٽ ۾ به چيو آهي ته  نتيش ڪمار کي مبارڪ باد ڏني آهي، ٻئي طرف بي جي پي چيو آهي ته شڪست پنهنجي جاءِ تي پر  بي جي پي حڪومت کي تاريخي شڪست ملي آهي، هوڏانهن دهلي جي وزير اعليٰ  عمر عبدالله  نتيش ڪمار کي مبارڪ باد ڏني آهي. ڪانگريس پارٽي جي اڳواڻ راهل گانڌي چيو آهي ته بهار ۾ غرور جي هار ۽ سچائي ۽ ڀائيچاري کي سوڀ ملي آهي، بي جي پي جون نفرت ۽ انتهاپنسدي واريون پاليسيون ناڪام ٿي ويون آهن.
عوامي فيصلي بعد مودي سرڪار جو اقتدار ۾ رهڻ جمهوريت جي خلاف ورزي آهي، جيڏهن عوام ائين ئي ووٽ ذريعي پنهنجو فيصلو ڏيندو رهيو ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن پوري دنيا ۾ مڪمل جمهوريت جو راڄ هوندو بلڪه عوام جا نوڪر حقيقت ۾ عوام جي نوڪري ڪندا ۽ عوام خوشحال ٿي ويندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *