معمول بڻيل روڊ حادثا ۽ انتظامي غفلت

ٺيڙهي باءِ پاس ويجهو روڊ حادثي ۾ 58 جانيون ضايع ٿي ويون. 22 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ڪالهه اسر ويل ٺيڙهي باءِ پاس ڀرسان ڳوٺ وارث ڳنڀير وٽ تيل ڀرائي سوات کان ڪراچي طرف ويندڙ ڪوچ نمبر جي بي 5190 موڙ ڪاٽيندي سامهون ايندڙ ڪوئلن سان ڀريل ٽرڪ نمبر ٽي ڪي جي 511 سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪوچ مڪمل طور تباهه ٿي وئي، جڏهن ته ٽرڪ جو اڳيون حصو تباهه ٿيو، حادثي سبب ڪوئلن واري ٽرڪ کي باهه پڻ لڳي وئي، خوفناڪ حادثي ۾ ڪيترن ئي مسافرن جي لاشن جا ٽڪرا اڏامي پري وڃي ڪريا ۽ ڪيترائي مسافر ڪوچ ۾ ڦاٿل رهيا، وقت سر امداد نه ملڻ ڪري ڪوچ ۾ ڦاٿل زخمي عورتون، معصوم ٻارڙا ۽ مرد تڙپي تڙپي فوت ٿي ويا، فوت ٿيلن ۾ 46 ڄڻن جو تعلق سوات، بٽگرام ۽ ٻاجوڙ سان ٻڌايو پيو وڃي، جڏهن ته 12 ڄڻن جو تعلق ڪراچيءَ سان آهي، فوت ٿيلن ۾ بٽگرام واسي هڪ ئي خاندان جا 6 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا، جن ۾ دل محمد سندس زال نصرت ٽي نياڻيون رقيه، نائله، بانو ۽ پٽ ابراهيم شامل آهي، جڏهن ته ٻيو خاندان نثار احمد سندس ڌيئرون توحيده، نين تارا ۽ 2 رشتيدار عورتون انيسه ۽ صائمه شامل آهن، جڏهن ته باقي فوتين ۾ محمد نواز، غلام اسحاق، انور، نعمان، تارا دين، صابره، غلام مصطفى، منصور الاهي، غلام اڪبر، مختيار، نور محمد، طوطا خان، آمنه، اقبال، محمد ياسين، محمد سميع، محمد سليمان، امروز، سجاد، بدري بيگم، شفاعت بي بي، غلام اسحاق، بلقيس بي بي، انس ۽ ٻيا شامل آهن، حادثي جو اطلاع ملڻ شرط سول اسپتال خيرپور ۾ فوري طور تي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي جڏهن ته خيرپور شهر جي مختلف سياسي  ، سماجي ، قومپرست ، مذهبي  ڌرين جا اڳواڻ فوري طور تي سول اسپتال خيرپور پهچي ويا جتي  هنن هنگامي بنيادن تي ايمرجنسي ڪئمپون قائم ڪري ورتيون جتي  مختلف تنظيمن جي جوانن زخمين کي رت جو عطيو پڻ ڏنو واقعي بعد خيرپور جو ايس ايس پي ناصر آفتاب  پڻ سول اسپتال خيرپور پهتو ،جتي هن پڻ سول اسپتال جا سمورا گيٽ بند ڪرائي رينجرز ۽ پوليس جي اهلڪارن جي مقرري ڪرائي ڇڏي ۽ انتظامن جو مسلسل جائزو ورتو فوتي ۽ زخمين جو تعلق خيبر پختونخواه جي علائقن سوات  ، بٽگرام ، باجوڙ ، برين  ۽ ٻين علائقن سان ٻڌايو وڃي ٿو  فوتين جا لاش هڪ ٻئي پويان ايڌي ايمبولينس ۽ پوليس موبائلن ذريعي هڪ ئي وقت جڏهن سول اسپتال آندا ويا ته سول اسپتال خيرپور ۾ مرده خانه نه هئڻ ڪري سول اسپتال خيرپور جي انتظاميا هنڱامي بنيادن تي شاميانه لڳائي سمورا لاش اتي رکرائي ڪناتن سان بند ڪرائي ڇڏيا اکين ڏٺن شاهدن موجب پيش آيل حادثو ايترو ته شديد هيو جو اڪثر فوتين جا لاش سڃاڻپ کان ٻاهر هئا. 42 فوتين جا لاش سي ون ٿرٽي ذريعي رسالدار اماڻيا ويا. جيڪي سوات، مانسهرا، مردان ۽ بٽ گرام اماڻيا ويندا. جڏهن ته ڪراچي واسين جا لاش ايمبولينس ذريعي منتقل ڪيا ويا .

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت کي گهرجي ته اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ ٽريفڪ قانون تي عمل ڪرائڻ لاءِ ٽريفڪ پوليس کي هدايتون جاري ڪري ان سان گڏوگڏ روڊن رستن جي مرمت واري ڪم کي جلد کان جلد مڪمل ڪرايو وڃي ته جيئن اهڙي قسم جي خوفناڪ حادثن کان بچي سگهجي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *