مدرسن ۾ سڌرا آڻڻ لاءِ ۡحڪومتي قدم……

اسلام ته اهڙو مذهب آهي، جنهن ۾ زندگي گذارڻ جا مڪمل ضابطا ۽ اصول سمايل آهن، جن کي رڳو سمجهڻ جي ضرورت آهي، پر بدقسمتي سان اسان وٽ اهڙا واقعا به ٿيا، جن ۾ ڪنهن کي يا ته ڪافر قرار ڏنو ويو يا وري مذهب جي نالي تي ڪنهن جي زندگي تباهه ۽ برباد ڪئي وئي، اسلام ته هر مذهب کي تحفظ فراهم ڪري ٿو ۽ سڀني کي پنهنجي مرضي موجب زندگي گذارڻ جو حق فراهم ڪري ٿو ته پوءِ انهن ٺيڪيدارن جي ڪهڙي حيثيت آهي ته هُو اسلام کان پاڻ کي مٿانهون سمجهي فيصلا ڪن، انهن کي اهو ڪنهن حق ڏنو آهي ته هو ذاتي رنجشن جي بنياد تي رياست جي رٽ کي چئلينج ڪري ڪنهن کي واجب القتل قرار ڏئي ڇڏين؟ آرمي چيف به اهو واضح طور چئي چڪو آهي ته دهشتگردن جي مالي مدد ڪندڙن جا چهرا به بي نقاب ڪيا ويندا، پر سوال اهو آهي ته آخر دهشتگردن جا مالي سهولتڪار ڪير آهن؟ ظاهر آهي ته انهن جا سهولتڪار ملڪ اندر مختلف هنڌن تي موجود ٿي سگهن ٿا ۽ انهن کي ملڪي ۽ غيرملڪي عنصرن جي حمايت به حاصل رهي آهي، قومي ايڪشن پلان جي اها به تقاضا آهي ته دهشتگردن جي خاتمي لاءِ انهن جي مالي سهولتڪارن ۽ کين هٿيارن جي فراهمي جا رستا به بند ڪرڻا پوندا، هونئن ته دهشتگردي وقتي طور تي ختم ڪري سگهجي ٿي، پر جيستائين دهشتگردن جا مالي وسيلا بند نه ڪيا ويندا، ان وقت تائين سندن ڪارروايون ٻيهر اڀرڻ جو خدشو باقي رهندو. اهي ماڻهو ڪيترن ئي سالن کان دهشتگردي ۾ ملوث رهيا آهن، جن غيرقانوني طور تي فنڊ گڏ ڪري انهن کي پنهنجي ڪارروائين ۾ استعمال ڪيو يا اهي دهشتگردن لاءِ مالي سهولتڪار بڻيل رهيا، اسان جي ملڪ ۾ مسجدون، گرجا گهر، مندر، تعليمي ادارا، اسپتالون، هوائي اڏا، دفاعي ادارا، ريلوي اسٽيشنون، بس اڏا ۽ عوامي هنڌ دهشتگردي جو شڪار ٿي چڪا آهن ۽ انهن کي نشانو بڻائڻ لاءِ دهشتگرد کي ڪروڙين رپين جي رقم گهربل هوندي آهي، جيڪا هو ڪٿان نه ڪٿان مالي مدد جي صورت ۾ حاصل ڪندا آهن. قومي ايڪشن پلان هن وقت ان اهم مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، جنهن جو مقصد نه رڳو دهشتگردن جو خاتمو آڻڻ، پر ان سان گڏوگڏ کين مالي مدد ڪندڙن ۽ همدردن کي به سندن انجام تائين پهچائڻ آهي، ڇو ته ڏوهاري عنصرن ۽ دهشتگردن کي پنهنجي استحڪام لاءِ مضبوط مالياتي نيٽ ورڪ جي گهرج هوندي آهي، ان لاءِ هو سماجي ڀلائين، زڪوات، خيرات جي نالي ۽ قرباني جون کلون گڏ ڪرڻ سميت مختلف طريقن سان فنڊ گڏ ڪري پاڻ کي منظم ڪندا رهيا آهن. قومي ايڪشن پلان کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ دهشتگردن جي مالي وسيلن کي روڪڻ به اهم قدم آهي، ان کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي ته پاڪ فوج ۽ رينجرز جي نگراني ۾ دهشتگردن خلاف ٿيندڙ اثرائتين ڪارروائين کانپوءِ ڏوهن ۾ گهٽتائي آهي. اسين سمجهون ٿا ته مدرسن ۾ سڌارا آڻڻ  ۽ انهن جي رجسٽريشن ڪرڻ حڪومت جو اهم ترين فيصلو آهي، جيڪڏهن ان تي عمل ڪيو ويو ته يقينن فنڊن لاءِ صاف ۽ شفاف نظام هلائي سگهجي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *