قدرتي آفت جو حقيقي پتو لڳايو وڃي

ٿرپارڪر ضلعو جنهن ۾ اڄ ڪلهه موت جو راڪاس لامارا ڏيندو نظر اچي رهيو آهي اهو ڏينهن خالي ناهي جڏهن ڪنهن ماءُ جي جهولي خالي ٿيڻ واري خبر نه ٿي پهچي هن وقت تائين 82 ٻارڙا موت جا شڪار ٿي چڪا آهن. جڏهن ته اسان جي صوبائي حڪومت رڳو ان بحث ۾ رڌل آهي ته اهي ٻارڙا غذائي کوٽ جي ڪري اجل جو شڪار نه ٿي رهيا آهن جڏهن ته ميڊيا جو سڄو زور ان ڳالهه تي آهي ته ٻارڙن جي موت جو اصل سبب ”غذائي کوٽ“ ئي آهي. هجڻ ته ائين کپي ها ته اهو بحث ڪا وڏي ڊيگهه اختيار ڪرڻ بجاءِ هڪ ٻن ڏينهن اندر هلي پورو ٿي چڪو هجي ها پر خبر ناهي ته انهي بحث مان ڪهڙيون ڌريون ڪهڙا فائدا حاصل ڪرڻ گهرن ٿيون ۽ اهو بحث ڪهڙا لڪل مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي شَد مَد سان جاري رکڻ جا جتن ڪيا پيا وڃن. پر ٻئي طرف حڪومت جي ڪوششن سان ڪنهن نه ڪنهن حد تائين ضلعي ۾ موجود ڪجهه اسپتالون ۽ بي ايڇ يو سينٽر سرگرم ٿيا آهن ليڪن ان هوندي به ٻارڙن جي مرتئي ۾ لاٿ اچڻ وارا امڪان ڪٿان به نظر نه ٿا اچن. هن وقت جيتوڻيڪ پاڪ فوج پاران 29 ميڊيڪل ڪئمپون قائم آهن جتي مريضن جو علاج ڪيو پيو وڃي ۽ هيلتائين 18 هزار 491 مريضن جو علاج ڪرڻ کانسواءِ 150 ٽن راشن پڻ ورهايو ويو آهي، اهڙي ريت بحريا فائونڊيشن پاران ”دسترخوان“ به هلندڙ آهي، مختلف اين جي اوز پاران ڪئمپون قائم آهن.حڪومت پاران هر ڪٽنب ۾ مفت ڪڻڪ ورهائي پئي وڃي. جڏهن ته دعوت اسلامي سميت ڪيترين ئي مذهبي جماعتن پاران امدادي ڪارروايون هلندڙ آهن. ايترو ڪجهه ٿيڻ باوجود ٻارن جو فوت ٿيڻ واقعي ڳڻتي جوڳو آهي. ڪٿي ائين ته ناهي ته سرڪاري اسپتالن ۾ ٻه نمبر دوائون استعمال ڪيون پيون وڃن جن جي استعمال سان ٻار فوت ٿي رهيا آهن. اسان حڪومت جي ڳالهه کي جيڪڏهن ويچار هيٺ آڻيون ته اهي ٻار ٿڌ سبب فوت ٿي رهيا آهن ته پوءِ ته ڪيترائي سوال ضرور پيدا ٿين ٿا ته ٿر ۾ سيءُ يا ٿڌ ڪا پهريون ڀيرو نه پئي آهي اها ٿڌ ته ٿرين کي ڄڻ ته ورهين کان سندن نصيب ۾ لکجي ملي آهي ”سارو ته سيارو مون گنديءَ ۾ گذاريو“ وارو لوڪ گيت ٿر واسين جي سڄي رهڻي ڪهڻي جي مڪمل عڪاسي ڪري ٿو، سڄو سيارو ”گندي ۾ گذارڻ“ واريون ٿرياڻيون اتر جي ٿڌڙين هوائن جو نسلن کان مقابلو ڪنديون آيون آهن ته پوءِ اها ڪهڙي ٿڌ آهي جيڪا ٿرجي معصوم ”اهنجن“ جي موت جو سبب بڻجي رهي آهي جيڪڏهن ٿر ۾ ٻارڙا ٿڌ وگهي فوت ٿي رهيا آهن ته پوءِ ته اها هڪ وڏي ”خوفائتي وارننگ“ آهي ڇاڪاڻ ته سيارو ته اڃا آيو ئي ڪو نه آهي. ايندڙ 4 مهينا ته سخت ٿڌ ذريعي ڀٽن کي برف بڻائي ڇڏيندا ته پوءِ ڇا جيڪي اڄ جيڪڏهن انهن ٿڌ وگهي ڪالهوڪي ڏينهن 11 ٻار فوت ٿيا آهن ته پوءِ ايندڙ چئن مهينن دوران ڇا روزانو ڪيئي درجن ٻار فوت ٿيندا ته پوءِ ڇا حڪومت وري به اهو ئي چوندي رهندي ته اهي ٻارڙا ٿڌ وگهي فوت ٿي رهيا آهن. اسان سمجهون ٿا ته حڪومت کي ماهر ڊاڪٽرن تي ٻڌل هڪ جاچ ڪاميٽي جوڙي اها جاچ ڪرائڻ گهرجي ته ٿر ۾ ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جا اصلي ڪارڻ ڪهڙا آهن. جيستائين اهي اصلي سبب سامهون نه ايندا تيستائين وڏي وزير سميت حڪومتي ڪارندن جا ايندڙ سڀئي ابتا سُبتا بيان حڪومت لاءِ وڌيڪ ڏکيائيون پيدا ڪندا رهندا ۽ حڪومت پاڻ کي دفاعي پوزيشن ۾ ڪيستائين آڻيندي رهندي تنهن جو فيصلو به حڪومت کي ڪرڻ گهرجي. اسان هتي ٿر مان آيل ٻن خبرن کي به ذڪر هيٺ آڻڻ پنهنجو فرض سمجهون ٿا ته جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ٿر جي اٺن ۾ پراسرار بيماري پکڙجي وئي آهي جنهن ڪري ڪيترائي اٺ بيمار ٿي چڪا آهن اهڙي ريت ننگرپارڪر مان پهتل خبرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مورن ۾ به بيماري پکڙجي چڪي آهي جنهن ڪري ڪيترائي مور پڻ مري ويا آهن اسان سمجهون ٿا ته ڪٿي ائين ته ناهي ته ڪا ماحولياتي گدلاڻ يا ڀارت پاران ڪيل ڪنهن ڪيميڪل تجربي جي ڪري ٿر واسي ۽ انهن جا اٺ ۽ مور اڻ ڏٺل آفت جو شڪار ٿي رهيا آهن ان ڪري ٿر جي ماحولياتي بابت به ماحوليات کاتي کي پنهنجي جاچ ڪري رپورٽ ڏيڻ گهرجي ۽ جانورن وارو کاتو پڻ فيڪٽ فائينڊنگ ڪري پنهنجي رپورٽ پڌري ڪري ته جيئن ٿر ۾ آيل قدرتي آفت جو حقيقي پتو لڳائي ٿر کي مستقبل ۾ ڪنهن وڏي انساني الميئي کان محفوظ بڻائي سگهجي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *