ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ بم ڌماڪا

ملڪ ۾ وري بم ڌماڪ توڙي پوليس اهلڪارن کي نشانو بڻائڻ جو سلسلو هڪ ٻيرو ٻيهر شروع ٿي ويو آهي، سخت سيڪيورٽي اپائن باوجود دهشتگرد پنهنجا آسان حدف حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي رهيا آهي، گذريل ڏينهن  لاهور ۾ فيروز پوره روڊ تي ارفع ڪريم ٽاور جي ڀرسان سبزي منڊي جي ٻاهر ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ 26 ڄڻا شهيد ۽ 58 زخمي ٿي پيا. امدادي ڪارڪنن زخمين کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي جن مان 20 جي حالت ڳڻتي جوڳيآهي جنهن سبب فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي. شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن ۾ سب انسپيڪٽر رياض، اي ايس آئي فياض، ڪانسٽيبل علي، معظم، ساجد عابد ۽ مرتضيٰ شامل آهن. جڏهن ته حملي ۾ اي ايس آئي فياض جي گاڏي مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي. زخمي پوليس اهلڪار ۽ اکين ڏٺن شاهدن موجب پوليس ناڪي جي ڀرسان هڪ موٽرسائيڪل اچي بيٺي جنهن کانپوءِ زوردار ڌماڪو ٿيو ، اُتي بيٺل گاڏين ۽ موٽرسائيڪل کي باهه لڳي وئي. موٽرسائيڪل جي مالڪ جو پتو لڳايو ويو آهي جنهن جو ماڊل 2017ع جو آهي جيڪا لاهور واسي عثمان علي جي نالي سان رجسٽرڊ آهي. اختيارين شڪ ظاهر ڪيو آهي ته واقعي واري هنڌ تي بيٺل هنڊا سولڪ ۾ بارودي مواد موجود هو جنهن کي ڌماڪي سان اُڏايو ويو. ڊي آئي جي آپريشنز حيدر اشرف موجب ته ڌماڪو آپگهاتي هو جنهن ۾ پوليس اهلڪارن کي نشانو بڻايو ويو، حملي ۾ 9 اهلڪار ۽ 17 عام شهري شهيد ٿيا آهن. ترقي سبب لاهور هميشه دهشتگردن جي نشاني تي رهيو آهي، حملي جو پهريان کان ئي خطرو هو، حددخلين خلاف آپريشن ڪندڙ ٽيم جي حفاظت تي پوليس مقرر هئي. حملي ۾ 8 کان 10 ڪلو بارودي مواد استعمال ڪيو ويو.

هوڏانهن هڪ نجي ٽي وي مطابق لاهور ۾ ٿيل بم ڌماڪي جي ذميواري پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان قبولي ورتي آهي، جڏهن ته مبينا آپگهاتي حملي آور جي تصوير به جاري ڪئي وئي آهي، آپگهاتي حملي آور جي ڄمار 16 ورهين کان 18 ورهين تائين جي آهي، جڏهن ته ڌماڪي ۾ 10 کان 12 ڪلوميٽر بارودي مواد استعمال ڪيو ويو هو.

جنهن ڏينهن ڌماڪو ڪيو ويو انهي ڏينهن وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار کي سياسي معاملن بابت اهم پريس ڪانفرنس به ڪرڻي هئي، جيڪا واقعي بعد ملتوي ڪئي وئي،  اطلاع موجب ته وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان ۽ وزير اعظم ميان نواز شريف ۾ ڪافي وقت کان اختلاف هلي رهيا آهن، ٿورا ڏينهن اڳ سپريم ڪورٽ پاران پانامه ليڪس وارو فيصلو محفوظ ڪرڻ بعد وزير اعظم اهم مشاورتي اجلاس سڏايو هيو جنهن ۾ وفاقي گهرو وزير شرڪت ڪرڻ بجاءِ پنجاب هائوس ۾ ئي موجود رهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *