عدالتي احاطي ۾ صحافين تي پوليس تشدد ڪيس جو عدالتي فيصلو

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي گرفتاريءَ لاءِ عدالت جو گهيراءُ ڪرڻ واري معاملي جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي آءِ جي سنڌ سميت 14 آفيسرن جي غير مشروط معافي واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سجاد علي شاهه تي ٻڌل ڊويزن بئنچ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي گرفتاريءَ لاءِ پوليس پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ جي گهيراءُ واري معاملي جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ عدالتي حڪم نه مڃڻ تي آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي، اڳوڻي ايڊيشنل آءِ جي غلام قادر ٿيٻَي، ڊي آءِ جي ڏکڻ ڊاڪٽر جميل احمد، ڊي آءِ جي اولهه فيروز شاهه، ايس پي، ايس ايس يو ميجر سليم، ايس پي چوڌري اسد ۽ ايس پي ذيشان بٽ سميت 14 پوليس آفيسرن جي توهين عدالت بابت غير مشروط معافي واري درخواست رد ڪري ڇڏي. عدالت آءِ جي سنڌ سميت 14 آفيسرن تي ئي 25 نومبر تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي چيف سيڪريٽري سنڌ صديق ميمڻ کي ذاتي طور حاضر رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

19 مئي تي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي ساٿين سميت اي ٽي سي ۾ پيش ٿيڻ دوران پوليس عدالت ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستا سيل ڪري ڪيترائي ڪلاڪ گهيراءُ ڪيو هو. 23 مئي تي ٻيهر ذوالفقار مرزا جي اي ٽي سي ۾ پيشي کان اڳ پوليس گهيراءُ ڪري رستا سيل ڪري ڇڏيا، جنهن سبب هــُو پنهنجي گهرواري فهميده مرزا سميت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو ته پوليس پهچي وئي. پوليس عدالتي احاطي ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي سڪيورٽي گارڊز تي وحشياڻو تشدد ڪيو ۽ گرفتاريون ڪيون، جنهن دوران ڪوريج ڪرڻ تي صحافين کي به تشدد جو نشانو بڻايو ويو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي طلب ڪرڻ تي آءِ جي سنڌ، ايڊيشنل آءِ جي ۽ ايس پي چوڌري اسلم پيش نه ٿيا، جنهن بعد عدالت چيف سيڪريٽري ۽ گهرو سيڪريٽري کي طلب ڪري ورتو. عدالت ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ رينجرز جي سڪيورٽي ڏئي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي گهر روانو ڪيو هو، جنهن معاملي جو گذريل اربع تي فيصلو ٻڌائي آءِ جي سنڌ سميت 14 آفيسرن جي غير مشروط معافي واري درخواست رد ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *