لياقت آباد مدرسي مان 26 نينگريون بازياب

ڳچ عرصي کان نائجيريا کان خبرون اچي رهيون آهن ته اتي هڪ دهشتگرد ”بوڪو حرام“ ۾ پنهنجن ساٿين جي مدد سان ڇوڪرين جي اسڪولن تي حملا ڪري انهن اسڪولن ۾ پڙهندڙ ڇوڪرين کي اغوا ڪرڻ کانپوءِ انهن کي سرندي وارن ماڻهن ۽ عرب رياستن جي شيخن کي وڏي رقم عيوض اهي معصوم نينگريون وڪرو ڪري وڏو ناڻو ڪمائڻ ۾ رڌل آهي، هن ڪجهه مهينا اڳ عيسائين جي هڪ گرلز پرائمري اسڪول تي حملو ڪري اتان اڍائي سئو کن معصوم نينگرين کي اغوا ڪيو ۽ ٻن مهينن کانپوءِ اهو اعلان ڪيو ته اهي سڀيئي نينگريون مسلمان ٿي چڪيون آهن ۽ انهن سڀني جون شاديون پڻ ڪرائي ڇڏيون آهن. بوڪو حرام پاران اهڙي قسم جون ڪارروايون لڳاتار جاري آهن. جڏهن ته نائجيريا جي حڪومت بوڪو حرام آڏو بيوس بڻيل آهي. بوڪو حرام اهو سڀ ڪجهه اسلام جي نالي ۾ ڪري رهيو آهي ۽ سندس دعويٰ آهي ته هو هٿيارن جي زور تي نه رڳو نائجيريا ملڪ تي قبضو ڪري وٺندو پر ان ملڪ ۾ اسلامي نظام به لاڳو ڪري ڇڏيندو.

اسلام اهڙي قسم جي سرگرمين کان نه رڳو منع ڪري ٿو پر تازو حج جي خطبي دوران ڪعبي شريف جي امام واضح لفظن ۾ داعش سميت ان قسم جي دهشگرد تنظيمن جي سخت لفظن ۾ مذمت پڻ ڪئي هئي.جڏهن ته اسان وٽ پاڪستان ۾ به خاص طور تي سنڌ ۾ تيزي سان ڪجهه پراسرار تنظيمون ۽ گروپ اسلام جي نالي ۾ پاڻ کي منظم ڪنديون نظر اچي رهيون آهن. انهن تنظيمن کي ڪنهن جي پٺڀرائي حاصل آهي يا اهي ڪهڙيون قوتون آهن، جيڪي انهن کي وڏي پيماني تي ناڻو فراهم ڪري رهيون آهن يا اهي ڪهڙا ملڪ آهن جيڪي انهن تنظيمن کي ”دامي درمي سخني“ مدد فراهم ڪري مستقبل ۾ سنڌ کي ڪنهن خوني جنگ جو وڏو ميدان بڻائڻ گهرن ٿا. ان سلسلي ۾ ڪجهه ڏينهن کان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ دهشتگرد تنظيم ”داعش“ پاران ڀتين تي چاڪنگ وارو سلسلو هلندڙ آهي. جيتوڻيڪ حڪومت ورجائي ورجائي اها دعوا ڪندي رهي آهي ته پاڪستان ۾ ”داعش“ جو ڪو وجود ئي ناهي، ليڪن ڪجهه حلقا ان ڳالهه تي اڃا به بضد آهن ته داعش پاڪستان ۾ پنهنجا پير پکيڙڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ اڄ نه ته سڀاڻي ”داعش“ منظر تي ضرور اچي ويندي.

اسان سمجهون ٿا ته حڪومت ”داعش“جي خلاف جيڪي دعوائون ڪري رهي آهي، اهي سڀيئي سطحي محسوس ٿين ٿيون ڇاڪاڻ ته حڪومت کي خود خبر نه ٿي پوي ته ملڪ ۾ ڪهڙا ڪهڙا گروپ ڪيتري سگهه سان منظم ٿي رهيا آهن. مثال طور ڪراچي ۾ پوليس لياقت آباد ۾ هڪ ۾ مدرسي تي ڇاپو هڻي 26 معصوم نينگرين کي بازياب ڪرايو آهي. چيو وڃي ٿو ته اهو مدرسو حميدان نالي هڪ عورت هلائيندي آهي. جڏهن ته هٿ آيل معصوم نينگريون باجوڙ جي غريب ڪٽنبن سان تعلق رکن ٿيون، جن جي سارسنڀال لاءِ هڪ شخص رقم ڏيندو هو. جيڪا هن بعد ۾ ڏيڻ بند ڪري ڇڏي هئي. پوليس ڇاپو هڻڻ کانپوءِ نينگرين کي ٿاڻي تي آندو، جن کي هاڻ سنڌ سرڪار پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي،سرڪار جو چوڻ آهي ته انهن نينگرين کي سندن وارثن جي اچڻ تي کين انهن جي حوالي ڪيو ويندو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اهي نينگريون جن مان 90 سيڪڙو نينگرين جي عمر 5 سالن تائين مس آهي ۽ اهي پشتو کانسواءِ ٻي ڪا به ڳالهه سمجهن ئي نه ٿيون. حڪومت جيتوڻيڪ انهن معصوم نياڻين کي وارثن حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پر حڪومت کي ان ڳالهه جو پورو پتو لڳائڻ گهرجي ته ڪٿي ائين ته ناهي ته ڪراچي ۾ به ڪو ”بوڪو حرام“ پيدا ٿي چڪو آهي. جيڪو في الحال ته نينگرين کي اغوا ڪرڻ بجاءِ انهن جي وارثن کي سبزباغ ڏيکاري انهن جي نياڻين کي اترين علائقن مان مدرسي ۾ پڙهڻ جي بهاني آڻي رهيو آهي ۽ اڳتي هلي اهو به نائجيريا جي بوڪو حرام وانگر انهن معصوم نياڻين کي سرندي وارن يا عرب شيخن کي وڪرو ڪري ججهو ناڻو ڪمائڻ گهري ٿو.

اسان سمجهون ٿا ته سنڌ ۾ هزارين اهڙا مدرسا آهن، جيڪي واقعي ديني تعليم ڏيڻ وارو ڪم سرانجام ڏيئي رهيا آهن، تن مدرسن جي سرڪاري سرپرستي ڪرڻ به ضروري آهي ته جيئن اهي سٺا ۽ ديندار انسان ۽ عالم تيار ڪري سگهن، جيڪي انتها پسندي واري سوچ جو خاتمو آڻين ۽ حقيقي اسلامي معاشري جا مضبوط بنيادي ٿنڀ بڻجي سگهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *