قومي ٻولين کي آئيني تحفظ ڏنو وڃي….

اڪيڊمي ادبيات پاڪستان جي ٽن ڏينهن جي سنڌ ڪانفرنس ۾ گهر ڪئي وئي آهي ته پاڪستان ۾ ڳالهايون ويندڙ مڪاني ٻوليون ”قومي ٻوليون“ بڻائي انهن کي آئيني ۽ انتظامي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ ٻولين جي باري ۾ جيڪي به رويا آهن، سي سڀ ترڪ ڪري پاڪستان کي هڪ بهترين ملڪ بڻائي سمورين آبادين جي ثقافت جو بچاءَ جون ڪوششون ڪيون وڃن. آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان، ڪراچي ۾ پڄاڻي تي پهتل اها ڪانفرسن ملڪ جي چئني صوبائي راڄڌانين ۾ ٿيڻي آهي. ان سلسلي ۾ پهرين ڪانفرنس ڪراچي شهر ۾ ٿي آهي. ٻولين جي باري ۾ پاڪستان ۾ هڪ ”فونو رڪارڊ“ تيار ڪري وڄايو وڃي ٿو. ان رڪارڊ ۾ اها رڪارڊنگ هر گهڙي وڄندي رهي ٿي، جنهن ۾ اها ڳالهه دهرائي ويندي آهي ته جي ٻولين جي مامري کي ڇيڙيو ويو ته ملڪ جو اتحاد ۽ ٻڌي پارو پارو ٿي ويندي. پر ان رڪارڊنگ وارن اها ڳالهه ڪڏهن به نه سوچي هئي ته ٻولين ۽ ثقافتن جي بچاءَ نه هجڻ سبب به ملڪن ۾ اتحاد نه رهندا ۽ گهڻين حالتن ۾ ته ايئن ڏٺو ويو آهي ت اهي ملڪ پنهنجي ڌار سڃاڻپ لاءِ علحدگي ۽ ريفرينڊم پاسي به ويندا رهيا آهن. آئرلينڊ ۽ اسڪاٽلينڊ جا ٻه ملڪ مثالطور ڏئي سگهجن ٿا جيڪي انگيلنڊ کان ڌار ٿي پنهنجي سڃاڻپ الڳ ڪرڻ ۾ رڌل رهيا. آئرلينڊ ته ڌار ٿي به ويو، اسڪاٽلينڊ ۾ هر ڏهين سال ريفرينڊم وسيلي پنهنجي عوام جي راءِ پڇن ٿا. هيڏو سارو سوويت يونين ڌار ڌار ٿي ويو ۽ ان يونين ۾ موجود ملڪ الڳ ٿي ويا. ڪئناڊا ۾ ڪيوبڪ صوبي ۾ ساڳي صورتحال آهي. بنگلاديش جي بيچيني ۽ انهن جي منطقي انجام تي وڌيڪ ڳالهائڻ ساڳيون ڳالهيون دهرائڻ آهن. پاڪستان جي انتظاميا توڙي سمورين صوبائي انتظاميائن تي اها ڳالهه فرض بڻجي ٿي ته اهي ملڪ ۾ سنڌي سميت اهم ٻولين جي باري ۾ پنهنجي پراڻي رڪارڊ کي ٽوڙي ملڪ ۾ ٻولين جي مسئلي کي حل ڪيو وڃي. ڪيڏو نه بهتر ٿئي، جيانهن ٻويلن جي باري ۾ ” ٻولي ڪميشن“ جوڙي ان ۾ صوبن جون سفارشون حاصل ڪري اهم ۽ اهل ٻولين کي قومي ٻولين جي دائري ۾ آندو وڃي ۽ انهن جي ترقيءَ جي باري ۾ اهي سمورا ڪم ڪيا وڃن جيڪي 67 ورهين کان هڪ خاص روش جي ڪري رڪيل آهن، ٿي نه سگهيا آهن ۽ جيڪي ڪرڻ لازمي آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *