سول اسپتال حيدرآباد ۽ ڪميشن مافيا

سول اسپتال حيدرآباد جنهن ۾ حڪومت دل جي بيمارين جي علاج لاءِ نه رڳو  هڪ شاندار وارڊ تعمير ڪرايو آهي، پر ان وارڊ ۾ دل جي مريضن جي سارسنڀال به ڪنهن پرائيويٽ اسپتال ۾ ٿيندڙ علاج کان ان وارڊ ۾ ٿيندڙ علاج ڪيئي ڀيرا وڌيڪ بهتر آهي، دل جي بيمارين واري ان وارڊ ۾ مريضن کي دوائون به وارڊ ۾ ئي فراهم ڪيون وڃن ٿيون. جڏهن ته ماهر ڊاڪٽر دل جي مريضن جي جيڪا دلجوئي ڪن ٿا ۽ انهن جي تپاس کان وٺي انهن جي سارسنڀال تائين جنهن محنت سان ڪم ڪن ٿا، تنهن کي ڏسي اها ڳالهه دل سان چوڻ تي مجبور ٿيڻو پئي ٿو ته واقعي ڊاڪٽر مسيحا آهن ۽ جيڪڏهن سرڪاري اسپتالن جا سڀيئي ڊاڪٽر انهي طريقي سان مريضن جو علاج ڪن ته شايد عوام کي پرائيويٽ اسپتالن جو رخ به ڪرڻو نه پئي. اهڙي آئيڊيل صورتحال ۾ هلندڙ دل جي بيمارين واري انهي وارڊ ۾ 7 ڪروڙ رپين جي خرچ سان لڳايل انجيوگرافي واري مشين ٻه سال اڳ معمولي خرابي سبب بند ڪئي وئي هئي، جيڪا ڪجهه مهينا اڳ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي انسپيڪشن ٽيم جي ڪوآرڊينيٽر حاجي مظفر شجراع جڏهن سول اسپتال جو دورو ڪيو هو ، تڏهن سندس ڌيان خراب پيل مشين طرف ڏياريو ويو هو. جنهن تي  هن  چيو هو ته هاڻ اها مشين ٻن ڏينهن ۾ ٺهي ويندي، جڏهن ته ٻن هفتن کانپوءِ ان مشين پنهنجو ڪم شروع ڪيو جيڪا 10 ڏينهن مس هلي ته ٻيهر خراب ٿي وئي جيڪا اڃا تائين ٺهي نه سگهي آهي. اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته مشين ته هلي رهي آهي پر ان ۾ ڪا فني خرابي آهي، جيڪا ڪمپني اچي ٺيڪ ڪندي، تيستائين اها مشين استعمال هيٺ آڻي نه ٿي سگهجي.

                      يادر رهي ته انجيوگرافي لاءِ حيدرآباد جي پرائيويٽ اسپتالن ۾ 25 هزار رپين تائين في ورتي وڃي ٿي، جڏهن ته سول اسپتال ۾ انجيوگرافي ساڍن ٽن هزارن ۾ ڪئي ويندي هئي، ڪجهه حلقن الزام لڳايو آهي ته انجيوگرافي سيڪشن ۾ ڪم ڪندڙ ڪو عملو ڄاڻي واڻي ان مشين کي خراب ڪري ڇڏي ٿو ته جيئن انجيوگرافي جي ضرورت مندن کي پرائيويٽ اسپتالن ڏانهن اماڻي گهر ويٺي روزانو هزارين رپيا ڪمائي سگهجن. اسان سول اسپتال حيدرآباد ۾ خراب پيل انجيوگرافي واري مشين کي ٺهرائڻ لاءِ حڪومت کي اپيل ڪرڻ سان گڏوگڏ اها پڻ ڳالهه رڪارڊ تي آڻڻ گهرون ٿا ته سنڌ جي 13 ضلعن جا مريض انجيوگرافي لاءِ حيدرآباد جو رخ ڪن ٿا، جن کي انجيوگرافي لاءِ پرائيويٽ اسپتالن مان هزارين رپيا ڏيئي انجيوگرافي ڪرائڻي پئي ٿي، جيڪا سرندي وارن ماڻهن لاءِ ته ممڪن آهي پر عام غريب ماڻهو ايڏي وڏي رقم ڀرڻ کان لاچار آهي، جيڪڏهن اها مشين ٺهي وڃي ته هوند نه رڳو عام غريبن کي فائدو ٿيندو، پر سول اسپتال جي دل جي وارڊ جي ڊاڪٽرن کي پڻ مريضن جو علاج ڪرڻ ۾ سهولت ٿيندي، اسان اميد ٿا ڪريون ته سنڌ جو صحت کاتو ۽ سنڌ سرڪار ان سلسلي ۾ اوليت جي بنياد تي حڪم جاري ڪري انجيوگرافي مشين کي استعمال جي قابل پڻ بڻائيندي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *