ليڊي هيلٿ ورڪرن سان ٿيندڙ ظلم ۽ اسان جا قانوني ادارا

 

ملڪ مان پوليو جي خاتمي لاءِ هڪ ڊگهي عرصي کان مهم هلندڙ آهي، ان مهم جو بنيادي مقصد ٻارڙن ۾ ٿيندڙ پوليو جي بيماري جو خاتمو ڪرڻ آهي، ان سلسلي ۾  جهڙي ريت ا سان وٽ سڄي قوم ماتا جا ٽڪا لڳائڻ کانپوءِ ماتا جي بيماري کان هميشه لاءِ محفوظ ٿي وئي آهي، تهڙي ريت جيڪڏهن سڄي قوم جو هر ننڍڙو ٻار پوليو جا ڦڙا پي وٺي ته يقينن پوليو جو مرض سدائين لاءِ اسان جي ملڪ مان ختم ٿي سگهي ٿو. هن وقت بنگلاديش ڀارت ۽ سري لنڪا مان پوليو جو مرض ختم ٿي چڪو آهي. جڏهن ته اسان وٽ اها بيماري ختم ٿيڻ جو نالوئي نه ٿي وٺي، جنهن جا هونئن ته ڪيترائي سبب آهن پر وڏو سبب اهو آهي ته اسان جي معاشري جا ڪيترائي طبقا پاڻ ذهني پوليو جي مرض جو شڪار آهن ۽ اهي ذهني طور تي اپاهج بڻيل آهن، اهي اپاهج طبقا پوليو جي مهم کي ناڪام ڪرڻ لاءِ سياسي مذهبي ۽ نفسياتي مهم ته هلائيندا رهن ٿا پر انهن مان ڪيترا اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي تشدد جو رستو اختيار ڪري پوليو مهم کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. مذهبي سوچ رکندڙ ڪجهه حلقا عوام کي ڀنڀلائڻ لاءِ ڪڏهن انهن ڦڙن کي سامراج جي سازش قرار ڏيندي اهو ئي چون ٿا ته ان مهم جو مقصد مسلمانن جي نسل ڪشي ڪرڻ آهي ۽ جيڪي ٻار پوليو جا ڦڙا پيئندا اهي  جوان ٿيڻ کانپوءِ ٻار پيدا ڪرڻ جي لائق نه هوندا جيڪا ڳالهه ٻڌي ڪيترائي وسوڙل ماڻهو پوليو جا ڦڙا  پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏين ٿا. اسان انڪار ڪندڙ اهڙن وسوڙل ماڻهن کي ڪو به ڏوراپو نه ٿا ڏ يئي سگهون ڇاڪاڻ ته اهي پنهنجي دين سان سچا آهن ۽ اسلام  ۽ مسلمانن  خلاف ڪا به سازش ڏسڻ  ۽ ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن. جڏهن ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان جا عالم کين اهو ٻڌائين ته مذهبي طور تي اهڙي ڪا به جهل پل نه آهي ڇاڪاڻ ته پوليو جي ڦڙن ۾ اهڙي قسم جو ڪو به مواد شامل ناهي. ساڳئي طرح ڪجهه مذهبي انتهاپسند وري پوليو ٽيمن کي ڦڙا  پيارڻ کان ان ڪري روڪين ٿا جو اها مهم اولهه جي ملڪن جي فنڊن تي هلي رهي آهي ۽ اولهه کي اهي پاڪستان ۽ اسلام جو دشمن ئي سمجهن ٿا ان ڪري اهي دشمن جي ڪا به دوا يا دعا وٺڻ لاءِ تيار ئي ناهن. ان قسم جي سوچ رکندڙ  حلقن پاران پوليو ٽيمن تي ڪيترائي حملا پڻ ڪيا ويا آهن، جن ۾ بي گناهه ليڊي هيلٿ ورڪرز کي پنهنجي جان قربان ڪرڻي پئي آهي. پوليو مهم ۾ هڪ وڏي رڪارٽ اهي جنسي مريض به آهن جن جا ذهن پوليو کان متاثر آهن ۽ اهي دماغي طرح اپاهج بڻيل آهن، اهي ذهني مريض اسپتالن ۾ ڪم ڪندڙ نرسن جن کي سسٽرز چيو ويندو آهي تن کي ”سسٽرز“ جي روپ ۾ ڏسندي به ڪجهه ٻين نظرن سان ڏسندا آهن. اسان جي معاشري جا اهي ذهني مريض اهڙي گٽر جا ڪيڙا آهن جيڪو گٽر انهن جي ذهنن ۾ ڏينهن رات وهندو رهي ٿو ۽ اهي مريض ان غليظ ۽ گٽر جي پا ڻي ۾ ڏينهن رات غوطا کائيندا رهندا آهن. اهڙي ئي گٽر جي هڪ ڪيڙي فضل ڀنڀرو لڳ سندس ڳوٺ ۾ ايندڙ پوليو ٽيم جي هڪ ورڪر تي جنسي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مزاحمت تي کيس زخمي ڪري ڇڏيو. چيو وڃي ٿو ڳوٺ جي وڏيري جو پٽ جيڪو پنهنجي گهر ۾ اڪيلو  ويٺل هو، تنهن ليڊي هيلٿ ورڪر کي سندس گهر ۾ اڪيلو ايندو ڏسي ساڻس ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي ۽ رڙين تي آسپاس جا ماڻهو گڏ ٿي ويا، جن ليڊي هيلٿ ورڪر کي محفوظ هنڌ تي پهچايو،جنهن کي بعد ۾ پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. گرفتار جوابدار پوليس جي ڪٽڪي کانسواءِ جيڪاڳالهه ڪئي آهي اها هن ريت آهي ته ليڊي هيلٿ ورڪر ڪوڙ ٿي ڳالهائي مون ته ڪتي کي لٺ هنئي هئي جيڪا هن کي وڃي لڳي مون ڪو به تشدد نه ڪيو آهي. جڏهن ته اسان جو ليڊي هيلٿ ورڪر سان زمين تان تڪرار  به هلندڙ آهي،گرفتار جوابدار جو اهو بيان ٿاڻي ۾ قائم ڊرائينگ روم جي سير ڪرڻ کان اڳ جو ڏنل آهي.  پر جيڪڏهن ڪو غريب جو ٻارهجي ها ته هيلتائين گرفتار جوابدار پشاور کان وٺي ڪراچي تائين ليڊي هيلٿ ورڪرن تي ٿيل سڀيئي حملا به نه رڳو باسي وٺي ها پر پوليس سندس گرفتاري ڏيکارڻ وقت سندس نالو سڪندر ڀنڀرو مان ڦيرائي ”سڪو“ ڀنڀرو ڪري ڇڏي ها  پر جيئن ته   ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا  هوندا آهن، بااثر ماڻهو جڏهن ڦاسندو آهي ته اهو وري راڄوڻي ڪرڻ تي لهي ايندو آهي ۽ ڪيترائي چڱا مڙس کيس بچائڻ لاءِ ميدان تي نڪري ايندا آهن. مذڪوره ليڊي هيلٿ ورڪر جيڪڏهن بااثر جي ڌيءَ هجي ها ته اها ليڊي هيلٿ ورڪر هرگز نه هجي ها ۽ ساڻس اهڙو انياءَ به نه ٿيئي ها پر جيئن ته اها هڪ غريب جي نياڻي آهي ۽ پنهنجن ڏکن ۽ دردن جو علاج ڳولڻ لاءِ معاشري پاران وک وک تي وڇايل ڪنڊن تي هلڻ لاءِ نڪتي آهي. پر کيس شايد اها خبر نه هئي ته معاشري جي کليل گٽرن ۾ پلجندڙ ڪيڙن ماڪوڙن سان به واسطو پئجي سگهي ٿو جيئن ته هاڻ اهو واقعو ته عالم آشڪار ٿي چڪو آهي جوابدار پاران ڪتي کي وهايل لٺ جي جواب ۾ نڪتل دانهن ستن آسمانن تائين پهچي چڪي آهي. هن وقت کڻي ان نياڻي جو منهن بند ڪرڻ لاءِ ڪيترائي چڱا مڙس ميدان تي لهي پيا هجن ۽ اها پنهنجو بيان به ڦيرائي ڇڏي پر آسمان تي پهتل دانهن کي ته هاڻ اها پاڻ بدلائي نه ٿي سگهي اڄ جيڪڏهن هن سان انصاف نه ٿو ٿيئي  ته نه ٿيئي پر جنهن به ظلم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي  اهو ان ظلم جو ڪيتو ڪٿي نه ڪٿي ضرور لوڙيندو. اسان فضل ڀنڀرو ۾ ٿيل ان واقعي جي سخت لفظن  ۾ مذمت ڪندي مطالبو ڪنداسين ته جوابدار کي سخت کان سخت ملڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ڪنهن به قسم جي معافي تلافي ٿي آهي تڏهن به اها  عدالت ذريعي ٿيڻ گهرجي ٻي صورت ۾ ان معافي کي تسليم نه ڪيو وڃي. اسان ليڊي هيلٿ ورڪرن کي ٻڌائڻ ٿا گهرون ته اوهان  هڪ جهاد وارو ڪم ڪري رهيون آهيون، ان ڪري گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي. سنڌ جا سڀيئي باشعور ۽ ساڃاهه وند ماڻهو اوهان سان گڏ آهن ۽ اهي سڀيئي اهڙن ڪڌن ڪردارن جو رستو روڪڻ لاءِ هر وقت توهان سان نه رڳو گڏ آهن پر اوهان جو آواز بڻجڻ لاءِ سڀ  کان به اڳ اڳڀرائي نظر ايندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *