قرباني جي کلن جو معاملو ۽ حڪومتي قدم…..

هن ڀيري وفاقي توڙي صوبائي سطح تي قرباني جي کلن کي گڏ ڪرڻ واري سنگين مسئلي جو نوٽيس ورتو ويو ۽ انهن تنظيمن تي ڪڙي نظر رکي وئي، جن زبردستي قربانيءَ جون کلون گڏ ڪيون يا ماضيءَ ۾ هُو ان سلسلي ۾ ڌمڪين ۽ دهمانن وسيلي قرباني ڪندڙ ماڻهن کي يرغمال بڻائينديون رهيون. هن ڀيري عيدالاضحيٰ جي موقعي تي انهن تنظيمن تي پابندي لڳائي وئي، جيڪي قرباني جي کلن جي عطيي کي دهشتگردي ۽ فرقيواريت لاءِ استعمال ڪنديون رهيون آهن، سڄي ملڪ ۾ قومي ايڪشن پلان تحت اهو فيصلو ڪيو ويو ته ڪنهن به تنظيم کي زبردستي قربانيءَ جون کلون گڏ ڪرڻ نه ڏنيون وينديون ۽ انهيءَ سلسلي ۾ سمورن ضلعن جي ڊي سيز ۽ ٻين عملدارن کي خاص هدايتون به جاري ڪيون ويون، جنهن بعد قلم 144 لاڳو ڪيو ويو ۽ زبردستي کلون گڏ ڪندڙ تنظيمي ماڻهن کي گرفتار به ڪيو ويو. نتيجي ۾ ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ رينجرز جي ڪارروائين سبب قرباني جون کلون گڏ ڪرڻ جو عمل معطل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، متحده جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار جو پريس ڪانفرنس دوران چوڻ هو ته رينجرز سندس جماعت پاران گڏ ڪيل کلن جي ٽرڪن کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، ان ڪري هو مجبور ٿي خدمت خلق فائونڊيشن لاءِ کلون گڏ ڪرڻ جو آپريشن بند ڪري رهيا آهن. هن ان ڳالهه کي به رد ڪيو ته متحده جا ڪارڪن جبري طور تي کلون گڏ ڪري رهيا هئا. هئڻ ته ائين کپي ته قرباني جون کلون مستحق ۽ غريب طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي ڏنيون وڃن، جيڪي ان جا حقيقي حقدار آهن، ڇوته قرباني صرف گوشت جي ناهي هوندي، جانور جي وار کان وٺي هر عضوو قرباني جي عمل ۾ شمار ٿئي ٿو، ان ڪري قربان ٿيندڙ جانور جي کل به انهيءَ مستحق ماڻهوءَ کي ملڻ گهرجي، جيڪو ان جو اصل حقدار هجي. معاشري ۾ ان ڳالهه کي به اجاگر ڪرڻ گهرجي ته قرباني جون کلون غريب ۽ بي پهچ ماڻهن کي ملڻ سان ان مان ملندڙ آمدني کي دهشتگرد پنهنجو معاشي ذريعو بڻائي نه سگهندا. حج دوران حاجي سڳورا ۽ انهن سان گڏ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ڪروڙين مسلمان جانور قربان ڪندا آهن، اهو مسلمانن جو اهڙو مذهبي فرض آهي، جيڪو نه رڳو اسان کي روحاني طور سرشار ڪري ٿو، پر اسان جي معاشري ۾ پيار، محبت ۽ ڀائيچاري کي به جنم ڏئي ٿو، حضرت ابراهيم عليه السلام جي قرباني جو مقصد الله پاڪ جي خوشنودي حاصل ڪرڻ هو، اسان جو به اهو ئي مقصد هجڻ گهرجي. اها حقيقت آهي ته موجوده حڪومت ملڪ ۾ امن امان جي قيام لاءِ جيڪي قدم کنيا آهن، انهن جو مثبت نتيجو ملي رهيو آهي، ان سان گڏوگڏ سرڪاري ادارن ۾ بدعنوانين کي ٻُنجو ڏيڻ لاءِ به بهتر قدم کنيا پيا وڃن، پر رڳو حڪومتي سطح تي ٿيندڙ فيصلا ڪافي ناهن، پر حڪومت سان گڏوگڏ ميڊيا، سماجي تنظيمن، عالمن، مقامي سطح تي چونڊجندڙ نمائندن توڙي هر مڪتب فڪر جي ماڻهن کي سماجي سڌارن لاءِ اجتماعي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. قربانيءَ جون کلون اصل حقدارن تائين پهچائڻ لاءِ حڪومتي قدمن کي ڪامياب بڻائڻ جي ذميوارين ۾ شهرين جو فرض به شامل آهي ته هو ان حوالي سان اڳڀرا ٿين، ڇوته انسانيت جي فلاح لاءِ هر شخص کي پنهنجي سوچ کي مثبت بڻائڻو پوندو ۽ پنهنجي من ۾ نيڪ ارادن لاءِ اهڙي قوت پيدا ڪرڻي پوندي، جيڪا درست فيصلو ڪرڻ جي ضامن بڻجي سگهي، هر انسان کي پنهنجا ذاتي مفاد اجتماعي مفادن کي هٿي ڏيڻ لاءِ قربان ڪرڻا پوندا، انصاف جي سائميءَ کي متوازن رکڻ لاءِ پنهنجي نفس جي انهن خواهشن کي مارڻو پوندو، جيڪي انساني حقن جون قاتل بڻجن ٿيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *