شهباز تاثير جي ساڍن 4 سالن بعد بازيابي

پنجاب جي مقتول گورنر سلمان تاثير جو پٽ شهباز تاثير تقريبن ساڍن 4 سالن بعد آزاد ٿي ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب شهباز تاثير کي بلوچستان علائقي ڪچلاڪ مان بازياب ڪرايو ويو آهي. گهرو وزير چوڌري نثار به تصديق ڪري ڇڏي آهي. بلوچستان ۾ سي ٽي ڊي جي سربراهه اعتزاز گورايا چيو ته پوليس ۽ انٽيليجنس ادارن ڳجهي اطلاع تي ڪچلاڪ جي هڪ ڪمپائونڊ ۾ ڪارروائي ڪئي. ڪمپائونڊ مان هڪ ئي شخص مليو. جنهن پنهنجو نالو شهباز تاثير والد جو نالو سلمان تاثير ٻڌايو. بلوچستان سرڪار جي ترجمان به بازيابي جي تصديق ڪئي.

شهباز تاثير کي 5 سال اڳ 26 آگسٽ 2011ع ۾ لاهور عالم روڊ کان اغوا ڪيو ويو هو. تحريڪ طالبان جي بيان ۾ چيو ويو ته 2012ع ۾ شهباز تاثير ڊرون حملن ۾ ماريو ويو آهي پر اها خبر غلط ثابت ٿي. جولاءِ 2013ع ۾ لاهور پوليس 4 ماڻهن کي گرفتار ڪيو پر سندن گرفتاري باوجود شهباز تاثير جي بازيابي ممڪن نه ٿي. شهباز تاثير جي آزادي بابت سندس گهر وارن کي آگاهه ڪيو ويو.

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان سينيٽ ۾ شهباز تاثير جي بازيابي جي تصديق ڪندي چيو ته سلمان تاثير جي پٽ کي بلوچستان ۾ خاص آپريشن ڪرائي بازياب ڪرايو ويو آهي.

شهباز تاثير ڪوئيٽا مان بازياب ٿيڻ کانپوءِ خاص اڏام ذريعي لاهور پنهنجي گهر پهچي ويو، لاهور ايئرپورٽ تي شهباز تاثير جي زال سوڌو ٻين گهر ڀاتين آجيان ڪئي، ان موقعي تي شهباز جي امڙ پنهنجي جگر جي ٽڪري کي ڏسندي ئي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو ۽ خوشي جا ڳوڙها وهائيندي کيس چميون ڏيندي رهي،جنهن سبب ماحول جذباتي نظر آيو، شهباز تاثير کي ايئرپورٽ کان گهر اماڻڻ لاءِ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي بلٽ پروف گاڏي استعمال ڪئي وئي، سندس قافلي ۾ پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن جون گاڏيون به شامل هيون، اٽڪل ساڍن چئن سالن کانپوءِ پنهنجي گهر پهچڻ تي شهباز تاثير سڀني مائٽن سان هڪ هڪ ٿي مليو، جتي پڻ جذباتي نظر اچي رهيا هئا.  شهباز تاثير کي گذريل ڏينهن ڪوئيٽا جي علائقي ڪچلاڪ مان بازياب ڪرايو ويو هو، جنهن کي لاهور پهچائڻ لاءِ راولپنڊِي مان خاص جهاز ڪوئيٽا اماڻيو ويو ، جنهن کانپوءِ کيس خالد ايئربيس تان خاص جهاز ذريعي لاهور روانو ڪيو ويو،

ميِڊيا ۾ اهي به خبرون آهن ته شهباز تاثير جي اغوا ۾ يونيورسٽي جو شاگرد ملوث نڪتو، اغوا ڪندرن جو ڪراچي هوائي اڏي تي حملي آورن سان به ڳانڍاپو رهيو. ازبڪستان اسلامي تحريڪ جي ملوث قرار ڏنو پيو وڃي. نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ٻڌايو ويو ته شهباز تاثير کي اغوا بعد لاهور جي وليشيا سوسائٽي ۾ رکيو ويو. ڪجهه ڏينهن بعد کيس ٻاهر منتقل ڪيو ويو. ڪراچي هوائي اڏي تي حملو ڪندڙن بنون ۾ هڪ فون تي رابطو ڪيو هو. بنون  ارن فون تان وري تاثير خاندان سان رابطو ڪيو هو، جنهن ۾ ساڻن شهباز تاثير جي به ڳالهه ٻول ڪرائي وئي هئي. شهباز تاثير جي اغوا  ۾ ملوث عثمان بصرا جو لشرڪ جهنگوي سان تعلق ٻڌايو پيو وڃي. ڳجهن ادارن دهشتگرد گروهن جي ڳٺ جوڙ جي تصديق ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *