ملڪ ۾ متل سياسي مانڌاڻ….

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ڪارڪنن کي ٽن شين بابت آگاهه ڪيو آهي ته ته جڏهن ايتريون وڌيڪ پارٽيون پهرين کان ئي هيون ته پي ٽي آءِ جي ڪهڙي ضرورت هئي، اڄ به ڪجهه ماڻهو چوندا آهن ته ٻه قومي نظريو غلط هيو، پاڪستان نه بڻجڻ گهرجي ها، پاڪستان ۾ قائداعظم کي ئي ليڊر مڃيندو آهيان، قائداعظم پنهنجي ذات لاءِ پاڪستان نه بڻايو، قائداعظم جي جدوجهد پنهنجي ذات لاءِ نه قوم لاءِ هئي، هڪ طرح جي سياست اها آهي، جنهن پاڪستان کي هيستائين پهچايو، اقتدار ۾ اچي پنهنجي ذات لاءِ پئسا بڻائڻ ڪرپشن آهي، بمبينو سينيما ٻاهران ٽڪيٽ وڪڻندڙ زرداري جا اربين رپيا ٻاهر پيا آهن، اڄ اسان قرضي آهيون، دنيا ۾ اسان جي پاسپورٽ جي عزت ناهي، ماڻهن پنهنجي ذات لاءِ پاڪستان کي اڳتي وڌڻ نه ڏنو، پي ٽي آءِ ۾ مٿي اهي ايندا، جيڪي وڏي سوچ رکي ملڪ جو سوچيندا، اڄ پاڪستان کي هڪ نئين سياست جي ضرورت آهي، سسٽم ان لاءِ ٺيڪ ناهي ٿي رهيو ڇو جو مٿي زرداري ۽ شريف ويٺا آهن، 3 سئو ارب رپين جي چوري ڪري عدالت ايئن ايندا آهن، ڄڻ ڪشمير فتح ڪري آيا هجن، نواز شريف چوندو آهي ان کي ڇو ڪڍيو، رڳو 3 هزار ڪروڙ ئي ته چوري ڪيا آهن، 300 ارب رپين جو جواب شريف خاندان کي ڏيڻو آهي، طاقتور پنهنجو پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهي ٿو، سمورن ادارن تي ڪرپٽ ماڻهو ويهاريا ويا آهن، جي آءِ ٽي ٻاهران بيهي چوندا آهن ته منهنجي سوالن جو جواب ڏيو، ادارا ڪيئن ٺيڪ ٿيندا، ڪا راڪيٽ سائنس ناهي، سٺا ماڻهو مقرر ڪريو، ملڪ ۾ اسان جو ٽارگيٽ ئي اهو آهي ته غريبن کي غربت کان ٻاهر ڪڍڻو آهي، اسان جي خيبر پختونخوا ۾ اسٽيٽسڪو سان جنگ هلي رهي آهي، هن وقت تحريڪ انصاف مشهوري جي عروج تي آهي، ڪرپٽ ماڻهن سبب ملڪ ۾ غربت آهي، 7 سال اڳ نه ڪو پارٽي ۾ ايندو هيو، نه ويندو هيو، ڪا لڙائي نه هئي، شريف خاندان جي ڪوشش آهي ته ان تي فرد جرم لاڳو نه ٿئي، هاڻي هر جڳهه ٽڪيٽ لاءِ ويڙهه ٿي رهي آهي، اها سٺي ڳالهه آهي، رياست شريف خاندان کي بچائي رهي آهي، نواز شريف پهرين ڇو چيو هيو ته عدالت جو فيصلو مڃينداسين، نواز شريف هاڻي ادارن خلاف مهم ڇو هلائي رهيو آهي، سڀ کان وڏو فراڊ احسن اقبال آهي، ان کان وڌيڪ فراڊي ناهي ڏٺو، آصف زرداري شڪل مان ئي ڌاڙيل لڳي ٿو، کيس ڪرپشن جو فڪر لڳي ويو آهي اها قيامت جي نشاني آهي، آصف زرداري پاڻ کي لڪائڻ جي ڪوشش به ناهي ڪندو. عمران خان جي بيان جي جواب ۾ سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته عمران خان کي ايمانداري جي ڳالهه زيب نٿي ڏي. عمران خان ذاتيات تي حملا ڪري پنهنجو قد وڌائڻ چاهي ٿو، جيڪو شخص گهر نه هلائي سگهيو اهو ملڪ ڪيئن هلائيندو. آمريڪا کان سڀ کان وڌيڪ چندو وٺڻ وارو اج ان خلاف ڳالهيون ڪري رهيو آهي. ماضي جي عمران ۽ موجوده عمران جي شڪل ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. عمران خان ڪرپٽ آهي ۽ هو ماضي ۾ پلي بواءِ رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *