غيرملڪي ايجنسين جي سرگرمين تي ڳڻتي

سياسي ۽ عسڪري قيادت پاڪستان ۾ ڀارت جي ڳجهي ايجنسي را سميت غيرملڪي ايجنسين جي سرگرمين تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي معاملو عالمي سطح تي کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهڙو فيصلو وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيل قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل راشد محمود، اسحاق ڊار، چوڌري نثار، ڊي جي آءِ ايس آءِ، قومي سلامتي بابت وزيراعظم جي صلاحڪار ناصر خان جنجوعه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جاري ڪاررواين جو تفصيلي جائزو ورتو ويو جڏهن ته ملڪي سلامتي ۽ سرحدي سيڪيورٽي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جڏهن ته قومي سلامتي ڪميٽي دهشتگردي خلاف آپريشن تي اطمينان جو اظهار ڪندي فيصلو ڪيو ته آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين آپريشن ضرب عضب جاري رهندو جڏهن ته اجلاس ۾ سول ۽ عسڪري قيادت ملڪ ۾ ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جي مداخلت سميت ٻين ايجنسين جي سرگرمين تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان کي عالمي سطح تي کڻڻ جو فيصلو ڪيو جڏهن ته اجلاس ۾ آمريڪا ۾ ٿيندڙ جوهري سلامتي ڪانفرنس، آمريڪا کان ايف 16 جهازن جي خريداري ۽ هٿياربند فوج جي ترقياتي پروگرامن جو به جائزو ورتو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ سياسي ۽ عسڪري قيادت پاران ملڪ اندر پرڏيهي ڳجهن ادارن جي سرگرمين ۽ پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ وارين ”را“ جي ڪوششن تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ملڪ اندر پرڏيهي ايجنسين جي ايجنٽن جي سرگرمين وارو معاملو عالمي سطح تي اٿاريو ويندو. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته پاڪستان جو ايٽمي پروگرام محفوظ هٿن ۾ آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سڪيورٽي ادارن جي قربانين کي سڄي دنيا ۾ ساراهيو پيو وڃي. اجلاس ۾ دهشتگردي خلاف هلندڙ ڪارروائين جو جائزو ورتو ويو ۽ آپريشنز تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو، ان موقعي تي ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪا ۾ ٿيل ائٽمي سلامتي ڪانفرنس، ايف 16 جهازن جي خريداري ۽ پاڪ فوج جي ترقياتي پروگرمن جو به جائزو ورتو ويو، واضح رهي ته ڪالهه سيڪيورٽي فورسز پاڪ افغان بارڊر تي ڪارروائي ڪري افغان انٽيليجنس جي آفيسر کي گرفتار ڪيو، گذريل مهيني ساڳئي علائقي مان را جي حاضر سرورس آفيسر کي به گرفتار ڪيو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *