سنڌ ۾ آبادگارن ۽ شگرملن جي مالڪن وچ ۾ شروع ٿيل ڇڪتاڻ هاڻ هڪٻئي جي ڳچين ۾ هٿ وجهڻ تائين اچي پهتي آهي، ڪمند جي آبادگارن جو تعلق سنڌ جي لاڙ وارن ضلعن سان آهي، جڏهن ته گهڻي ۾ گهڻيون شگرمليون به لاڙ وارن ضلعن ۾ ئي آهن. سنڌ جا اهي لاڙ وارا ضلعا جنهن ۾ آبادگار ان آسري تي ڪمند پوکين ٿا ته کين سرڪار سٺو اگهه وٺي ڏيندي جڏهن ته آبادگار پڇڙي ۾ هجڻ ڪري پاڻي جي سخت اڻاٺ هوندي به اهي ڪمند پوکين ٿا جنهن لاءِ آبادگارن کي ڪيترين ئي مصيبتن کي به منهن ڏيڻو پئي ٿو، جيڪو هڪ ڌار قصو آهي.هونئن به لاڙ وارن ضلعن ۾ ڪمند ۽ سارين جا فصل ججهي انگ ۾ پوکيا وڃن ٿا جڏهن ته انهن ٻنهي فصلن لاءِ عام فصلن جي ڀيٽ ۾ ڳچ جيتري وڌيڪ پاڻي جي ضرورت هوندي آهي، ان ڪري سارين ۽ ڪمند پوکيندڙن آبادگارن جون سڄو سال ننڊون حرام هونديون آهن ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن سندن پوکيل فصل کي زرعي پاڻي نه ملي ته اهي فصل سڪڻ ۾ دير ئي نه ٿا ڪن ۽ جيڪڏهن هڪ ڀيرو اهي فصل سڪي وڃن ته پوءِ آبادگارن کي پوندڙ نقصان ڪيترن ئي سالن تائين ڀرڻو پئجي وڃي ٿو. ڪمند جي آبادگارن سميت ملڪ جي سڀني آبادگارن سان هڪ وڏي مصيبت اها به آهي ته آبادگارن کي پنهنجي ڪنهن به فصل جو اگهه مقرر ڪرڻ جي اجازت نه هوندي آهي. جڏهن ته ڪارخانيدار جيڪا به شيءِ ٺاهيندا آهن، تنهن جي ڪارخانيدار پاڻ ئي قيمت مقرر ڪندا آهن. مثال طور جيڪڏهن ڪو ڪارخانيدار بال پين ٺاهي ٿو ته ان بال پين جي قيمت به ڪارخانيدار پاڻ ئي مقرر ڪري ٿو. جڏهن ته اها سهولت آبادگارن کي هرگز ناهي آبادگار جيڪڏهن ڀاڄيون پوکي ٿو ته انهن ڀاڄين کي هو ٻني کان وٺي مارڪيٽ ۾ پهچائڻ کانپوءِ به اهو ان ڳالهه کان بي خبر هو ندو آهي ته سندس ڀاڄي جو کيس ڪهڙو اگهه ملندو. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته هر ڪنهن آبادگار جي پوکيل ڀاڄي، انب يا ڪو ميوو مارڪيٽ ۾ پهچڻ کانپوءِ ائين نيلام ڪيو وڃي ٿو جيئن ڪنهن قرضدار جو سامان تين وال ڪيو ويندو هجي ۽ پوءِ آبادگار مارڪيٽ ۾ بيهي پنهنجي ڪيل ڪمائي کي نيلام ٿيندو ڏسندو رهجي وڃي ٿو ۽ جيڪو به اگهه دلال وٺي ڏين ٿا اهو ساڳيو اگهه آبادگار کي هر صورت ۾ قبول ڪرڻو پئي ٿو. ڪيئي ڀيرا ائين به ڏسڻ ۾ آيو آهي ته ڪو آبادگار ٽماٽن يا بصرن جي ڀريل سوزوڪي جڏهن مارڪيٽ ۾ کڻي پهتو ته سندس مال نيلام ٿيڻ کانپوءِ کيس جيڪي پئسا مليا ان مان رڳو هو سوزوڪي جو ڀاڙو مس ڏيئي سگهيو ۽ پاڻ پوتڙو ڇنڊي واپس ڳوٺ ڏانهن روانو ٿي ويو، اڪثر ڪري ائين به ڏٺو ويو آهي ته واپس ويندڙ اهڙن آبادگارن ڳو ٺ پهچڻ شرط ڪاوڙ ۾ اچي ٽماٽن يا بصرن جو فصل يا ڀيل ڪرائي ڇڏيو يا ٽريڪٽر ذريعي ان جي کيڙي ڪرائي ڇڏي. اسان جي خيال ۾ جيڪڏهن نيلام وارو طريقو بهتر آهي ته پوءِ ڪارخانيدارن جون ٺهيل سڀيئي مصنوعات به ائين ئي مارڪيٽن ۾ نيلام ڪرڻ گهرجن نه ته آبادگارن جون جنسون نيلام ڪرڻ وارو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي. ڪجهه حلقن جو خيال آهي ته جيڪڏهن آبادگار مڙسي ڪن ۽ اها ڳالهه حڪومت کان مڃرائين ته آبادگارن کي به ڪارخانيدارن وانگر سندن اپت جو اگهه مقرر جو اختيار ملڻ گهرجي. اسان جي خيال ۾ جيڪڏهن آبادگار پنهنجو اهو مطالبو مڃرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ته پوءِ آبادگارن کي اهي سور برداشت نه ڪرڻا پون، جيڪي هينئر ڪرڻا پئجي رهيا آهن. سنڌ ۾ آبادگارن کي ڪمند جو اگهه سنڌ سرڪار مقرر ڪري ڏنو هواهو اگهه مقرر ڪري سرڪار آبادگارن تي ڪو ٿورو نه ڪيو هو ڇاڪاڻ ته پنجاب ۾ به ڪمند 185 رپيا في مڻ مقرر ٿيل هو جيڪو پنجاب جون شوگرملون پنجاب جي آبادگارن کي ڏيئي رهيون هيون. ليڪن سنڌ ۾ موجود شگرملين اهو اگهه ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ پوءِ مورڳو ئي شگرملين جون چمنيون بند ڪري ڇڏيون، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو آبادگارن جو لکين مڻ ڪمند اڃا ٻنين ۾ بيٺو آهي ۽ آبادگارن جا ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا آهن. اهڙي صورتحال ۾ آبادگار به ڪن ته ڇا ڪن ڇاڪاڻ ته ڪمند ڪو پٽاٽا يا ٽماٽر ته ناهن جن کي سستي اگهه تي وڪرو ڪري جان ڇڏائين.ان ڪري آبادگارن وٽ احتجاج کانسواءِ ٻي ڪا واهه به نه بچي آهي. آبادگارن پاران ان سلسلي ۾ گڏجاڻيون هلندڙ آهن پر اهي گڏجاڻيون به شايد ڪو کڙتيل ڪڍي نه سگهن، ڇاڪاڻ ته شگرملين جا اڌ کان وڌيڪ مالڪ به وڏا آبادگار پاڻ آهن، ان ڪري اڳواٽ اهو چيو پيو وڃي ته شگرملين جا مالڪ آبادگارن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيڻ ئي نه ڏيندا ۽ انهن ۾ ڪو نه ڪو اهڙو ڦيٽاڙو وجهي ڇڏيندا جو آبادگارن جو مل مالڪن خلاف احتجاج هڪٻئي جي خلاف ٿيندڙ احتجاجن ۾ تبديل ٿي ويندو، ان ڪري اسان جي صلاح آهي ته آبادگارن سنڌ بند ڪرڻ واري جيڪا ڌمڪي ڏني آهي ان ڌمڪي تي عمل ڪرڻ کان اڳ کين ان ڳالهه جو ضرور جائزو وٺڻ گهرجي ته ڪٿي ائين ته نه آهي جو آبادگارن جي صفن ۾ لڪل ڪاريون رڍون سندن اتحاد کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ لاءِ سرگرم ٿي وڃن ۽ آبادگارن جي تحريڪ ڪو رنگ لائڻ کانسواءِ ختم ٿي وڃي. اسان آبادگارن جي جائز مطالبن جي مڪمل حمايت ڪندي کين يقين ٿا ڏياريون ته سندن جائز مطالبن جي سلسلي ۾ اسان ساڻن مڪمل سهڪار ڪنداسين. اسان ان موقعي تي سنڌ سرڪار کي به اپيل ڪنداسين ته اها آبادگارن کي ڪنهن وڏي نقصان کان بچائڻ لاءِ مداخلت ڪري ۽ آبادگارن کي سندن جائز حق ڏياري. جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته شايد ايندڙ سال آبادگار ڪمند پوکڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏين، جنهن کانپوءِ شگرمليون ته کليل نظر اچن پر”نوڪين“ واري صورتحال مل مالڪن کي نه رڳو پگهر ڏيئي ڇڏي پر ايندڙ سال کنڊ جو به بحران پيدا ٿي وڃي، ان ڪري ضرور آهي ته ڪنهن وڏي بحران پيدا ٿيڻ کان اڳ ئي مداخلت ڪندي مسئلي کي حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪجي ته جيئن معاملو خوش اسلوبي سان حل ٿي وڃي.