عدالتي حڪم ۽ نيب جو ڪردار

سپريم ڪورٽ ۾ غير قانوني زمين الاٽمينٽ ڪرڻ واري ڪيس ۾ بورڊ آف روينيو جي سينيئر ميمبر ۽ مڪاني کاتي جي سيڪريٽري کي طلب ڪندي زمينن جي منتقلي کان روڪي ڇڏيو، چيف سيڪريٽري کي هدايت ڏني ته 3 ڏينهن ۾ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي ۾ ايم ڊي مقرر ڪيو وڃي ايندڙ ٻڌڻي تائين زمينن کي وڪرو نه ڪيو وڃي . جسٽس امير هاني مسلم ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ڏنا ته بورڊ آف روينيو جي سينيئر ميمبر جي بيان تي چيئرمين نيب ۽ ڊي جي نيب کي گهرايو آهي پر هو وري پاڻ اسلام آباد ويٺو آهي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جسٽس اميرهاني مسلم،جسٽس عظمت سعيد ۽ جسٽس خلجي عارف حسين تي ٻڌل 3 رڪني بينچ گڏاپ ٽائون جي 8ديهن ۾ هڪ لک ايڪڙ زمين بحريا ٽائون کي الاٽمينٽ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي .

ٻڌڻي دوران چئيرمين نيب ،ڊي جي نيب ،چيف سيڪريٽري سميت ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي .نجي هائوسنگ ڪمپني جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته اها زمين خانگي ماڻهن کان خريد ڪئي آهي جنهن ۾ فيصل ٽائون، شاهه لطيف ٽائون، تيسر ٽائون سميت 43 ديهون شامل آهن.ڊي جي نيب عدالت کي ٻڌايو ته الاٽ ڪيل زمين سرڪاري آهي، جيڪا روينيو عملدارن غيرقانوني طور تي الاٽ ڪئي آهي. عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ ڪراچي ڪيس ۾ زمينن جي الاٽمينٽ تي پابندي لڳائي آهي ان باوجود زمينن جي الاٽمنٽ ڪئي وئي. عدالت سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو کي طلب ڪيو ته چيف سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته سينيئر بورڊ آف ميمبر اسلام آباد ويل آهي اوهان جي خدمتن ۾ ٻيا آفيسر ويٺا آهن.

جسٽس امير هاني مسلم ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ڏنا ته هو سڀ هتي ويٺا آهن، جڏهن ته نيب چيئرمين ۽ ڊي جي نيب کي به ان جي چوڻ تي گهرايو آهي پر هو پاڻ ته اسلام آباد ويٺو آهي. جسٽس امير هاني مسلم وڌيڪ رمارڪس ڏيندي چيو ته ڇو نه بورڊ آف روينيو جي ميمبر کي گهرايون ۽ ان کان وڌيڪ تفصيل وٺڻا آهن. چيف سيڪريٽري محمد صديق ميمڻ عدالت کي چيو ته اڄ تائين مهلت ڏيو ته ان کي گهرايو ويندو. عدالت چيو ته پهريان ان کان پڪ ڪيو ته اهو اڄ ايندو به يانه؟ عدالت نيب کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان انڪوائري ڪهڙن الزامن تحت ڪري رهيا آهيو. ڊي جي نيب عدالت کي ٻڌايو ته چائنا ڪٽنگ جي جاچ دوران ڄاڻ ملي ته 40 هزار ايڪڙ زمين وارو معاملو سامهون آيو، جنهن تي جاچ جو دائرو وسيع ڪيو. امير هاني مسلم چيو ته الزام وضاحت سان ٻڌايو؟ ڊي جي نيب چيو ته شاهه لطيف، تيسر ٽائون، ايم ڊي ون سميت گڏاپ جي43 ديهن ۾ اختيارين جو ناجائز استعمال ڪندي زمين الاٽمينٽ ڪئي وئي. ان وڌيڪ ٻڌايو ته 2هزار هيڪٽر زمين جي روينيو ريڪارڊ ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي. جسٽس اميرهاني مسلم چيو ته نيب جو ڪم آهي ته هو ميگاڪرپشن جي ڪيسن جي انڪوائري ڪري جڏهن ته هو مختيار ڪارن ۽ تپيدارن خلاف ڪارروائي ڪري پئي رهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *