سينيٽ چونڊون ۽ ڪجهه خدشا

 

پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ سرڪار ۾ ”ڌوڙي ڀيچي“ ٿيڻ لاءِ هڪ ٿي ويون آهن. رحمان ملڪ جي رڳو لنڊن وڃڻ جي ديرهئي، تنهن کانپوءِ ايم ڪيو ايم اک ڇنڀ ۾ حڪومت ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار ٿي وئي، چيو وڃي ٿو ته اڄڪلهه ملڪ ۾ رحمان ملڪ ۽ رياض ملڪ ٻن ڄڻن جو سڪو هلي ٿو. رحمان ملڪ جڏهن به بريف کڻي ڪنهن سفر تي نڪري ٿو ته پوءِ اڳ ۾ ئي سياسي حلقا اهي اڳڪٿيون ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن ته رحمان ملڪ جنهن مشن تي نڪرندو آهي اهو اتان ڪامياب ٿي ضرور ايندو آهي. هن اڄ تائين لنڊن جا جيترا پنڌ ڪيا آهن اوترا پنڌ هن پنهنجي مائٽن سان به ملڻ لاءِ نه ڪيا هوندا جيئن ته هاڻ سينٽ وارين چونڊن ۾ باقي 3 ڏينهن وڃي بچيا آهن، تنهن کانپوءِ رحمان ملڪ جون ذميواريون پڻ وڌي ويون آهن. شايد اهي ئي ذميواريون آهن جن کان وزيراعظم ميان نواز شريف ۽ عمران خان ڊنل آهن ته رحمان ملڪ جيڪولنڊن وڃڻ کان هاڻ فارغ ٿي چڪو آهي اهو جيڪڏهن اسيمبلي ميمبرن جي گهرن ڏانهن نڪري پيو ته پوءِ سينٽ جي چونڊن جا نتيجا حيرت انگيز ثابت ٿي سگهن ٿا. وزيراعظم ميان نواز شريف ۽ عمران خان کي خدشا آهن ته سينٽ جي چونڊن ۾ وڏي پيماني تي هارس ٽريڊنگ ٿي سگهي ٿي، ان ڪري ان هارس ٽريڊنگ کي روڪڻ لاءِ هن آئين ۾ 22 هين ترميم ڪرڻ لاءِ جيڪي ڪوششون ڪيون اهي في الحال ته ناڪام ٿينديون نظر اچي رهيون آهن ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽي جي يو آءِ ۽ اي اين پي اهڙي ڪنهن به ترميم جي حمايت لاءِ نظر نه ٿيون اچن ان ڪري اها ترميم ٿيڻ وارا امڪان ڄڻ ته ختم ٿي چڪا آهن ڇاڪاڻ ته هاڻ ايم ڪيو ايم به پيپلز پارٽي سان ٻيهر ٺاهه جو اعلان ڪري چڪي آهي جيئن ته هارس ٽريڊنگ وارن امڪانن کي مسلم ليگ(ن) ان ڪري به وڌيڪ ويجهڙائي سان ٿيندو ڏسي رهي آهي ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ مسلم ليگ(ن) خود به باقاعدي هارس ٽريڊنگ ۾مک ڪردار ادا ڪري چڪي آهي، عوام کي ياد آهي ته آءِ جي آءِ جي جوڙجڪ ۾ جيڪي پئسا استعمال ٿيا اهي ڪٿان آيا هئا يا بينظير ڀٽو جي خلاف پيش ڪيل عدم ا عتماد واري تحريڪ دوران ڇانگا مانگا ۾ اسيمبلي ميمبرن کي ڪنهن سير ڪرائي هئي، ان ڪري وزيراعظم ميان نواز شريف سمجهي ٿو ته اسيمبلي جي ميمبرن ۾ ڪيترو ”جهلو“ آهي ۽ اهي ”چمڪ“ آڏو پاڻ کي ڪيترو روڪي سگهندا، ان ڪري سڀ کان وڌيڪ ڊپ مسلم ليگ(ن) کي ئي آهي ته ان جا ميمبر وڪامي سگهن ٿا. اسان اڳ به اهو بحث ڪري چڪا آهيون ته جيڪڏهن سياست کي ڪاروبار ڪري هلايو وڃي ته پوءِ سياست ۾ اهڙي قسم جا زلزلا اچڻ جا امڪان وڌيڪ هوندا آهن، جيڪڏهن سياسي پارٽيون پنهنجن ڪارڪنن ۽ نامزد اسيمبلي ميمبرن ۽ سينيٽرن جي نطرياتي بنيادن تي چونڊڪن ته پوءِ اهو ناممڪن آهي ته ڪو ميمبر خريد ٿي وڃي پڙهندڙن کي ياد هوندو ته جڏهن اسان جي ملڪ ۾ نظرياتي سياست کاٻي ۽ ساڄي ڌر ۾ ورهايل هوندي هئي تڏهن سياسي ڪارڪن نه رڳو نظرياتي طور تي سگهارا هوندا هئا، پر انهن جي هر ڪارڪن ۽ اڳواڻ تي تکي نظر هوندي هئي، ا نهن ڏينهن مجال آهي جو ڪو ڪارڪن يا اڳواڻ پنهنجي نظرياتي سوچ جي ابتڙ ڪا ڳالهه ڪري سگهي اسان وٽ جڏهن کان سياست ۾ ”نظرياتي ڏڪار“ پوڻ شروع ٿيو آهي ۽ سياستدانن ۽ ڪارڪنن، ڪتابن کي هٿ لائڻ ڇڏي ڏنو آهي يا ڪارڪنن جي سکيا لاءِ سياسي پارٽين پاران هلندڙ ”ڪلاس“ بند ٿيا آهن تڏهن کان سياست آهستي آهستي يرغمال ٿيندي پهريائين ڊرائينگ رومن تائين محدود ٿي جيڪا هاڻ وڏن وڏن محلاتن ۾ قيد ٿي چڪي آهي. هن وقت فيصلا ڪارڪنن جي مرضي سان نه ٿا ٿين پر ڪارڪنن تي فيصلا مڙهي انهن کان منظوري وٺرائي وڃي ٿي. مثال طور ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي تازو جيڪو ٺاهه ڪيو، ان جي ڪنهن کان به منظوري نه ورتي وئي، ڪنهن به ڪارڪن جي راءِکي شامل نه ڪيو ويو ۽ ڪنهن کي به خبر ناهي ته ڪهڙن بنيادن تي پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ٺاهه ڪيو آهي ۽ ڪهڙن آسرن تي پيپلز پارٽي پنهنجي هڪ سيٽ ايم ڪيو ايم کي ڏني آهي يا ايم ڪيو ايم کي ڪهڙو آسرو ڏنو ويو آهي جو انهن جي زبان کي هڪ ئي وقت وڏا وڏا تالا لڳي ويا آهن. اسان اهو ته نه چونداسين ته هن وقت ”سياسي اسٽاڪ ايڪسچينج“ ۾ جيڪي افواهه هلي رهيا آهن تن ۾ اهو چيو پيو و ڃي ته رحمان ملڪ جو ڪردار ته سڀني جي سامهون آهي پر هڪ ٻئي ”ملڪ“ اربين رپين جو هڪ ڳجهو فنڊ قائم ڪري سياسي دستر خوان و ڇائي ڇڏيو آهي ۽ اشارن سان ڪوٺ ڏني پئي وڃي ته جنهن به اسيمبلي ميمبر کي بک لڳل هجي اهو ان دسترخوان تان جيترو کپي کائي پي ڍو ڪري سگهي ٿو. ڪجهه حلقا اهڙي دسترخوان کي ايڌي سينٽرن ٻاهران رکيل ان ”پينگهي“ سان تشبيهه ڏين ٿا جنهن پينگهي ۾ رات جي ڪنهن وقت ڪي پاڇولا اچي ڪا ويڙهيل شيءِ وجهي وڃن ٿا ته جيئن انهن جي ڪا سڃاڻپ به نه ٿيئي. اهڙي ريت ويڪائو گهوڙا سياسي دسترخوان تان ڍو ڪري کائڻ لاءِ پاڇولن جي شڪل ۾ اچي رهيا آهن جيڪي پاڇولا پاڪستان جي سڀ کان اهم ۽ وڏي ايوان ۾ خالي ٿيندڙ ڪرسين لاءِ پنهنجا نالا ڊائرين ۾ لکرائي رهيا آهن. پاڪستان جي سياست جڏهن سون جي ٿالهين ۾ وڪري لاءِ پيش ٿيڻ لڳي ته پوءِ سمجهي سگهجي ٿو ته جيڪي قوتون ڳجهه ڳوهه ۾ سياسي شيئر خريد ڪري رهيون آهن، اهي سينٽ کي ڪيترو يرغمال بڻائينديون ۽ جيڪڏهن سينٽ جو ايوان ائين ئي ڳجهه ڳوهه ۾ وڪرو ٿي ويو ته پوءِ عوام پنهنجي ووٽ ذريعي تبديلي آڻڻ وارا کڻي سوين خواب ڏسي پر اها تبديلي ڪڏهن به اچي نه سگهندي ڇاڪاڻ ته جيستائين ڪو به بل قومي اسيمبلي مان پاس ٿيڻ کان پوءِ سينٽ مان پاس نه ٿيندو تيستائين اهو بل صدر جي صحيح لاءِ ڪڏهن به ايوان صدر ڏانهن وڃي نه سگهندو. اسان وزيراعظم ميان نواز شريف جي ان راءِ سان متفق آهيون ته هارس ٽريڊنگ روڪڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته هن وقت کڻي پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ هارس ٽريڊنگ روڪڻ لاءِ ساٿ ڏيڻ کان لنوائڻ جي ڪوشش ڪنديون هجن پر اڄ جنهن ”ملڪ“ کان نوازشريف ۽ عمران خان خائف آهن سڀاڻي ڪو ٻيو”ملڪ“ قارون جو خزانو کڻي اچي ويٺو ته پوءِ پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ کي به هارس ٽريڊنگ روڪڻ لاءِ ضرور سوچڻو پئجي ويندو. اسان جي خيال ۾ اهو اڄ نه ته سڀاڻي ضرور ٿيڻو ئي آهي ڇاڪاڻ ته ميان نوازشريف ڪالهه جيڪو پوکيو هو اهو کيس اڄ لڻڻو پئجي رهيو آهي ۽ پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ جيڪو اڄ پوکي رهيون آهن انهن کي سڀاڻي ضرور لڻڻو پوندو ان ڪري اسان جي صلاح آهي ته سڀيئي سياسي پارٽيون اهو وچن ڪن ته اهي ڏوڪڙن جي آڌار تي سياست ڪرڻ واري عمل جي حوصلا شڪني ڪنديون ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر نظرياتي سياست پوءِ اها ساڄي ڌر واري هجي يا کاٻي ڌر واري يا لبرل ان طرف موٽ کائينديون جيڪڏهن انهن ائين نه ڪيو ته پوءِ ڪنهن به وقت فرعون جي گهر ۾ڪو نه ڪو موسيٰ پيدا ٿي سگهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *