قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان 21 هين ترميم جي منظوري

 

قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ آف پاڪستان فوجي عدالتن جي قيام لاءِ 21 هين ترميم ۽ آرمي ايڪٽ ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، توڙي جو جي يو آءِ (ف)، جماعت اسلامي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف ووٽنگ واري عمل ۾ حصو نه ورتو، پر پوءِ به حڪومت جنهن ريت ٻنهي اعليٰ ايوانن مان مسودن جي منظوري حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي، اهو وڏي اڪثريت سان چئي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ جو قومي اسيمبلي ۾ 247 ميمبرن مان سمورن آئيني ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏنو، اهڙي ريت سينيٽرن جي اڪثريت به آئيني ترميم ۽ آرمي ايڪٽ ۾ ترميم جي اڪثريت سان منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ فوجي عدالتن واري قيام وارو معاملو آئيني حيثيت اختيار ڪرڻ جي منظوري کان ٿورو پري آهي، بحرهال دهشتگردي خلاف پوري قوم جو اتفاق راءِ ۽ مينڊيٽ ترميمي مسودن جي منظوري کان واضح ٿي ويو آهي اتفاق راءِ سان منظوري دهشتگردن لاءِ خاص پيغام آهي ته هاڻي انهن جي دهشت جا ڏينهن پوريا ٿي چڪا آهن، هر ننڍو وڏو پاڪستاني دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ ميدان تي اچي چڪو آهي. ملڪ ۾ فوجي عدالتن جي قيام لاءِ ڪالهه جيڪي ترميمي مسودا قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ پيش ٿيا انهن جي منظوري جي موقعي تي توڙي جو مولانا فضل الرحمان جي پارٽي، جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ ووٽنگ واري عمل کان پاڻ کي پري رکيو پر سندن پاران ووٽنگ واري عمل ۾ ڪا روڪاوٽ نه وجهڻ ساراهه جوڳو عمل آهي، ڇاڪاڻ جو ان طرز عمل مان اهو واضح ٿئي ٿو ته مٿي ذڪر ڪيل پارٽين پاران ووٽنگ کان پري رهڻ جو مقصد اهو ڪونهي ته اهي دهشتگردن جو ن حامي آهن يا دهشتگردي جي خاتمي جون مخالف ناهن، بلڪه اهو مقصد هو ته پر امن احتجاج رڪارڊ ڪرايو وڃي ۽ اهو پيغام ڏنو وڃي ته فوجي عدالتن جي قيام لاءِ ترميمي مسودن کي منظوري لاءِ پيش ڪرڻ کان پهريان ڏنل تجويزن کي شامل نه ڪيو ويو، يا ائين کڻي چئجي ته اهميت نه ڏني وئي پر پوءِ به پر امن نموني ٽن اهم پارٽين پاران اڻ اعلانيل طور ڪارروائي جو بائيڪاٽ سندس جمهوري طرز عمل جي عڪاسي ڪري ٿو ، هيئنر حڪومت هڪ وڏي رڪاوٽ پار ڪري چڪي آهي، ڇاڪاڻ جو فوجي عدالتن جي قيام ۾ هاڻي ڪا رڪاوٽ نه رهي، بس هڪ اڌ معمولي رسمي ڪارروائي رهيل اهي، جنهن کانپوءِ آئين ۾ ترميم آئين جو باضابطه طور حصو بڻجي ويندي، پر حڪومت لاءِ هڪ آزمائش به شروع ٿي ويندي ته اها ڪهڙي ريت ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ٿي ته خاص عدالتن ۾ صرف انهن ماڻهن جا ئي ڪيس هلن جيڪي اهڙي ڪارروائي منهن ڏيڻ جا حقدار به آهن، ايئن نه ٿئي جو سياستدان، صحافي، واپاري ۽ٻيا حلقا جن کي چوڌري نثار علي خان متاثر نه ٿيڻ جي خاطري ڪرائي چڪو آهي، متاثر ٿين. هي عدالتون دهشتگردي جي مڪمل خاتمي واري خواب ساڀيان لاءِ قائم ٿي رهيون آهن ۽ اميد آهي ته دهشتگردي جي ستايل هي قوم هن نئين حڪمت عملي جي صورت پائيدار امن ڏسندي ۽ حڪومت جو اهو واعدو پورو ٿيندو ته هن ئي دور ۾ دهشتگردي جو خاتمو آندو ويندو. هنيئر ملڪ ۾ مڪمل اتفاق ۽ اتحاد واري فضا آهي ان کي ڪنهن به ريت متاثر نه ٿيڻ گهرجي، اميد آهي ته حڪومت ناراض پارٽين جا نه رڳو خدشا ختم ڪندي پر گڏوگڏ انهن خاطرين تي به عمل ڪندي جيڪي خاص عدالتن جي قيام کان پهريان ڪرايون ويون هيون،. جيڪي جائز خدشا آهن اهي دور ٿيڻ گهرجن باقي ڪجهه حلقا اهڙا به آهن جنهن جو ڪم رڳو واويلا ڪرڻ آهي، تنهن ڪري اهڙن حلقن کي خاطر ۾ نه آندو وڃي، هي قوم حڪومت ۽ پاڪ فوج سان گڏ آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ انهن جي هر وک سان گڏ وک وڌائي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *