سينيٽ چيئرمين، ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ ۽ ذميواريون

 

سينيٽ جي چونڊن جو مرحلو خير سان پڄاڻي تي پهچي ويو آهي، سواءِ فاٽا لاءِ سينيٽرن جي چونڊ جي باقي سمورو چونڊ عمل پورو ٿي ويو، ڇاڪاڻ جو سينيٽ جي سربراهه ۽ ڊپٽي سربراهه جي چونڊ ٿي وئي، گڏوگڏ نون چونڊيل سينيٽرن پڻ پنهنجي عهدن جو حلف کنيو جن کي وفاقي وزير اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ ٿيل سينيٽ اجلاس ۾ حلف کڻايو ويو،ميان رضا رباني بنا مقابلي سينيٽ چيئرمين چونڊيو، سندس مقابلي ۾ ڪنهن به فارم نه ڀرايو اهڙي طرح سندس سياسي تاريخ ۾ هي ڪريڊٽ اهم آهي ته هو مڙني سياسي پارٽين جو اتفاق راءِ سان چونڊيل سينيٽ چيئرمين آهي جنهن جي مقابلي ۾ ڪنهن به فارم نه ڀرايو نئين سينيٽ جي سياسي ڪيريئر ۾ هڪ ٻي ڳالهه به شامل ٿي وئي آهي ته هو سينيٽ چيئرمين چونڊجڻ شرط ملڪ جو وقتي صدر پڻ بڻجي ويو آهي ڇاڪاڻ جو صدر مملڪت ممنون پرڏيهي دوري تي آهي، قانون ۽ ضابطن موجب سندس غير موجودگي جي صورت ۾ سينيٽ چيئرمين کي وقتي طور تي صدر جون ذميواريون ڏنيون ويون آهن، ڊپٽي چيئرمين لاءِ جي يو آءِ ف جو مولانا عبدالغفور حيدري چونڊجي ويو آهي جنهن جي حڪومت، پيپلزپارٽي ۽ ٻين اپوزيشن پارٽين حمايت ڪئي، جڏهن ته پي ٽي آءِ واحد پارٽي هئي جنهن مولانا عبدالغفور حيدري جي مقابلي ۾ پنهنجو اميدوار آندو جنهن چونڊ ته کڻي نه کٽي پر حيرت انگيز ڳالهه اها آهي ته کيس نه رڳو پي ٽي آءِ جا ووٽ پيا پر 9 ووٽ ٻيا به پيا جيڪي شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي ته مختلف پارٽين جي سينيٽرن ووٽ ڏنا، انهن ۾ بلوچستان ۽ پنجاب مان ٻه مردن ۽ ٻه عورت سينيٽرن جا ووٽ ملڻ جون ڳالهيون گردش هيٺ هيون ۽ ان حوالي سان خانگي ٽي وي چئلنز تي به وڏين دعوائن سان خبرون نشر ٿينديون رهيون. سينيٽ جي هي چونڊ پنهنجي نوعيت جي اهڙي چونڊ آهي جيڪا گهڻي حد تائين غير تڪراري رهي ۽ اهو پهريون ڀيرو مثال ڏسڻ ۾ آيو ته هارس ٽريڊنگ جي خدشن باوجود اها ڏسڻ ۾ نه آئي، حالانڪ سينيٽ جي چونڊن کان پهريان مختلف سياستدان وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪري رهيا هئا ۽ دعوائون ڪري رهيا هئا ته سينيٽ جي چونڊن ۾ هارس ٽريڊنگ ٿيندي، وڏي پئماني تي ڀڃ ڊاهه ٿيندي پر سڀ ڏٺو ته نه وڏي پئماني تي هارس ٽريڊنگ ٿي، نه وري وڏي پئماني تي ڀڃ ڊاهه ٿئي، البته ايڪڙ ٻيڪڙ ڪيس معمولي نوعيت جا پيش آيا جن ۾ خيبر پختونخواهه ۾ مبينا طور ڪنهن گڙ ٻڙ جي ڪري ووٽنگ جو مرحلو ڪجهه ڪلاڪن تائين ملتوي ٿيڻ شامل آهي پر پوءِ به پي ٽي آءِ سينيٽرن جون سيٽون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.هن سينيٽ جي چونڊن ۾ سياسي قيادت اهڙي ريت ئي اتحاد ۽ اتفاق جو مظاهرو ڪيو جهڙي ريت دهشتگردي خلاف اتحاد ۽ اتفاق ڏيکاري تاريخ رقم ڪئي وئي، اهو شايد پهريون ڀيرو ٿيو جو اپوزيشن جي نامزد اميدوار جي حڪومتي ڌر حمايت ڪري.هينئر رضا رباني سينيٽ چيئرمين ۽ مولانا عبدالغفور حيدري ڊپٽي چيئرمين ٿي چڪا آهن انهن جي ڪلهن تي سڀ کان وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ته اهي ملڪ جي اعليٰ ترين ايوان جي ڪارروائي اهڙي هلائيندا جو سندن قيادت تي اعتماد ڪندڙ ڌرين کي اعتراض نه ٿيندو، گڏوگڏ اها به اميد آهي ته ٻئي سينيئر ۽ تجريبڪار سياستدان هئڻ ناتي پنهنجو تجربو ۽ سياسي بلوغت قانونسازي وغيره لاءِ ڪتب آڻيندا.هتي اسين اتفاق راءِ جو مظاهرو ڪندڙ سڀني ڌرين کي جَس پيش ڪندي هڪ دفعو ٻيهر گذارش ڪنداسين ته مستقبل ۾ به اهڙن معاملن تي تاريخي ايڪا جو مظاهرو ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *