صرف هڪ ڇو؟ جاچ پرويز مشرف ۽ عمران خان کان به ٿيڻ گهرجي

نيب جو موجوده ڍانچو جنرل مشرف ٺاهيو هو. جنهن جو مقصد نواز سريف کان انتقام وٺڻ هو. جن کي نيب قانونن کان ڊپ ٿيندو هو. انهن ن ليگ ڇڏي مشرف ليگ کي جوائن ڪيو هو. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات جي وفاقي وزير پرويز رشيد پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته اسان جو احتساب ته گذريل 20 سالن کان ٿيندو پيو اچي. پهرين بينظير ڀٽو ۽ مشرف اسان جو احتساب ڪيو. ڏوهه ته پري جي ڳالهه جيڪڏهن اسان کان غلطي به ٿئي ها ته مشرف اسان کي ڪڏهن نه ڇڏي ها. پاڪستان جي ادارن کي ٺيڪ ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي، اسان ڪنهن خوف جو شڪار ناهيون. چوڌري نثار مصطفيٰ ڪمال جي الزامن تي تصفيلي ڳالهه ڪئي سرفرار مرچنٽ جي بيانن تي به چوڌري نثار ڪميٽي ٺاهي آهي. جيڪڏهن مصطفيٰ ڪمال وٽ ثبوت آهن ته کيس ڪميٽي وٽ ضرور وڃڻ گهرجي. 99ع ۾ جڏهن اسان جي حڪومت ختم ڪئي وئي ته ڪراچي ۾ وڏن وڏن نامي گرامي ماڻهن کي زندگي کان محروم ڪيو ويو. شاهد حامد، حڪيم سعيد، صحافي صلاح الدين کي ماريو ويو. اسان قاتلن جي جاچ شروع ڪئي ۽ گرفتاري لاءِ وڌڻ لڳاسين ته اسان کي سنڌ ۾ ن ليگ جي حڪومت ختم ڪرڻي پئي. اسان ته کين حڪومت مان ڪڍي ڇڏيو هو ٻيهر حڪومت ۾ ڪنهن آندو ۽ ڪنهن مضبوط ڪيو. جنرل مشرف جي هڪ هٿ تي اهي بيٺل هئا ته ٻئي هٿي تي عمران خان بيٺل هو. جاچ مشرف لاءِ ٿيڻ گهرجي. صرف هڪ تي ڇو مشرف ۽ عمران خان خلاف به جاچ ٿيڻ گهرجي. جن کي 2007ع جون ڳالهيون هاڻي ياد اچي رهيون آهن ته عمران ڀارت الطاف جون ڳالهيون ڇو لڪايون. هن چيو ته جيڪڏهن آئين ۾ ترميم ٿي سگهي ٿي ته نيب قانون ۾ ڇو نٿي ٿي سگهي. عمران خان به خيبرپختون خواهه ۾ نيب جي قانون کي تبديل ڪيو. هن چيو ته ڀارتي اختيارين جي خاطري تي ئي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ ڪرڪٽ ٽيم کي ڀارت موڪلينداسين. نيب پاڻ تسليم ڪيو آهي ته ان جي نظام ۾ خرابيون آهن. ايم ڪيو ايم مشرف جي ريفرنڊم ۾ هن لاءِ ووٽ گهرندي رهي. ڪراچي ۾ ٿيندڙ قتل غارت ۽ ڏوهن جي جاچ مشرف کان به ڪرڻ گهرجي. نيب تي ن ليگ جي تنقيد نئين ڳالهه ناهي. وزيراعظم تي اثاثا لڳائڻ جو الزام غلط آهي. نبي صلعم جا مڃيندڙ جيڪڏهن زحمت بڻجي وڃن ته يقينن تعليم ۾ کوٽ رهجي وئي. نيب جاچ ڀلي ڪري پر ڏوهه ثابت ٿيڻ تائين ڪنهن جو پٽڪو نه لاهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *