فلاءِ اوور 750 ملين رپين جي لاڳت سان تيار ٿيندو. انهيءَ موقعي ته مڪاني ادارن جو صوبائي وزير سيد ناصر شاهه ۽ وزير اعليٰ سنڌ جو پرنسپل سيڪريٽري علم الدين بلو، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ساجد عباسي، ميونسپل ڪمشنر سميع صديقي ۽ ٻيا موجود هئا.

گذريل ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڪورنگي ڪراسنگ وٽ فلاءِ اوور جي پيڙهه جو پٿر رکڻ کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن تي فوج کي مقرر ڪرڻ تي اسان جي حڪومت کي ڪوبه اعتراض نه آهي. اسان به ايندڙ مڪاني ادارن جي چونڊن دوران امن امان برقرار رکڻ لاءِ احتياتي قدم کنيا آهن، وڏي وزير جو چوڻ هو ته درازا واقعي جا ملزم گرفتار ڪيا ويا آهن. مڪاني چونڊن جي ايندڙ مرحلن ۾ ٽنهي ڊويزنن جي پندرهن ضلعن لاءِ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن. انتهائي حساس قرار ڏنل رڳو ٻه ضلعا سانگهڙ ۽ بدين آهن باقي انهن کان سواءِ 13 ضلعن جون ڪجهه يونين ڪائونسلون حساس آهن. سمورا ضلعا جتي مڪاني چونڊون ٿي رهيون آهن اتي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ سمورا ضروري قدم ڪيا ويا آهن. پوليس ۽ رينجرز جي مقرري جي حوالي سان پهريان ئي سمورا ڪم مڪمل ڪيا ويا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هن درازا شريف جي ملزمن خلاف ڪارروائي جي بابت پير پاڳاري سان ڳالهايو آهي، ان کان سواءِ 15 ضلعن خاص طور سانگهڙ ۾ مڪاني چونڊن کي پرامن انعقاد جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. مون کي يقين آهي ته پير پڳارو صاحب مطمئن آهي. حڪومت چيف جسٽس آف سنڌ هاءِ ڪورٽ کي درازا شريف واري ڏکوئيندڙ سانحي جي جاچ لاءِ پهريان ئي جوڊيشل انڪوائري لاءِ جج جي مقرري جي درخواست ڪري چڪي آهي. ڪورنگي ڪراسنگ فالاءِ اوور بابت سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اهو منصوبو 750 ملين رپين جي لاڳت سان مڪمل ٿيندو ۽ ان جا ٻه ليول آهن، پهرين ليول تي لاڳت جو تخمينو 404.926 ملين رپيا ٿيندو. فلاءِ اوور جي ڊيگهه 408 ميٽر آهي جيڪو 12 مهينن جي مدت ۾ مڪمل ٿيندو .مڪاني ادارن وارو صوبائي وزير وڏي محنت ڪري رهيو آهي ۽ هو روزاني جي بنياد تي ان منصوبي جي نگراني ڪندو. ان منصوبي سبب ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ رهندڙن کي وڏي سهولت ميسر ٿيندي ان موقعي تي فلاءِ اوور 750 ملين رپين جي لاڳت سان تيار ٿيندو. انهيءَ موقعي ته مڪاني ادارن جو صوبائي وزير سيد ناصر شاهه ۽ وزير اعليٰ سنڌ جو پرنسپل سيڪريٽري علم الدين بلو، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ساجد عباسي، ميونسپل ڪمشنر سميع صديقي ۽ ٻيا موجود هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *