گذريل ڏينهن نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي صدارت ۾ نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سياستدانن سميت مختلف هائوسنگ سوسائٽين ۽ ٻين جي خلاف انڪوائري جي منظوري ڏني وئي. نيب جي جاري ڪيل بيان موجب نيب 15 آف شور ڪمپنين جي مالڪ ذوالفقار بخاري، اين ٽي ايس انتظاميا، پيراگون سٽي انتظاميا سميت احد چيمه جي خلاف به انڪوائري جي منظوري ڏني آهي جڏهن ته نواز شريف جي خلاف ضمني ريفرنسز جي به منظوري ڏني وئي آهي. نواز شريف ۽ ٻين جي خلاف العزيزيه اسٽيل ملز، هل ميٽل ڪيس، فليگ شپ انويسٽمينٽ ۽ 15 ڪمپنين ۾ بدعنواني ۽ ايون فيلڊز ريفرنس ۾ به ضمني ريفرنس داخل ڪيا ويندا. نواز شريف جي خلاف چوڌري شگر ملز ۾ به ڪرپشن جي انڪوائري ڪئي ويندي جڏهن ته شهباز شريف، ڪلثوم نواز، حمزه شهباز ۽ مريم نواز جي خلاف به انڪوائرين جي منظوري ڏني وئي آهي جڏهن ته ملتان ميٽرو بس ۾ شڪي رقم جي منتقلي تي شهباز شريف جي خلاف جاچ جي منظوري ڏني وئي آهي. سرڪاري هيليڪاپٽر جي استعمال تي عمران خان جي انڪوائري جي منظوري ڏني وئي آهي ان کانسواءِ اسحاق ڊار ۽ انوشه رحمان جي خلاف انڪوائري جو حڪم ڏنو ويو آهي جن تي غيرقانوني طور تي نيڪسٽ جنريشن موبائيل سروس جو ٺيڪو ڏيڻ جو الزام آهي جڏهن ته ساڳئي ڪيس ۾ پي ٽي اي جي اڳوڻي چيئرمين ڊاڪٽر اسماعيل شاهه جي خلاف انڪوائري ڪئي ويندي. جڏهن ته نيب ڊاڪٽر عاصم محمود، محمود الحسن ۽ ٻين جي خلاف به انڪوائري جي منظوري ڏني آهي، جوابدارن تي آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جو الزام آهي. نيب بشير دائود، مريم دائود ۽ ٻين جي خلاف پڻ انڪوائري جي منظوري ڏني آهي. انهن تي الزام آهي ته پاناما ڪيس اسڪينڊل ۾ انهن جون آف شور ڪمپنيون آهن. جڏهن ته نيب پورٽ قاسم اٿارٽي جي اڳوڻي مئنيجنگ ڊائريڪٽر عبدالستار ڏيرو جي خلاف به جاچ جي منظوري ڏني آهي. انهن تي به آف شور ڪمپنين جا مالڪ هجڻ جو الزام آهي جڏهن ته نيب سوئي سدرن گئس ڪمپني، پاڪستان اسٽيل ملز جي آفيسرن جي خلاف به انڪوائري جي منظوري ڏني آهي، جوابدارن تي مبينا طور تي پاڪستان اسٽيل ملز جي گئس غيرقانوني طريقي سان بند ڪرڻ جو الزام آهي جڏهن ته نيب پاڪستان اسٽيل ملز جي انتظاميا جي خلاف انڪوائري جي به منظوري ڏني آهي. جڏهن ته نيب ڪي ڊي جي آفيسرن ۽ ٻين جي خلاف به جاچ جي منظوري ڏني آهي. جوابدارن تي رفاهي مقصد جي لاءِ مخصوص ڪيل پلاٽن کي رهائش ۽ ڪمرشل پلاٽن ۾ تبديل ڪرڻ جو الزام آهي جنهن تي قومي ناڻي کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهتو. نيب شيل پاڪستان لميٽيڊ جي لائين مئنيجر ياسر آفندي، ايرو ليوب پرائيويٽ لميٽيڊ جي چيئرمين ارشد جليل ۽ ٻين جي خلاف پڻ جاچ جي منظوري ڏني آهي. جوابدارن ڊفينس ڪوٽا تي ايوي ايشن کان ٻارڻ خريد ڪري عام مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪيو جنهن تي قومي ناڻي کي 2370 ملين جو نقصان پهتو. جڏهن ته نيب پيپلزپارٽي جي سينيٽر عثمان سيف الله ۽ ان جي خاندان جي ٻين ڀاتين انور سيف الله، سليم سيف الله ۽ ٻين خلاف جاچ جي منظوري ڏني آهي. جوابدارن تي پاناما اسڪينڊل ۾ 34 آف شور ڪمپنين جي ملڪيت جو الزام آهي.