عذير بلوچ جي گرفتاري

لياري امن ڪميٽي جو سربراهه عـُذير بلوچ کي گرفتار ڪيو ويو، رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته عــُذير بلوچ کي ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيڻ وقت گرفتار ڪيو ويو. رينجرز ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته لياري گينگ وار جي سربراهه عذير بلوچ کي گرفتار ڪيو ويو آهي. عذير بلوچ کي ڪراچي جي ٻاهران ان وقت گرفتار ڪيو ويو جڏهن هـُو شهر ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. عذير بلوچ جي قبضي مان هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا آهن جڏهن ته کيس اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي. عذير بلوچ قتل، قتل جي قدمن، ڀتي خوري ۽ اغوا سميت 50 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ پوليس کي انتهائي گهـُربل هو ۽ هـُو تمام گهڻي عرصي کان روپوش هو جڏهن ته سندس سِر تي 50 لک رپيا انعام رکيل هو، عذير بلوچ 2013ع ۾ ٽارگيٽ ڪلرز ۽ ڏوهارين خلاف آپريشن شروع ٿيڻ تي پرڏيهه فرار ٿي ويو هو. عــُذير بلوچ کي انٽرپول جي مدد سان دبئي ۾ گرفتار به ڪيو ويو هو ۽ ڪراچي پوليس جي ٽيم ارشد پپو قتل ڪيس جي مرڪزي جوابدار کي پاڪستان منتقل ڪرڻ لاءِ دبئي به وئي هئي پر عذير بلوچ ڏيهه منتقل نه ٿي سگهيو. لياري گينگ وار جي سربراهه رحمان ڊڪيت جي مارجڻ کانپوءِ عـُذير بلوچ کي گينگ وار جو سربراهه بڻايو ويو هو جڏهن ته عذير بلوچ پيپلز امن ڪميٽي جو سربراهه پڻ رهيو.

لياري گينگ وار جي گرفتار اڳواڻ اڳوڻي وزير اعظم بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي مُک شاهد خالد شهنشاهه ۽ ارشد پپو سوڌو 400 کان وڌيڪ ماڻهن جو قتل قبولي ورتو آهي، لياري گينگ وار جي مُک اڳواڻ عزير بلوچ پڇاڳاڇا دوران اهم انڪشاف ڪيا آهن، جن ۾ بينظيرڀٽو قتل ڪيس جي مک  شاهد خالد شهنشاهه ۽ لياري ۾ پنهنجي مخالف گروهه جي اڳواڻ ارشد پپو سوڌو 400 کان وڌيڪ ماڻهن جو قتل قبوليو آهي.عزير بلوچ ڪيترن ئي اهم رازن تان پردو کڻندي ٻڌايو ته لياري جي علائقي گاهه منڊي ۾ هلندڙ جوئي جي اڏن مان ملندڙ اپت جو هڪ وڏو حصو پوليس آفيسرن ۽ حڪومتي شخصيتن کي به ويندو هو.جڏهن ته لياري گينگ وار جا ڪارڪن وارداتن لاءِ پوليس جون گاڏيون به استعمال ڪندا هئا. انکانسواءِ عزير بلوچ لياري ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن جي ڪارڪنن کي پئسن بدلي پناهه ڏيڻ  وارو ڏوهه  به قبوليو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *