سينيٽ چونڊن کانپوءِ ڪيترائي سوال سامهون اچي ويا…!!!

 

پاڪستان جي چونڊيل جمهوري ايوانن يعني قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ سينٽ جي خالي ٿيل سيٽن تي نامزد اميدوارن لاءِ ووٽ وڌا ويا. ان سلسلي ۾ سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي اسيمبلين ۾ جيڪي ووٽ ڪاسٽ ٿيا تن بابت ڪٿان کان به هارس ٽريڊنگ واري ڪا به خبر سامهون نه آئي، جڏهن ته سنڌ اسيمبلي واحد اسيمبلي هئي، جنهن ۾ سڪون سان نه رڳو پولنگ ٿي پر ڪنهن به قسم جي ڪا به ڇڪتاڻ نظر نه آئي. جڏهن ته خيبر پختونخواهه جي رڳو واحد اسيمبلي هئي، جنهن ۾ ووٽن دوران تڪرار ايترو وڌي ويو جو پولنگ کي بند ڪرڻو پئجي ويو، جڏهن ته بعد ۾ اها پولنگ ٻيهر شروع ڪرائي پولنگ جي ختم ٿيڻ جو وقت رات جو اٺين وڳي تائين مقرر ڪيو ويو جيئن ته هارس ٽريڊنگ جي سڀ کان وڏي واويلا ڪي پي ڪي طرف ڳچ ڏينهن کان اڳواٽ ئي ٻڌڻ ۾ اچي رهي هئي ان ڪري اها پڪ هئي ته ڪي پي ڪي اسيمبلي ۾ چونڊ دوران ڪو نه ڪو ٻڙڌڪ ضرور مچندو ۽ ٿيو به ائين ئي، جنهن ڪري ان صوبي ۾ ٻين اسيمبلين وانگر وقت تي پولنگ ختم نه ٿي سگهي ۽ نيٺ پولنگ جو وقت وڌائڻو پئجي ويو. سينٽ جي ٿيندڙ چونڊن بابت اڳواٽ ئي جيڪي تجزيا ڪيا پئي ويا، تقريبن ان وانگر ئي نتيجا سامهون آيا آهن، مسلم ليگ(ن) پنجاب اسيمبلي ۽ قومي اسيمبلي ۾ ڪلين سوئپ ڪيو آهي، سنڌ ۾ پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي اتحاد کانپوءِ جيڪا صورتحال نظر اچي رهي هئي سي نتيجا ساڳئي نموني نظر آيا آهن. بلوچستان ۾ به ووٽن ۾ ڪا وڏي ڦيرڦار ٿيندي نظر نه آئي آهي ۽ چونڊ نتيجا پارٽي پوزيشنن جي حساب سان ئي سامهون آيا آهن جيئن ته گذريل رات دير سان جيڪو صدارتي آرڊيننس جاري ٿيو، تنهن کانپوءِ فاٽا۾ ٿيندڙ چونڊون نه رڳو تڪراري بڻجي ويون پر اليڪشن ڪميشن وٽ مختلف درخواستون داخل ٿيڻ کانپوءِ فاٽا جون چونڊون اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪيون ويون آهن.

فاٽا جي سينٽرن جي چونڊ جيڪڏهن ايندڙ هڪ هفتي اندر نه ٿي ته پوءِ سينٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ به مقرر تاريخ يعني 12 مارچ تي نه ٿي سگهندي ۽ نه ئي نون چونڊيل سينيٽرن جي حلف برداري ٿي سگهندي، ان ڪري هر پارٽي جي ڪوشش هوندي ته حالتن کي رواجي رکڻ لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن ۽ ڪابه اهڙي صورتحال پيدا نه ڪئي وڃي، جنهن سان سينيٽ جو 12 تاريخ تي گهرايل اجلاس ملتوي ڪرڻو نه پئي سينٽ جي چونڊن ۾ جيڪي چونڊ نتيجا سامهون آيا آهن، تن ۾ پيپلز پارٽي ڪا به وک اڳتي وڌائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي آهي. جڏهن ته پ پ جي قيادت کي اميد هئي ته اها پنجاب ۽ بلوچستان مان هڪ هڪ ۽ خيبرپختونخواهه مان گهٽ ۾ گهٽ 4 سيٽون کڻي ويندي پر سامهون ايندڙ نتيجن موجب اها رڳو سنڌ تائين ئي محدود رهي. جڏهن ته مسلم ليگ(ن) پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ نه رڳو ڪامياب رهي پر اها بلوچستان ۾ به پنهنجي موجودگي ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي جيئن ته پيپلز پارٽي جو سڄو زور ان ڳالهه تي هو ته اهاڪيئن به ڪري سينٽ۾ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين وارا عهدا حاصل ڪري جيئن ته سينٽ جي گذريل ايوان ۾ چيئرمين جو عهدو پيپلز پارٽي وٽ ئي هو ۽ هن ڀيري جيڪي چونڊ نتيجا سامهون آيا آهن، تن مان ظاهر ٿيئي ٿو ته سينيٽ جي چيئرمين جو عهدو پيپلز پارٽي هڪ ڀيرو ٻيهر حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي، ڇاڪاڻ ته هن وقت پ پ وٽ 26 سينيٽر آهن. جڏهن ته (ن) ليگ وٽ 24 سينيٽر آهن، جيڪڏهن پيپلز پارٽي کي ايم ڪيو ايم جي 8 اي اين پي جي 6 ق ليگ جي 4 ۽ جي يو آءِ ف جي 4 ميمبرن جا ووٽ حاصل ٿين ٿا ته پوءِ اها آساني سان پنهنجو چيئرمين چونڊرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي، جڏهن ته مٿي ڄاڻايل ووٽ مسلم ليگ(ن) کي ملڻ مشڪل آهن.

اسان سمجهون ٿا ته سينيٽ جي چونڊن وارو مرحلو ته ڄڻ ته ايندڙ هڪ هفتي اندر پورو ٿي ويندو پر انهن چونڊن کانپوءِ ڪيترائي سوال سامهون اچي ويا آهن. جنهن ۾ سڀ کان اهم سوال اهو سامهون آيو آهي ته هاڻ هر صورت ۾ چونڊ سڌار ضرور ٿيڻ گهرجن ڇاڪاڻ ته سينيٽ جي چونڊن کان اڳ پهريائين ڪوشش ڪئي وئي ته آئين ۾ ترميم ڪرڻ لاءِ 22 ترميم آندي وڃي، جنهن لاءِ مخالف ڌر جي پارٽين سخت اختلاف ڪيو جنهن ڪري اها ترميم پارليامينٽ ۾ پيش ٿي نه سگهي. اهڙي ريت فاٽا جي چونڊن جي سلسلي ۾ صدر مملڪت کي رات جو دير سان آرڊيننس جاري ڪرڻو پيو، جنهن ڪري نه رڳو فاٽا جي سينيٽرن جي چونڊ تڪراري بڻجي وئي پر فاٽا سينيٽرن جي چونڊ کي اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪرڻو پئجي ويو، اهڙي ريت ڪي پي ڪي ۾ پولنگ دوران جيڪي اختلاف سامهون آيا ان کانپوءِ صوبي ۾ پولنگ جو عمل روڪڻو پئجي ويو. اسان سمجهون ٿا ته سياست ۾ اختلاف ٿيڻ يا ڪرڻ ڪا به خراب ڳالهه ناهي، اهو ئي جمهوريت جو حسن آهن ۽ اهي اختلاف ۽ تڪرار ان ڳالهه تي مجبورڪن ٿا ته جيڪي اوڻايون سامهون آيون آهن، تن کي ختم ڪرڻ گهرجي ته جيئن اختلاف گهٽ ۾ گهٽ ٿي سگهن،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *