شگر مل مالڪن جي هوڏ ۽ آبادگارن جو احتجاج

 

سنڌ ۾ اعليٰ عدالت جي حڪم موجب پهرين ڊسمبر کان شگرملن کي هلائڻو هو پر مل مالڪن پنهنجي هوڏ کي برقرار رکندي اهي مليون ڪالهه به نه هلايون سندن گهر آهي ته حڪومت ڪمند جو جيڪو اگهه مقرر ڪيو آهي اهو کين قبول ناهي جيستائين سنڌ سرڪار ڪمند جو اگهه نه گهٽائيندي تيستائين اهي شگرملون نه هلائيندا. ان سلسلي ۾ سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي گڏجاڻي ۾ ويچار ڪري مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ڪو به کڙ تيل نڪري نه سگهيو ۽ اها گڏجاڻي به بنا نتيجي ختم ٿي وئي، ٿي سگهي ٿو ته هنن ڪالمن شايع ٿيڻ تائين مسئلي جو ڪو حل نڪري اچي ليڪن اسان ڏٺو آهي ته هر سال آبادگارن ۽ مل مالڪن وچ ۾ ڪمند جي اگهه تان ڇڪتاڻ ٿيندي آهي آبادگارن جي مرضي هوندي آهي ته کين اهو اگهه ملي جيڪو سنڌ سرڪار مقرر ڪري ٿي جڏهن ته مل مالڪن جي خواهش هوندي آهي ته سرڪار آبادگارن جو ته خيال رکي ٿي پر مل مالڪن جي مرضيءَ کانسواءِ کنڊ جو اگهه مقرر ڪيو وڃي ٿو جيڪو کين قبول ناهي. هن ڀيري به آبادگارن ۽ مل مالڪن وچ ۾ هلندڙ تڪرار جي نتيجي ۾ شگرملون شروع نه ٿي سگهيون آهن، جيئن ته اعليٰ عدالت شگرملون پهرين ڊسمبر کان هلائڻ جو حڪم ڏنو هو ان ڪري آبادگارن ڪمند جي ڇلي هڪ هفتو اڳ ئي ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي هئي ته جيئن شگرملن کي گهربل ڪمند وقت سر پهرين تاريخ کان اڳ پهچائي سگهجي ان ڪري آبادگارن جون ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر ٽراليون ۽ ٽرڪون هزارين مڻ ڪمند کڻي سنڌ جي مختلف شگرملن آڏو گڏ ٿي چڪيون آهن پر اڃا تائين فيصلو نه ٿيڻ ڪري آبادگارن کي سخت نقصان پهچي رهي آهي ڇاڪاڻ ته جيترا ڏينهن ٽرڪون يا ٽريڪٽر ٽراليون شگرملن ٻاهران بيٺل رهنديون اوترو ڪمند سڪڻ جي ڪري ان جو وزن گهٽجي ٿو جڏهن ته وزن هجڻ جي ڪري گاڏين جا ٽائر پڻ برسٽ ٿيڻ لڳن ٿا جيڪو هڪ اضافي نقصان آهي. هن وقت آبادگارن ۽ شگرملن جي مالڪن ۾ جيڪو تڪرار هلندڙ آهي اهو ڪمند ۽ کنڊ جي اگهه مقرر ڪرڻ تان شروع ٿيو آهي. حڪومت هن سال ڪمند جو اگهه 182 رپيا في مڻ مقرر ڪيو آهي جڏهن ته گذريل سال اهو اگهه 172 رپيا في مڻ مقرر هو. جڏهن ته مل مالڪن جو چوڻ آهي ته 182 رپيا اگهه ڏيڻ سان شگرملن کي نقصان ٿيندو ان ڪري اهي اهو اگهه ڏيئي نه ٿا سگهن. ان سلسلي ۾ سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ آهي ته پنجاب ۽ پختونخواهه صوبي ۾ شگرملون 180 رپيا في مڻ جي حساب سان ڪمند وٺي 50 رپيا في ڪلو کنڊ فراهم ڪري رهيون آهن ته پوءِ سنڌ جون شگرملون آبادگارن کي اهو اگهه ڏيڻ کان ڇو انڪاري آهن. آبادگارن کي ته سنڌ سرڪار پاران اعلانيل ڪمند وارو اگهه مختلف خدشن هوندي به قبول آهي جڏهن ته انهن جو اهو به چوڻ آهي ته اسان جو ڪمند جي في مڻ پوکائي تي 200 رپيا خرچ اچي ٿو. ان هوندي به اسان سرڪار جي اعلانيل اگهه تي شگرملن کي ڪمند ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. هوڏانهن شگرملن جي مالڪن جي گهر آهي ته جيڪڏهن کنڊ جو اگهه 50 رپيا في ڪلو مان وڌائي 66 رپيا في ڪلو ڪيو وڃي ته اهي سرڪار جي اعلانيل اگهه تي آبادگارن کي ڪمند جو اگهه ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. حڪومت سمجهي ٿي ته هن وقت سنڌ ۾ کنڊ 55 رپيا في ڪلو ريزڪي وڪرو ٿي رهي آهي جيڪڏهن شگرملن جي مطالبي تي کين کنڊ جو اگهه 66 رپيا في ڪلو ڏنو ويو ته پوءِ مارڪيٽ ۾ کنڊ جي قيمت گهٽ ۾ گهٽ 80 رپيا في ڪلو تائين وڃي پهچندي.اسان سمجهون ٿا ته هن وقت مل مالڪن کي کنڊ جو اگهه 50 رپيا في ڪلو جي حساب سان جيڪو ڏنو وڃي ٿو اهو مناسب آهي ان ڪري شگرملن جي مالڪن کي کنڊ جو اگهه وڌائي ڏيڻ جي ان ڪري ضرورت ناهي ته ان سان مارڪيٽ ۾ کنڊ جون قيمتون مٿي چڙهي وينديون جيڪي حڪومت لاءِ به مٿي جو سور بڻجنديون اسان وڏي وزير جي ان ڳالهه سان سهمت آهيون ته پنجاب ۾ شگرملون آبادگارن کي 180 رپيا في مڻ جي حساب سان ڪمند جو اگهه ڏئي رهيون آهن، جڏهن ته شگرملون 50 رپيا في ڪلو جي حساب سان کنڊ وڪرو ڪري رهيون آهن ته پوءِ سنڌ ۾ اهڙي ڪهڙي آفت اچي وئي آهي جو مل مالڪ کنڊ جو اگهه وڌائڻ لاءِ هروڀرو حڪومت تي دٻاءُ وجهي رهيا آهن. اسان حڪومت کي صلاح ڏينداسين ته اها آبادگارن جي حقن جو تحفظ ڪندي شگرملن جي مالڪن جي ناجائز مطالبن آڏو گوڏا نه کوڙي جيڪڏهن ائين ڪيو ويو ته پوءِ هر سال حڪومت کي شگرملن جي مالڪن آڏو جهڪڻو پوندو ۽ پوءِ ڪو اهڙو وقت به ايندو جو آبادگارن کي ڪمند جو اگهه گهٽ ۽ ملين جا مالڪ کنڊ جو اگهه وڌيڪ ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا ۽ عوام کي مهانگائي جو هڪ نئون تحفو ملي ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *