شادين ۾ ٿيندڙ فائرنگ ۽ پيش ايندڙ واقعا

شهدادپور لڳ ڳوٺ عنايت بخاري ۾ شادي جي ڪاڄ ۾ فائرنگ سبب 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا، شادي جي ڪاڄ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 12 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ واري خبر يقينن افسوسناڪ آهي، پر ان نوعيت جا واقعا هن وقت ملڪ ۽ سنڌ صوبي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ عام رواجي آهن ۽ قانون جا رکوالا به ان قسم جي فائرنگ خلاف  ان  وقت تائين ڪو به قدم نٿا کڻن جيستائين ڪو ماڻهو اجل جو شڪار يا زخمي نٿو ٿئي. حالانڪه ان نوعيت جي فائرنگ دوران سڀ کان اڳ ان اسلحي جي جاچ پڙتال ٿيڻ گهرجي، جيڪو استعمال ٿئي ٿو ته اهو جائز آهي يا ناجائز؟ ان نوعيت جي واقعن جي بيخ ڪني نه ٿيڻ ۽ واسطيدار ٿاڻن تي موجود عملي جي مجرمانه غفلت سبب گوليون هلائڻ هاڻي هڪ شوق  ٿيندو پيو وڃي ۽ حيدرآباد سميت سنڌ صوبي جا وڏا شهر اڌ رات کانپوءِ  گولين جي ڌماڪن سان گونجڻ لڳندا آهن، اهي گوليون ڪنهن شادي جي تقريب ۾ نه هلايون وينديون آهن، بلڪه هٿيارن جي نمائش  جو باقاعده اهتمام هوندو آهي، رات جو 12 کان پوءِ گولين وسڻ جو آواز هزارين شهري  ٻڌندا آهن ۽ جيڪي کليل هوا ۾ پنهنجي کڏن تي ستل هوندا آهن اهي هيسيل رهندا آهن ته متان ڪا گولي کين نقصان نه پهچائي، اهو به مشاهدو آهي ته ان نوعيت جي فائرنگ جي زد ۾ اچي کليل فضا ۾ ستل بيگناهه شهري اجل جو  شڪار ۽ زخمي به ٿيا آهن، پر انهن بابت واسطيدار  ٿاڻا اتفاقي حادثي جو ڪيس درج ڪري بري الذمه بڻجي ويندا آهن، ڪجهه نشرياتي ادارن وري ان ڇڙواڳ فائرنگ کي ”انڌي گولي“ جو نالو ڏئي  هڪ نئين منفي اصطلاح متعارف ڪرائي آهي، جنهن جو مطلب اهو ثابت ڪرڻ هوندو آهي ته ”شوقينن فائرنگ ڪئي،  ڪير ۽ ڇو ان جي زد ۾ آيو، ان سان ڪو مطلب نه آهي“. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ان قسم جي فائرنگ ڪندڙ ته انڌا بڻجي ويندا آهن، هٿيارن  مان نڪرندڙ گولي به انڌي هوندي آهي، پر واسطيدار ٿاڻن تي ويٺل قانون جا رکوالا  ته اکين وارا هوندا آهن، اهي ڇو نٿا ان قسم جي لاقانونيت روڪين؟ ان صورتحال جي پس منظر ۾ اسان سنڌ صوبي ۽ خاص طور تي حيدرآباد شهر جي انتظاميا کان مطالبو ٿا ڪريون ته شادين جي تقريبن سميت هر قسم جي فائرنگ جي واقعن کي روڪڻ لاءِ موثر اپاءَ ورتا وڃن ۽ ملوث ماڻهن کي قانون جي شڪنجي ۾ آندو وڃي، ٻي صورت ۾ ان قسم جي فائرنگ جا واقعا سنڌ ۾ موجود مختلف طبقن وچ ۾ نفرت پکيڙڻ وارن عوامل سبب ڪنهن وڏي ممڻ مچڻ جو سبب به بڻجي سگهن ٿا، جنهن کان بچڻ جي اشد ضرورت آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *