ملڪاڻي شريف:پاڻيءِ خلاف احتجاج ڪندڙن جي ڪيمپ کي باهه، پوليس اگهور ننڊ ستل

 

ملڪاڻي شريف جي جرڪس،آئلپور،کوسڪي، ٻنگار سانگي ۽ ٻين شاخن ۾ پاڻي جي هڪ مهيني کان جاري هٿرادو کوٽ خلاف ملڪاڻي شريف ۽ آسپاس جي آبادگار پاران دمبالو ريگيوليٽر تي قائم ڪيل احتجاجي ڪئمپ کي باهه ڏئي ساڙيو ويو،آبادگارن پير فياض محمد شاهه راشدي،حاجي علي دلواڻي،طارق محمود آرائين ،منظور چانڊيو ،انور راجپوت ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته احتجاجي ڪيمپ تي سب انجنيئر آبپاشي سڪندر شاهه ۽ يونين اڳواڻ رسول بخش خاصخيلي حملو ڪرائي باهه ڏياري آهي، هنن چيو ته اسان جو قيمتي سامان به سڙي ويو آهي، پوليس ڪيس داخل نٿي ڪري، جڏهن ته واقعي خلاف آبادگارن جي سڏ تي ملڪاڻي شريف ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال ڪئي وئي شهر جا سمورا ڪاروباري مرڪز بند رهيا، آبادگارن ۽ شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهه ڏيئي ڌرڻو هڻي پنگريو جهڏو روڊ بند ڪري ڇڏيو جنهن ڪري ٽرئفڪ پڻ مڪمل طور بند ٿي وئي ان موقعي تي آبادگارن ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته ايريگيشن جي عملي اسان جي حصي جو پاڻي لکين روپيه وٺي وڪرو ڪري ڇڏيو جنهن خلاف اسان سپريم ڪورٽ جو آرڊر کڻي احتجاج لاءِ نڪتاسين ته اسان جي احتجاج کي برداشت نه ڪندي رات جي وقت ٽينٽ کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو هنن چيو ته اسان اها دهشتگردي هرگز برداشت نه ڪنداسين چوويهن ڪلاڪن اندر جيڪڏه جوبدارن خلاف ڪيس داخل ڪري انهن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته ايس ايس پي بدين جي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪرايو ويندو،ٻئي پاسي ايگزيڪيوٽو انجنيئر نصي ڊويز ن محمد رحيم قريشي ڪارروائي ڪندي ايس ڊي او خيرپور گنبوه ديدار حسين بليدي کي هٽائي ڇڏيو .

حيدرآباد ايس اين پي جي آفيس تي ڇاپو

حيدرآباد پوليس ايس اين پي جي مرڪزي اڳواڻ اشرف نوناري، مشتاق کوکر ۽ عامر گوندل جي گرفتاري لاءِ مختلف علائقن گاڏي کاتو، هوسڙي ۽ قاسم آباد ۾ ڇاپا هڻي مشتاق کوکر ۽ عامر گوندل کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته پوليس ايس اين پي جي گاڏي کاتي حيدر چوڪ واري علائقي ۾ قائم آفيس تي ڇاپو هڻي آفيس ۾ پيل سامان، ليپ ٽاپ ۽ ڪمپيوٽر کڻي وئي. سيري ٿاڻي تي عزيز لياقت نالي شخص ڪيس داخل ڪرائيندي اشرف نوناري، مشتاق کوکر ۽ عامر گوندل کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته ڄاڻايل ماڻهن سرڪاري کاتن ۾ ملازمت ڏيارڻ لاءِ ماڻهن کان 30 لک رپيا وصول ڪيا آهن، پر انهن ماڻهن کي نوڪريون نه ملي سگهيون آهن، جنهن تي سيري پوليس مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي مشتاق کوکر ۽ عامر گوندل جي گاڏي کاتي ۾ قائم ايس اين پي جي آفيس مان گرفتاري ظاهر ڪئي آهي. هوڏانهن ايس اين پي جي چيئرمين امير ڀنڀرو، مرڪزي اڳواڻ رمضان بليدي، سائين بخش بنگلاڻي ۽ نصرالله ابڙو پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ آفيس تي چڙهائي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته پارٽي طرفان دهشتگردن خلاف رينجرس جي ڪاررواين ۽ ڪرپشن خلاف نيب ۽ ايف آءِ اي جي ٿيندڙ ڪاررواين جي حمايت ڪرڻ تي پارٽي کان سياسي انتقام ورتو پيو وڃي. هنن چيو ته گذريل ڏينهن سيري پوليس تعلقه ٽائون آفيسر اسلم بڙدي ۽ سندس ڪرپٽ ڀاءُ جي چوڻ تي اشرف نوناري، مشتاق کوکر ۽ ٻين مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو هو. هنن چيو ته تعلقه ميونسپل جي ٽائون آفيسر جي ڪرپشن ۽ فراڊ کي وائکو ڪرڻ تي ڪارروائي ڪئي وئي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته آفيس تي چڙهائي ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *