غيرت جي نالي تي قتل ٿيندڙ نياڻيون ۽ پيش ڪيل بل..!!!!

 

سينيٽ آف پاڪستان ۾ غيرت جي نالي تي قتل بابت سينيٽ آف پاڪستان بل جي منظوري ڏني وئي آهي، جنهن موجب ڪارو ڪاري جي نالي ۾ ٿيندڙ واقعي تي راضي نامي وسيلي جوابدار کي معافي نه ملندي، جڏهن ته حراست ۾ تشدد ۽ لڄالٽ بابت 4 بل منظور ڪيا ويا، هاڻي قانونسازي بعد اهو ٿي سگهندو ته غيرت جي نالي ۾ ٿيندڙ قتلن تي ڌريون ڪوٺاهه يا صلح نه ڪري سگهنديون. سينيٽ ۾ پ پ جي سينيٽر صغريٰ امام جي فوجداري ايڪٽ 1998 جي شق 6 ۾ ترميم وارو بل منظور ڪيو ويو، زوري زنا بابت اينٽي ريپ ترميمي بل 2013 هيٺ ناقص جاچ ڪندڙ آفيسر توڙي متاثر عورت جو نالو ظاهر ڪندڙ کي 3 سال ۽ ڏاڍائي جو شڪار عورت جو نالو شايع ڪندڙ کي 2 سال ٽيپ ايندي، پوليس جي تحويل ۾ آيل عورت سان جنسي ڏاڍائي جي صورت ۾ مقرر عملدار سزا جا حقدار هوندا، 18 سالن کان گهٽ ڄمار واري ناري جي صورت ۾ آفيسر کي جنم ٽيپ ايندي، جڏهن ته متاثر بل تحت عورت جو طبي معائنو ۽ ڊي اين اي لازمي طور ڪرائڻي پوندي، هاڻي حراست ۾ آيل باندي تي تشدد ڪندڙ توڙي ان جي مددگار کي وڌ ۾ وڌ 10 ۽ گهٽ ۾ گهٽ 5 سال سزا ملندي، 10 لک رپيا ڏنڊ الڳ هوندو، اها رقم متاثر ٿيل شخص کي ملندي، ان کانسواءِ جيڪا قانون سازي ٿي آهي، تنهن موجب تحويل اندر موت يا زنا ٿيڻ جي صورت ۾ ذميوار يا وري سندس مددگارن کي جنم ٽيپ ۽ 30 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ملندي، هاڻي اهو به ٿي سگهندو ته عورت جوابدار مرد اهلڪارن جي تحويل ۾ نه پر عورت عملدارن جي ئي تحويل ۾ هوندي، هينئر جيڪڏهن جسماني اذيت ڏئي ڪو بيان حاصل ڪيو ويندو ته اهو قبول ڪرڻ جهڙو نه هوندو. سينيٽ ۾ جيڪا قانونسازي ٿي آهي، يقينن انتهائي بهترين آهي، اهڙي عمل جي نه رڳو تعريف ٿيڻ گهرجي پر عمل جي حوالي سان به هر طرف کان آواز اٿڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو منظور ڪيل قانون اسان جي معاشري ۾ موجود ڪجهه خرابين جي خاتمي جو سبب بڻيا، اهو تڏهن ٿي سگهندو جڏهن قانونسازي تي عمل ڪيو ويندو ۽ سو به ان جي روح موجب باقي جي رڳو قانونسازي تي قانونسازي مٿان زور هوندو ۽ عمل درآمد ٻڙي هوندو ته پوءِ ڪاغذي ڪارروائين جو ڪو فائدو ناهي، پر ان کي وقت جو ذيان چئجي ته به وڌاءُ نه ٿيندو، اسان وٽ ڪارو ڪاري هيٺ قتل سدائين راڄوڻي وسيلي لئي مٽي ڪيو ويندو آهي، زنا، جنسي ڏڍائي، مطلب ته ڪافي معاملا قانون کان هٽي ڪري اڪلايا وڃن ٿا ۽ نتيجو اهو ٿو نڪري ته متاثر فرياد ڌر سان انصاف نه ٿو ٿئي، ماڻهو ناانصافي تي مايوسي جو شڪار ٿي وڃن ٿا ۽ پوءِ يا ته انتهائي قدم کڻندي آپگهات ڪن ٿا، يا وري سماجي بي راهه وري جو شڪار ٿي غلط گس وٺن ٿا، سينيٽ آف پاڪستان ۾ جن به مسئلن کي نظر ۾ رکندي قانونسازي ڪئي وئي آهي، اها آجيان جوڳي آهي، پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان قانونسازي کي عمل جو عملي جامو پارايو وڃي، ان سان گهٽ ۾ گهٽ اهو ٿيندو ته نه ناانصافي نه ٿيندي نه وري پوليس گردي ٿي سگهندي، سڀ کان وڏو فائدو متاثر ڌر جو آهي ۽ اهوئي هن دور جو وڏو اهم مسئلو آهي ته مظلوم سدائين داد رسي لاءِ ٻاڏائيندو رهي ٿو. اسان وٽ ماضي ۾ جرڳن سميت ٻين مختلف معاملن تي به قانونسازيون ٿيون آهن، اهي ڪم ته سٺا هئا پر افسوس جو جرڳا هاڻ به ٿين پيا، خونن جا خون وڏيرن جي منشا تي لوڙهئي وڃن ٿا، ٻيا به الاهي سارا معاملا اهڙا آهن جن جي حوالي سان قانونسازي ته ٿي پر عمل اڃا به سواليه نشان آهي، اسين هتي اهائي اپيل ۽ گذارش ڪنداسين ته هن نيڪي جي ڪم ۾دير نه ٿي وڃي ۽ سينيٽ آف پاڪستان جيڪي بل منظور ڪيا آهن انهن تي طريقيڪار موجب ۽ روح موجب عمل کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن عام ماڻهو جو ويساهه بحال ٿي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *