قومي سلامتي واري خبر جو معاملو: پرويز رشيد خلاف جاچ نه ڪرڻ جو فيصلو

صحافين سان ڳالهائيندي چوڌري نثار چيو  آهي ته قومي سلامتي جي خلاف تڪراري خبر جي انڪوائري حڪومت جي اعلان ڪيل پاليسي تحت هڪ ڪميٽي ڪندي، پارليامينٽ جو ان سان واسطو نه آهي، جاچ پرويز رشيد خلاف نه پر ڪوڙي خبر ڏيندڙ جي باري ۾ ڪئي پئي وڃي، ڪميٽي هڪ ٻن ڏينهن ۾ ٺهي ويندي جنهن جي سربراهي هاءِ ڪورٽ جو رٽائرڊ جج ڪندو، ڪميٽي جي ميمبرن ۾ سينيئر آفيسر هوندا جن تي ڪو به آڱر کڻي نه سگهندو، ڪميٽي جا نالا وزيراعظم کي موڪليا ويا آهن. سينيٽ چيئرمين جو وڏو احترام ڪريان ٿو، هو پيپلزپارٽي جي انهن اڳواڻن مان آهي جيڪي جمهوريت، آئين ۽ قانون جي بالادستي جي باري ۾ واضح موقف رکن ٿا پر اها ڳالهه واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته ڊان جي قومي سلامتي جي خلاف تڪراري خبر جي انڪوائري حڪومت جي اعلان ڪيل پاليسي تحت هڪ ڪميٽي ڪندي پارليامينٽ نه ڪندي. انڪوائري پرويز رشيد جي خلاف نه آهي پر اها انڪوائري ڪوڙي خبر ڏيندڙ جي باري ۾ آهي. ڪميٽي ايندڙ هڪ ٻن ڏينهن ۾ ٺهي ويندي جنهن جو سربراهه هاءِ ڪورٽ جو اڳوڻو جج هوندو ۽ ميمبرن ۾ اهڙا سينيئر آفيسر هوندا جن تي ڪو به آڱر کڻي نه سگهندو. ڪميٽي جي ميمبرن جي نالن تي مشاورت مڪمل ٿي وئي آهي ۽ اهي وزيراعظم کي موڪليا ويا آهن ۽ اميد آهي ته سومر تي ڪميٽي قائم ڪئي ويندي. اسان به چاهيون ٿا جيڪو به غلط خبر جو محرڪ آهي ان جي نشاندهي ٿئي ۽ انهن الزامن جو منهن بند ٿئي جيڪي لڳي رهيا آهن ۽ قوم جي جان ڇٽي. هي نيشنل سيڪيورٽي جو معاملو آهي ڪا ٻارن جي راند نه آهي هر ڪنهن کي ذميواري جو ثبوت ڏيڻ گهرجي. ڪميٽي کي آزاد ۽ شفاف ماحول ۾ ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي. ڪميٽي جي نالن مان واضح ٿي ويندو ته حڪومت شفاف انڪوائري چاهي ٿي ته جيئن قوم آڏو حقيقتون اچي سگهن ۽ انتهائي اهم ۽ حساس معاملن تي سياست ڪندڙن جي حوصلا شڪني ٿي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *