عمران تي لڳل سنگين الزامن جي جاچ وقت جي ضرورت…!

گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ ايم اين اي عائشه گلالئي پارٽي تان استعيفيٰ ڏئي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته تحريڪ ۾ ڇوڪرين توڙي عزتدار عورتن جون عزتون محفوظ ناهن، جنهن ڪري ڪيتريون ئي عورتون پارٽي جي ماحول سبب پريشان آهن، عمران خان ۽ سندس ٽولي جي هٿان تحريڪ انصاف ۾ شامل عورتن جون عزتون محفوظ ناهن، پيپلزپارٽي ۾ عورتن جي وڏي عزت ڪئي ويندي آهي، عمران خان ڪارڪنن جي تذليل ڪندو آهي، عمران خان نفسياتي مريض آهي، جنهن ڪري ٽيلنٽڊ نوجوانن کان سڙندو آهي، عمران خان هڪ گڏجاڻي ۾ محترمه بينظير ڀٽو بابت انتهائي غلط ڳالهايو، جنهن تي مونکي ڏاڍو افسوس ٿيو، عمران  خان رڳو زندهه ماڻهن کي نه پر مئل ماڻهن خلاف به غلط لفظ استعمال ڪندو آهي، عمران خان پاڻ کي وڏو عقلمند ۽ باقي سڄي پاڪستان جي عوام کي بيوقوف سمجهندو آهي، ڪي پي ڪي ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ٿي رهي آهي، ڪيترائي ڀيرا عمران کي آگاهه ڪيو ويو پر هن نوٽيس نه ورتو، وڏي وزير پرويز خٽڪ ٺيڪن جي غيرقانوني ليزنگ ڏيندو آهي، پرويز خٽڪ پنهنجي سوٽ کي تنگي مائنز ۾ غيرقانوني ليز ڏني، پرويز خٽڪ خلاف ڪرپشن جا ثبوت کڻي عمران خان وٽ وياسين، عمران نيازي جن کي رد ڪري سائيڊ تي رکي ڇڏيو، پرويز خٽڪ ۽ جهانگير ترين جي ٺيڪن سان عمران جو ڪچن هلندو آهي، آڪٽوبر 2013ع ۾ عمران خان جو پهريون ٽيڪسٽ ميسيج مليو، عمران خان جو ڀل بليڪ بيري چيڪ ڪيو وڃي، عمران خان عورت ڪارڪنن کي چوندو آهي ته اوهان به بليڪ بيري رکو ڇاڪاڻ ته ان مان ميسيج ٽريس ناهي ٿيندي، ميسيجن ۾ اهڙا الفاظ هوندا هئا جيڪي ڪوبه غيرتمند بردداشت نه ڪري سگهندو، عمران خان کي جيڪي ماڻهو فرشتو سمجهن ٿا اهو هڪ شيطان آهي ۽ شيطاني ذهنيت رکندڙ شخص آهي، عمران خان جي هٿان ڪنهن به نياڻيءَ جي عزت محفوظ ناهي، آئون مائرن کي ٿي چوان ته تحريڪ انصاف ۾ ڪنهن به نياڻي جي عزت محفوظ ناهي، جنهن ڪري ڪوبه والدين پنهنجين نياڻين کي تحريڪ انصاف ۾ شموليت ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ سخت قدم کڻي، تحريڪ انصاف ۾ ايم اين ايز جي به ڪا عزت ناهي ڪئي ويندي، جنهن ڪري پارٽي جا اڪثر ايم اين ايز ناراض به آهن، عائشه گلالئي سپريم ڪورٽ کان مطالبو به ڪيو آهي ته تحريڪ انصاف ۾ شامل عورت ورڪرن ۽ ايم اين ايز کي گهرائي پڇا ڪئي وڃي ته پارٽي ۾ ساڻن ڪهڙو رويو اختيار ڪيو ويندو آهي، آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 ۾ اخلاقيات جي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي، عورتن جي عزت نه ڪرڻ تي عمران خان کي نااهل قرار ڏنو وڃي، ٽڪيٽ ڏيڻ وارو ڪو مسئلو ناهي، گلالئي عمران خان کي چئي ڇڏيو آهي ته هاڻ تنهنجو وارو آهي، تحريڪ انصاف جو ماحول اهڙو ناهي جهڙو دنيا کي ڏيکاريو ٿو وڃي، پارٽي اندر ڪرپشن ۽ عورتن جي عزت نه هئڻ سبب عورت ورڪر احتجاج ڪري رهيون آهن،

هڪ پارٽي جي قومي اسيمبلي جي ميمبر پارٽي سربراهه تي سنگين الزام هڻي ٿي ته انهن ۾ ڪجهه ته هوندو، اسان اعليٰ عدالت سڳري ۽ مقدس ايوان کي عرض ڪنداسين ته عائشه گلالئي جي سنگي الزامن جو نوٽيس ورتو وڃي جيڪڏهن عمران خان واقعي ذميوار آهي ته کيس نااهلي ڪري نيڪالي ڏني وڃي ۽ جيڪڏهن الزام هڻندڙ غلط بياني کان ڪم ورتو آهي يا ڪنهن جي چوڻ يا پئسن  لي لالچ ۾ اچي الزام تراشي ڪئي آهي ته سندس خلاف به ڪارروائي ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *