عورتن کي تحفظ ڏيڻ وارو سوال…؟

 

هونءَته سنڌ ۾امن امان جي صورتحال نهايت ئي خطرناڪ آهي.پرڏينهون ڏينهن ويتر خراب ٿيندي پئي وڃي.نه ئي سنڌ جا وڏا شهرنامي گرامي رهزنن،ڀتاخورن،ٽارگيٽ ڪلرن،دهشتگردن جي دهشت ۽وحشت کان محفوظ آهن.۽نه ئي وري ننڍا شهر ۽ ڳوٺ سنڌي سماج لاءِ ناسور بڻيل ڌاڙِيلن ڦورن اغواڪارن ۽چورن کان بچيل آهن.هڪ سروي موجب ڪراچي شهر هڪ سال کان وفاقي فورسز ۽ پوليس حوالي آهي،۽ روزانو فورسز ٽارگيٽو آپريشن ۽ڪارروايون ڪن پيا.تنهن هوندي به روزانو10.8ماڻهون اجل جو شڪار ٿي رهيا آهن،ته ٻئي پاسي سنڌ جي ٻهراڙين ۾ نام نهاد سردارن،ڀوتارن،تمندارن،پيرن ميرن،۽پوليس عملدارن جي ڇپر ڇانو۽ چونديل نمائندن جي سرپرستي هيٺ قبيلائي برادري ۽ هٿ ٺوڪين مدي خارج ريتن رسمن تحت 6.5 ماڻهون روزانو ڪسجي رهيا آهن.باقي ڌاڙن، ڦرين ،چورين ۽ اسٽريٽ ڪرائيم جي ڏوهن جو ته ڪو اندازوئي ڪونهي. جتي سفيد پوش ڪاروباري ماڻهن کي اغوا ڪري ڀنگ وٺڻ روزمره جو ڌندو بڻجي چڪو آهي.ته اتي وري نابالغ هندو ڇوڪرين کي ورغلائي يا اغوا ڪري مال ميڙيندڙ ڌڻين جي هٿ تي زبردستي اسلام قبول ڪرائي ساڻن شاديون رچايون وڃن ٿيون پر سڀ کان وڌيڪ جيڪو سنڌي نياڻيءَ سان انياءُ ٿي رهيوآهي سو آهي سنڌي قوم جي صديون پراڻي روايتن ۽ اعليٰ معياري قدرن جو ڏيوالو ڪڍڻ،ڪو وقت هو جو سنڌي نياڻين کي ستن قرآنن جو درجو ڏنو ويندو هو،اتفاق سان جيڪڏهن ٻن ڌرين ۾ڪو جهيڙو جهٽو يا خونريزي ٿيندي هئي ته عورتن جي ميڙ منٿ وٺي وڃڻ تي خون معاف ڪيا ويندا هئا۽ڌريون کير کنڊ ٿي وينديون هيون.جيڪڏهن چور،ڌاڙيل يا ڦورو ڪا قهري ڪاروائي ڪندا هئا تڏهن به عورتن کان ڪائي ڦرنه ڪئي ويندي هئي،۽ نه ئي ساڻن ڪا بدتميزي ڪئي ويندي هئي.پر اتفاق سان اڻڄاڻائيءَ ۾چور يا ڌاڙيل ڪا اهڙي ڪاروائي ڪري به ويندا هئا ته اها چوري ڪيل پيتي يا هڙ جنهن ۾ عورتن جا لٽا ڪپڙا هوندا هئا سي واپس ڪيا ويندا هئا.يا وري جهيڙن جهٽن دوران ننڍن ٻارن عمر رسيده بزرگن ۽ عورتن کي ڪجهه به نه چيو ويندو هو.افسوس جو هاڻي اهي ڳالهيون ڄڻ ماضيءَ جا قصا ۽ ڪهاڻيون بڻجي چڪا آهن.تازو ئي شڪارپور ۾ ماريه شاھ تي تيزاب هاري سندس خوبصورت چهرو بگاڙيو ويو،جهول جي زينت ڀيو جي عزت لٽي سندس وڊيو ڀري نيٽ تي اپ لوڊ ڪئي وئي،ميهڙ ۾ ڪائنات سان قهر ڪري سندس جيئڻ جنجال ڪيو ويو،لاڙڪاڻي جي سنڌو سومرو کي حوس جو نشانو بڻائي کيس گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو،چوڻ جو مطلب هي آهي ته سنڌ ۾هر روز حوا ڄاين سان روز ڪٿي نه ڪٿي ڪونه ڪو ڪلور يا ڪيس ٿيندي. نظر اچي ٿو.پاڻ جيڪڏهن سنڌي نياڻين سان ٿيندڙ فقط 5 سيڪڙو واقعن جو ذڪر ڪنداسين ته دردن جا وڏا داستان جڙي پوندا .

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اهڙن وحشين خلاف صرف حڪومت کي ئي نه پر اسان سڀن کي گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي انهن تي نظر رکڻي پوندي ۽ انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ لاءِ عملي ڪم ڪرڻا پوندا جيئن اهڙن وحشي صفتن کي عبرتناڪ سزا ڏياري سگهجي ته جيئن هر نياڻي بغير ڪنهن خوف حرام جي زندگي گذاري سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published.