ملڪ ۾ احتساب وارو عمل جاري رهڻ گهرجي…..

ٻه ڏهاڙا اڳ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو هو ته نيب حڪومتي آفيسرن کي خوفزده ڪري رهي آهي، جنهن سبب اُهي ڪو به فيصلو ڪرڻ کان ڊڄن ٿا. سندس چوڻ هو ته نيب حڪومتي آفيسرن کي ڊڄائي رهي آهي ۽ اُنهن جي ڊيوٽيءَ ۾ رڪاوٽون وجهي رهي آهي. جڏهن ته قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه پڻ وزيراعظم جي ان ڳالهه جي تائيد ڪندي چيو هو ته نيب کي پنهنجو ڪم صحيح طريقي سان ڪرڻ گهرجي.سياسي سوچ رکندڙ توڻي ملڪ ۾ احتساب جي اُميد ڪندڙ ماڻهن وزيراعظم جي تنبيهه تي ڇتي تنقيد ڪندي اُن کي احتساب واري عمل ۾ رڪاوٽ قرار ڏنو آهي. اها هن سماج جي بدقسمتي آهي جو هتي غريبن لاءِ هڪڙو ته اميرن لاءِ ٻيو قانون رهيو آهي. غريب ورهين تائين ڪنهن اڻ ڪيل ڏوهه جي سزا ۾ قيد ڪاٽيندا رهندا آهن ته ٻئي طرف ملڪ جي ڀينگ ڪندڙ اليٽ ڪلاس جو ڪو وار به ونگو ناهي ڪري سگهندو! اهڙا ئي عڪس مٿي ڄاڻايل خبرن مان پسي سگهجن ٿا. جيستائين سنڌ ۾ نيب ڪارروايون ڪري رهي هئي ته اُهي عين انصاف پٽاندر هيون، جڏهن اُن پنجاب ڏانهن پير سورڻ شروع ڪيا ته ملڪ جي اهم عهدي تي ويٺل انتهائي ذميوار شخص ذري گهٽ تڙيءَ وارو لهجو اختيار ڪندي نيب کي پنهنجي سائيز ۾ رهڻ جي تلقين ڪئي. هئڻ ته ائين گهربو هو جو ڪنهن ٻئي ڏانهن هٿ وڌائڻ کان پهريان حڪمران ڌر نيب کي اِها آڇ ڪري ها ته احتساب جي شروعات کانئن ۽ سندن ساٿين کان ڪئي وڃي ته جيئن مخالفن کي شڪايتن جو موقعو نه ملي. جيڪڏهن حڪمران ڌر جا هٿ صاف آهن ۽ اُها ڪنهن به مامري ۾ پاڻ کي ميرو نٿي سمجهي ته پوءِ اُن کي اهڙي ڪنهن به عمل کان قباحت محسوس نه ڪرڻ گهرجي ها، پر هتي قصو اُلٽ آهي. جيستائين نيب ٻين جو احتساب ڪري رهي هئي، تيستائين اُها درست هئي، پر جڏهن اُن حڪمران ڌر جي ويجهن ماڻهن ۾ هٿ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته اُها مياري ٿي پئي.اسين سمجهون ٿا اهو ٻٽو معيار اڪثريت لاءِ مايوسيءَ جو ڪارڻ بڻبو. اڳ ئي ننڍن صوبن ۾ محروميءَ جو عنصر عام رهيو آهي ته انهن کي هر معاملي ۾ سدائين ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، ويتر جو احتساب واري معاملي ۾ به اُهي ٻيائيءَ جو عنصر ڏسندا ته سندن محروميءَ جو وڌڻ فطري هوندو. جيڪڏهن اسين هڪ صاف سٿري ۽ سڌريل سماج جي تقاضا ڪريون ٿا ته پوءِ پنهنجن تي ڪک رکڻ واري روش ترڪ ڪرڻي پوندي. جيستائين اسان غلط کي غلط ڪوٺڻ جي جرئت نه ڌارينداسين، تيستائين سُڌاري جي ڪا به اُميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي. اسان کي سمجهڻ گهرجي ته ٻٽي معيار هوندي سماج جو سڌارو ممڪن ناهي. ٿيڻ ته ائين گهرجي ته احتساب جي ان عمل کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ نيب کي وڌيڪ بااختيار بڻايو وڃي ته جيئن ملڪ کي استحصالي طرف ڌڪيندڙن کان ازالو ڪري سگهجي. ان لاءِ نيب کي پڻ پنهنجي ڪردار ۾ شفافيت ڏيکارڻي پوندي. جيڪڏهن اُها يارن ۽ ڀوتارن سان هڪڙو ۽ ڪمزور توڻي هيڻن سان ٻيو رويو رکندي ته پوءِ لازمي طور اُن مٿان آڱريون کڄنديون.بهرحال اسين ملڪ ۾ احتساب واري عمل کي حقيقي بنيادن تي اڳتي وڌندو ڏسڻ گهرون ٿا ۽ اُن لاءِ سڀني ڌرين کان اها تقاضا ڪريون ٿا ته اُهي انهيءَ معاملي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ته جيئن ملڪ ۾ بهتر سماج جي اڏاوت واري خواب کي حقيقت جو روپ ڏئي سگهجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *