لاهور آپگهاتي ڌماڪو…..?

آچر جي ڏينهن شام جو 6 لڳي 40 منٽن تي گلشن اقبال پارڪ جي گيٽ نمبر هڪ تي ڌماڪو ٿيو، جنهن سبب ويجھين عمارتن جا شيشا پڻ ٽُٽي ويا. موڪل هجڻ سبب ماڻهن جو وڏو انگ پارڪ ۾ موجود هو، جنهن سبب جاني نقصان وڌيڪ ٿيو. ڌماڪي کانپوءِ سيڪيورٽي ادارن جا اهلڪار واقعي واري جاءِ تي پهچي ويا جن ڌماڪي واري جاءِ کي ڪڙو چاڙهي ثبوت گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا جڏهن ته پارڪ کي پڻ خالي ڪرايو ويو. امدادي ٽيمن فوري طور تي زخمين کي شيخ زيد اسپتال، ميئو اسپتال، جناح اسپتال ۽ ٻين اسپتالن ڏانهن منتقل  ڪيو. زخمين ۾ ٻارڙا ۽ عورتون به شامل آهن. ڌماڪي سبب لاهور شهر جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لڳائي وئي جڏهن ته موڪل سبب ڊيوٽين تي نه پهتل ڊاڪٽرن کي به طلب ڪيو ويو.

ڊي آءِ جي آپريشنز حيدر اشرف چيو آهي ته ڌماڪو آپگھاتي هو ۽ بمبار جي منڍي ملي وئي آهي جنهن جي جاچ ڪئي پئي وڃي. پوليس جو چوڻ هو ته شروعاتي جاچ ۾ معلوم ٿيو آهي ته ڌماڪي ۾ 8 ڪلو بارود استعمال ڪيو ويو.  مارجي ويلن ۾ ڪجھه ماڻهن جي سڃاڻپ، هارون، سيف جي نالن سان ٿي آهي. حالتن کي نظر ۾ رکندي پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن کان سواءِ فوجي جوان به ڌماڪي واري جاءِ تي طلب ڪيا ويا، جن پهچي امدادي ڪارروائين ۾ حصو ورتو.

هفتيوار موڪل سبب شام جو پارڪ ماڻهن سان مڪمل ڀريل هو ۽ پارڪ ۾ ايندڙ ڪيترائي ماڻهو به پارڪنگ ايريا گيٽ نمبر هڪ تي پنهنجون گاڏيون ۽ موٽر سائيڪلون پارڪ ڪري رهيا هئا ته اوچتو هڪ زوردار ڌماڪو ٿيو جنهن بعد پارڪ ۾ رڙيون پئجي ويون ۽ ٽاڪوڙو مچي ويو. ڌماڪي جي فوري اطلاع تي ريسڪيو 1122 سميت امدادي ٽيمون موقعي تي پهچي ويون ۽ زخمين کي جناح اسپتال، شيخ زيد اسپتال منتقل ڪري ورتو، زخمين مان ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي ڌماڪي کان فوري بعد ڊي آءِ جي آپريشنز ڊاڪٽر حيدر اشرف ۽ ڊي سي او لاهور ڪيپٽن(ر) محمد عثمان به موقعي تي پهچي ويا جڏهن ته پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن واقعي واري هنڌ تي پهچي علائقي کي گهيري ۾ وٺي شاهديون گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون ۽ امدادي سرگرمين جي پاڻ نگراني ڪئي.

پنجاب حڪومت جي ترجمان زعيم قادري جو چوڻ آهي ته 65 ڄڻا شهيد ۽ 300 زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته جناح اسپتال ۾ 38 لاش، 135 زخمي، شيخ زيد اسپتال ۾ 5 لاش، 43 زخمي، سروسز اسپتال ۾ 7 لاش، 25 زخمي، فاروق اسپتال ۾ 6 لاش، 45 زخمي ميئو اسپتال ۾5 لاش، 9 زخمي، لاهور جنرل اسپتال ۾ 34 زخمي ۽ گنگارام اسپتال ۾ 11 زخمي آندا ويا.0230هوڏانهن واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *