سپهه سالار جي سول قيادت سان ملاقات ۽ ڪاڪول اڪيڊمي جو دورو

سول ۽ عسڪري قيادت دهشتگردن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروايون ۽ آپريشن ضرب عضب ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي اتفاق راءِ سان عملدرآمد جاري رکڻ تي اتفاق ڪندي نيشنل ايڪشن پلان ڪميٽي بابت من گهڙت خبرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ذميوارن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم نواز شريف سان آرمي چيف جنرل راحيل شريف وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار، گهرو وزير چوڌري نثار علي خان، پنجاب جو وڏو وزير محمد شهباز شريف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. وزيراعظم هائوس پاران جاري ڪيل بيان موجب ملاقات ۾ قومي ۽ علائقائي سلامتي بابت معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن گذريل هفتي قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ مبينا طور تي بحث هيٺ آيل سلامتي معاملن بابت روزاني ڊان پاران من گهڙت خبر ڇاپڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. شرڪت ڪندڙن اتفاق ڪيو ته اها خبر ڇپجڻ قومي سلامتي معاملن تي رپورٽنگ جي عالمي مڃيل اصولن جي سخت خلاف ورزي آهي ۽ خبر ۾ غلط ۽ گمراهه ڪندڙ نقطن سان اهم رياستي مفادن کي نقصان جو خدشو لاڳو ڪيو آهي جن جو اصل ڳالهه ٻولهه ۽ حقيقتن سان ڪو تعلق نه آهي. شرڪت ڪندڙن چيو ته اهو ضروري آهي ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا قومي سلامتي ۽ رياست جي مفادن جي معاملن تي مفروضن تي ٻڌل رپورٽنگ کان پاسو ڪري. وزيراعظم خلاف ورزي جو سخت نوٽيس ورتو ۽ هدايت ڪئي ته ذميوارن جي خلاف سخت ڪارروائي جي لاءِ نشاندهي ڪئي وڃي. اجلاس اهو عزم ڪيو ته فوج ۽ انٽيليجنس ادارا دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پنهنجو قائداڻو ڪردار جاري رکندا جيڪا سمورين ڌرين جي مڪمل اتفاق راءِ سان بنا ڪنهن فرق جي ۽ خوش اسلوبي سان اڳيان وڌي رهي آهي.

پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف ڪاڪول اڪيڊمي ۾ چوٿين پاڪستان بٽالين جو افتتاح ڪرڻ بعد چيو ته مستقبل جي قيادت فوج جي پروفيشنل تيارين تي ڀرپور ڌيان ڏئي. آرمي چيف جنرل راحيل شريف پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول جو دورو ڪيو، جنهن دوران کيس پيشوراڻين مهارتن جي حوالي سان تفصيلي آگاهي ڏني وئي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، دوري دوران آرمي چيف چوٿين پاڪستان بٽالين جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو ته، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪاميابين ۽ قربانين اسان جو ڳاٽ اوچو رکيو آهي. مستقبل جي ليڊرشپ پروفيشنل تيارين تي ڌيان ڏئي، هر شعبي جي تربيت سان ئي چئلينجز کي منهن ڏئي سگهجي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *