سنڌ ۾ ٽريفڪ حادثا ۽ اڻ لڀ قانون

 

سنڌ ۾ شايد ئي ڪو اهڙو مهينو گذريو هجي جنهن ۾ ڪو نه ڪو ٽريفڪ جو وڏو حادثو پيش نه آيو هجي، ڪالهه به سيٺارجا وٽ اهڙو ئي هڪ بس کي هانءَ ڏاريندڙ حادثو پيش آيو، جنهن ۾ ٽن عورتن سميت 15 مسافر اجل جو شڪار ٿي ويا. حادثو بس ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٿيو، جنهن ۾ ٻنهي گاڏين جا ڊرائيور پڻ موت جي منهن ۾ هليا ويا. سنڌ ۾ جيڪي حادثا ٿيندا رهيا آهن، تن بابت هڪ ٻه ڏينهن ذڪر هلندو آهي ۽ پوءِ ٻئي ڪنهن واقعي تائين اهو حادثو رڳو انهن وارثن کي ياد رهندو آهي، جن جا پيارا اهڙي ڪنهن حادثي جو شڪار ٿيا هوندا آهن.هونئن به حادثن کي روڪڻ ڪنهن جي به وس ۾ نه آهي، پر اهو ضرور آهي ته جيڪڏهن حفاظتي اپاءَ سخت ڪيا وڃن ۽ قانون جي عملداري کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو وڃي ته پوءِ يقينن خوفناڪ حادثن ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. سيٺارجا وٽ جيڪو حادثو پيش آيو آهي، تنهن جو ڪارڻ اهو ٻڌايو ويو آهي ته حادثي جو شڪار ڪوچ پنهنجو مقرر روٽ ڇڏي هڪ اهڙو رستو اختيار ڪيو هو، جيڪو ان کي ڪنهن به صورت ۾ استعمال ڪرڻو نه هو جيئن ته ڊرائيورن جي اها ڪوشش هوندي آهي ته گاڏي جو تيل بچائڻ لاءِ شارٽ ڪٽ وارو روٽ اختيار ڪندا آهن، سيٺارجا وٽ ٿيل حادثي جو ڪارڻ به اهو ئي ٻڌايو ويو آهي ته اها بس پنهنجي مقرر روٽ تي هلڻ بجاءِ ان رستي تي سفر ڪري رهي هئي جنهن رستي کان بس جو ڊرائيور اڻ واقف هو ۽ ان کي شايد اها خبر ئي نه هئي ته ان رستي تان لنگهندي ان کي لنڪ روڊن تان ايندڙ گاڏين جو ڪيترو خيال رکڻو آهي جيئن ته هاءِ ويز تي هلندڙ گاڏين جي اڪثر ڊرائيورن کي رستي جي مڪمل خبر هوندي آهي، ان ڪري اهي رستي ۾ ايندڙ خطرناڪ موڙن، اسپيڊ بريڪرن يا لنڪ روڊن کي نظر ۾ رکي پنهنجيون گاڏيون هلائيندا آهن. جڏهن ته سيٺارجا وٽ جيڪو حادثو پيش آيو آهي اهو مڪمل طور تي ڊرائيور جي غفلت ئي قرار ڏيئي سگهجي ٿو. اسان سمجهون ٿا ته حڪومت کي ان سلسلي ۾ هڪ اعليٰ سطحي ڪميشن ٺاهڻ گهرجي،جيڪو سنڌ ۾ ٿيندڙ هر حادثي کانپوءِ مڪمل جاچ ڪري پنهنجي رپورٽ حڪومت آڏو پيش ڪري ۽ ان رپورٽ جي روشني ۾ حڪومت جيڪي به ضروري قدم سمجهي اهي فوري طور تي کڻي، ائين ڪرڻ سان حڪومت کي اها ڄاڻ ملي سگهندي ته آخر سنڌ ۾ وقفي وقفي سان ٿيندڙ خوفناڪ حادثن جا بنيادي ڪارڻ ڪهڙا آهن.مثال طور اسان وٽ جيڪو به حادثو ٿيندو آهي، تنهن جو الزام گهڻو ڪري ڊرائيورن تي ئي لڳايو ويندو آهي، جڏهن ته هر حادثي جو سبب رڳو ڊرائيور کي قرار نه ٿو ڏيئي سگهجي، ان لاءِ ٻيا به انيڪ سبب آهن جن کي ويچار هيٺ آڻڻ جي سخت ضرورت آهي، مثال طور ڪجهه حادثا رستن جي خراب صورتحال جي ڪري پيش ايندا آهن، جنهن لاءِ هاڻ وڌيڪ لکڻ يا ڳالهائڻ ڪجهه عجيب ٿو لڳي ڇاڪاڻ ته سڄي سنڌ جا سڀيئي روڊ رستا تباهه آهن ڪو به اهڙو رستو سلامت ناهي، جنهن تان ڪا به ٽريفڪ مقرر رفتار تي لاڳيتو هلي سگهي. هر ٻن يا ٽن ڪلوميٽرن تي گوڏي جيڏا کڏا ته گهڻو ڪري هر رستي تي هوندا ئي آهن، جيڪڏهن ڊرائيور ر وڊ رستي کان واقف ناهي ته پوءِ اهو ان رستي تان جيڪڏهن تيز رفتار سان گاڏي کي هلائيندو تڏهن يا ته بس يا ڪا ٻي ننڍي وڏي گاڏي اونڌي ضرور ٿيندي جيڪڏهن ائين نه به ٿيو تڏهن به گاڏي ۾ ويٺل مسافرن جا آنڊا ضرور ٻاهر نڪري ايندا ٿي سگهي ٿو ته گاڏي ۾ ويٺل عورتن ۽ ٻارڙن جون ڪيهون به رستن جي آس پاس موجود ماڻهن جي ڪنن تائين به ضرور پهچن، ان ڪري حادثن جو پهريون ۽ بنيادي سبب رستن جي خراب صورتحال آهي، اهڙي ريت ڊگهي روٽ تي هلندڙ گاڏيون گهڻو ڪري حادثن جو شڪار ٿيندي ڏٺيون ويون آهن ۽ اهي حادثا به گهڻو ڪري صبح جو 3 يا 4 وڳي جي وقت ٿيندا ڏسڻ ۾ آيا آهن چيو ويندو آهي ته اهو اهڙو وقت هوندو آهي جڏهن ڦاهيءَ تي چڙهندڙ ڏوهاري کي به ننڊ اچي ويندي آهي. هاڻ جڏهن ڊرائيورن کي ننڊ جا گهوڙا هجن، بس ۾ ويٺل سڀيئي مسافر کونگهرا هڻڻ ۾ پورا هجن تڏهن ڊرائيور کي ننڊ نه اچي اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي، ان ڪري حڪومت کي ڊ گهي روٽ تي هلندڙ گاڏين جي ڊرائيورن جي رستي تي مٽاسٽا وارو مضبوط سرشتو جوڙڻ لاءِ بندوبست ڪرڻ گهرجن ته جيئن هڪڙو ئي ڊرائيور ڊگهي روٽ تي گاڏي نه هلائي سگهي. ڊرائيورن جي چڪاس لاءِ رستن تي اهڙيون چيڪ پوسٽون ٺاهيون وڃن، جنهن ۾ ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو موجود هجي، جيڪو ڊگهي روٽ تي هلندڙ هر ڊرائيور جي جسماني چڪاس ڪري ته ڪٿي اهو ڊرائيور نشو واپرائي ته گاڏي نه هلائي رهيو آهي. جيڪڏهن ڦاهيءَ تي چڙهندڙ ڏوهاري جي سزا ان بنياد تي معطل ڪري سگهجي ٿي ته ڏوهاري جي جسماني ڪيفيت ٺيڪ ناهي ته پوءِ ڪنهن ڊرائيور کي اها اجازت ڪيئن ٿي ڏيئي سگهجي ته اهو نشي جي حالت ۾ گاڏي هلائي پنهنجي ۽ ٻين مسافرن جي جان لاءِ خطري جو سبب بڻجي. اسان سمجهون ٿا ته گاڏين جي فٽنيس، ڊرائيورن جي تربيت ۽ انهن کي هيوي ڊيوٽي لائيسنس جاري ڪرڻ کان اڳ سندن تسلي بخش چڪاس کانپوءِ کين اها اجازت ڏيڻ گهرجي ته جيئن حادثن ۾ ڪنهن حد تائين لاٿ اچي سگهي. اسان وٽ جيڪي به حادثا ٿين ٿا ان ۾ پوليس جو ڪردار رڳو ايترو وڃي بچي ٿو ته اها حادثي ٿيڻ کان هڪ ڪلاڪ پوءِ پهچندي آهي، تيستائين ڳچ جيترا مسافر موت جي منهن ۾ پهچي ويندا آهن، جڏهن ته باقي زخمين کي آسپاس جا ماڻهو ذاتي گاڏين ۽ گڏهه گاڏين تي کڻي وڃي اسپتال ڀيڙو ڪندا آهن. پوليس ڪيس داخل ڪندي آهي ۽ حادثي کانپوءِ جيڪا صورتحال پيدا ٿيئي ٿي ان صورتحال جي روشني ۾ پنهنجن اختيارين کي استعمال ڪندي ڪارروائي ڪري ٿي.اهو سڀ ڪجهه ٿيڻ کانپوءِ به اڄ ڏينهن تائين سنڌ ۾ جيڪي به خوفناڪ حادثا ٿيا آهن، تن حادثن جو ڪنهن کي به نه ته ذميوار قرار ڏنو ويو آهي ۽ نه ئي ڪنهن کي مثالي سزا ڏني وئي آهي. اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن خوفناڪ حادثن جي ذميوارن کي ڪا مثالي سزا ڏيڻ وارو سلسلو شروع ٿيئي ته شايد حادثن ۾ ڪنهن حد تائين لاٿ به اچي وڃي. بهرحال حادثن جا سبب ۽ انهن جي روڪٿام لاءِ هن ڪالم جيترا ڪيترائي ڪالم لکجن تڏهن وڃي حادثن جي اصل سببن جي اونهائي تائين پهچي سگهبو، بهرحال حڪومت ۽ ٽرانسپورٽ کاتي کي ان سلسلي ۾ ڪجهه نه ڪجهه سوچي اپاءَ وٺڻائي پوندا، ٻي صورت ۾ ائين ئي روڊ حادثا ٿيندا ئي رهندا ۽ عوام افسوس ڪندو ئي نظر ايندو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *