لاڙڪاڻي ۾ يونيورسٽي ڪئمپس جنگ جو ميدان بڻجي ويو…!

 

لاڙڪاڻي شهر جي ڪامرس ڪاليج ۾ قائم ڪيل سنڌ يونيورسٽي جي ڪئمپس ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران هلندڙ امتحان ۾ شاگردن جا مطالبا نه مڃڻ خلاف ڪئمپس انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. شاگردن بي بي اي، ٿرڊ ۽ سيڪنڊ سيمسٽر جي ٽن بيچن جي پيپرن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو ۽ ڪيمپس جي مڪمل طور تالابندي ڪئي وئي جنهن کان پوءِ ليڪچرار بشارت علي عباسي ڪيمپس پهچي هٿيارن جي زور تي شاگردن کان بائيڪاٽ ختم ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندو رهيو ۽ ڏاڍ جي ذريعي پيپر حل ڪرڻ جو زور ڀريو پر شاگرد ۽ شاگردياڻين پيپر حل ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو. جڏهن ته شاگردن جي احتجاج جي ڪوريج لاءِ صحافي ظهير ابڙو ۽ فوٽوگرافر علي نواز منگي ڪئمپس پهتا جتي ليڪچرار بشارت عباسي موقف گهرڻ تي ڏمرجي پيو ۽ هوائي فائرنگ ڪئي وئي جڏهن ته صحافين ۽ شاگردن مٿان هٿيار سڌا ڪرڻ تي تعليمي ادارو جنگ جو ميدان بڻجي ويو جنهن دوران شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا. صحافين ڪئمپس پهچي ليڪچرار خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، جڏهن ته شاگردن انڊس هاءِ وي تي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف صحافين پاران ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي آگاهي ڏني وئي جنهن بعد پوليس جا وڏا اٽالا يونيورسٽي ڪئمپس پهچي ويا جتي ڪئمپس جي ليڪچرار جي ذاتي گارڊن کان هٿيار کسي کين گرفتار ڪيو ۽ جن ۾ ليڪچرار بشارت عباسي ۽ سندس ڀاءُ شفقت عباسي، خانگي گارڊ اقبال ڪلهوڙو، انور ڪلهوڙو، قطب الدين چنو ۽ رستم ڪوري شامل آهن. گرفتار ٿيل ٻئي ڀائر مرحوم ايس پي نظير حسين عباسي جا پٽ ٻڌايا وڃن ٿا. جن خلاف صحافي ظيهر ابڙو ۽ شاگرد اديب چانڊيو جي فرياد تي فائرنگ، مارڪٽ ڪرڻ ۽ موتمار ڌمڪيون ڏيڻ جا 2 الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا. ٻئي طرف يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پاران واقعي جو نوٽيس وٺي هڪ انڪوائري ڪاميٽي جوڙڻ سان گڏ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کي پڻ جاچ ڪرڻ لاءِ ليٽر لکيو آهي. جڏهن ته لاڙڪاڻي جي صحافين صدر ايس اقبال بابو، نائب صدر طارق محمود دراني، جنرل سيڪريٽري مرتضيٰ ڪلهوڙو، سينيئر صحافي ڊاڪٽر مولا بخش ڪلهوڙو، منير سومرو، اياز ساريو، نويد لاڙڪ، امتياز ڳورڙ، نديم سومرو، سلامت ابڙو ۽ ٻين واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.هوڏانهن ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڪامران نواز پنجوٿه صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اڳ تعليمي ادارن ۾ شاگردن پاران هٿيار کڻڻ جا واقعا ٿيندا هئا، پر هاڻ استاد پاران تعليمي ادارن ۾ هٿيار کڻڻ تي افسوس ٿيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *