سڪاروديرو ۾ پوليس جو ڪارنامو

 

سڪاروديرو جي ايس ايڇ او سدورو لاشاري جو ڪارنامو نوشهرو فيروز جي حد ڳوٺ گهرام هرياهه جي چڱي مڙس ۽ مشهور زميندار جي ڀاءُ عبدالرئوف هرياهه کي پئٽرول جي ايجنسيءَ تان گرفتار ڪري سڪاروديرو جي ٿاڻي تي حراست ڪيو ڇڏائڻ لاءِ ڳوٺ جو چڱو مڙس ۽ مشهور زميندار واپاري عبدالستار هرياهه ڇڏائڻ لاءِ پهتو ته ايس ايڇ او پاران پئسا گهريا نه ڏيڻ تي ڳوٺ جي نيڪ عبدالستار هرياهه کي چماٽ وهائي ڪڍي دل جو اٽيڪ ٿيڻ ڪري عبدالستار هرياهه ٿڏي تي ئي فوت لاش وارث گمبٽ اسپتال ۾ آندو ايس ايس پي خيرپو ناصر آفتاب پٺاڻ اي ايس پي مصعود حسين بنگش کي ڄاڻ ملڻ کان اي ايس پي مصعود حسين بنگش اسپتال پهچي ويو وارثن جو احتجاجي مظاهرو لاش رکي اسپتال آڏو ڌرڻو هنيو ويو سدورو لاشاري کي فاسي ڏيو وارث جاچ ڪري رهيا آهيون ايس ايڇ او ڏوهي نڪتو ته بخش نه ڪيو ويندو ايس ايس پي خيرپور ناصر آفتاب پٺاڻ ۽ اي ايس پي مصعود حسين بنگش جون ميڊيا سان ڳالهيون، سڪاروديرو جي ايس ايڇ او ضلعي نوشهرو فيروز جي ڳوٺ گهرام هرياهه تي چڙهائي ڪري مشهور زميندار ۽ ڳوٺ جي نيڪ مرد عبدالستار هرياهه جي ڀاءُ عبدالرئوف هرياهه کي گرفتار ڪري سڪاروديرو ٿاڻي تي بند ڪري ڇڏيو ڇڏائڻ لاءِ وڏو ڀاءُ ۽ مشهور زميندار ڳوٺ جو نيڪ مرد عبدالستار ٿاڻي تي پهتو ته ايس ايڇ او صدورو لاشاري ٽي لک روپيه رشوت گهري نه ڏيڻ تي چماٽ وهائي ڪڍي هرٽ اٽيڪ ٿيڻ سبب ٿڏي تي ئي عبدالستار هرياهه فوت وارث لاش کڻي گمبٽ اسپتال پهتا لاش اسپتال آڏو رکي سخت احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي ڳوٺ جي نيڪ مرد ۽ مشهور زميندار عبدالستار جي ڀاءُ عبدالرئوف، عبدالفتاح، ميهر خان، گل حسن، اڪبر علي هرياهه، عبدالحق ۽ عبدالباقي هرياهه، مير حسن مشهوري، علي شير لانگاهه، وزير اڄڻ، ۽ گمبٽ جي واپارين لاش رکي سخت احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته ايس ايڇ او صدورو لاشاري قانون جا ليڪا لتاڙي ڳوٺ جي چڱي مڙس کي ڳري رشوت نه ڏيڻ تان ماريو آهي قتل ڪندڙ ايس ايڇ او کي فاسي تي چاڙهيو وڃي هنن چيو ته اعليٰ اختيارن ۽ وس وارا نوٽس وٺي ڳوٺ جي نيڪ مرد جي خون سان انصاف ڪيو وڃي گمبٽ اسپتال ۾ شهر جا واپاري شهري وڏي انگ ۾ پهچي ويا ايس ايس پي خيرپور ناصر آفتاب پٺاڻ سان ميڊيا پاران رابطو ڪيو ويو ته ايس ايس پي ٻڌايو اهڙا اطلاع مليا آهن جاچ ڪري رهيا آهيون اگر ايس ايڇ او ڏوهي هوندو ته انهيءَ مٿان قانوني ڪارواهي ڪئي ويندي جنهن لاءِ اي ايس پي سٽي مصعود حسين بنگش کي جاچ لاءِ مقرر ڪيو آهي. اسپتال ۾ پهتل اي ايس پي مسعود حسين بنگش ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايس ايڇ او جي بداخلاقي ڪري عبدالستار کي هرٽ اٽيڪ ٿيو آهي انهيءَ لاءِ جاچ ڪري رهيا آهيون اگر ايس ايڇ او ڏوهي ڪرار ٿيو انهيءَ مٿان قانون مطابق ڪارواهي ڪئي ويندي وارثن جو موقف ٻڌو آهي پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچڻ کان پوءِ ئي ڪارواهي ڪئي ويندي گمبٽ اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم نه ٿيڻ ڪري وارثن جون دانهون گمس جو ڊائريڪٽر رحيم بخش ڀٽي نوشهرو فيروز جي حد ڄاڻائي ڊاڪٽر کي پوسٽ مارٽم ڪرڻ کان منع ڪري ڇڏي وارثن جي احتجاج کان پوءِ ڊاڪٽرن کان پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *