سنڌ ۾ تيزي سان پکڙجندڙ منشيات ۽ حڪمران

سنڌ ۾ نشي جي وبا جنهن تيزي سان پکڙجي رهي آهي، تنهن کي روڪڻ لاءِ جيتوڻيڪ حڪومتي سطح تي ڪيترائي ادارا  موجود آهن، ليڪن جيترا وڌيڪ ادارا جوڙيا وڃن ٿا، سنڌ ۾ منشيات جو ڪاروهنوار اوترو ئي چوٽ چڙهندو وڃي ٿو هن وقت نشي واري ڪاروبار کي روڪڻ لاءِ ايڪسائيز کاتو، اينٽي نارڪوٽيڪس کاتو ۽ ان کانسواءِ نشي جي سوداگرن کي سزا ڏيڻ لاءِ اينٽي نارڪوٽيڪس ڪورٽون پڻ موجود آهن جڏهن ته هر شهر ۾ موجود پوليس ٿاڻا ۽ چيڪ پوسٽون قائم ڪيل آهن جيڪي پڻ منشيات جي ڏوهارين کي سوگهو ڪري کين عدالتن آڏو پيش ڪن ٿيون. پر حڪومتي سطح تي اهي سڀئي بندوبست هوندي به منشيات جو ڪاروبار ڏينهون ڏينهن چوٽ چڙهندو نظر اچي رهيو آهي سنڌ جو اهڙو ڪو به شهر ناهي جنهن ۾ ڪچي شراب جون بٺيون هلندڙ نه هجن يا شراب جو واهپو نه ٿيندو هجي، اهڙي ريت هيروئن چرس آفيم سميت  هر قسم جي منشيات سرعام وڪرو ٿيندي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ڪو زمانو هو جڏهن ڪچو شراب يا ٺرو ٺاهيندڙ به پنهنجي ڌنڌي ۾ايمانداري جو مظاهرو ڪندي ان جي ڪشيد ايتري ته صفائي سان ڪندا هئا جو ڪچو شراب واپرائيندڙن کي نشي کان سواءِ وقتي طور تي ڪو ٻيو نقصان نه ٿيندو هو، پر جڏهن کان گهٽي گهٽي ۾ منرل واٽر جون بوتلون ملڻ آسان ٿي ويون آهن تڏهن کان ڪچو شراب ٺاهيندڙن جو ڪم به مورڳو آسان  ٿي پيو آهي هاڻ ته انهن کي نه ته ڪچو شراب ٺاهڻ لاءِ ڪنهن مٽ يا گندي کي ”مال مصالحي“ جي تيار ٿيڻ لاءِ زمين ۾ پورڻو پئي ٿو ۽ نه ئي مڻن جي حساب سان ڪاٺين کي ٻاري ۽ ٻاڦ کي  ڦڙو ڦڙو ڪري بوتل ۾ گڏ ڪرڻ لاءِ ڪا جاکوڙ ڪرڻي پئي  ٿي، هاڻ ته ڪچو شراب تيار ڪندڙ موت جا واپاري منرل واٽر ۾ ميڊيڪل اسٽورن تي ملندڙ نشي وارين گورين کي گهوٽي منرل واٽر جي پاڻي ۾ ملائي ٻن مان ٻارنهن ٺاهڻ ۾ رڌل آهن. جيڪڏهن ڪو موالي دانهن ڪري ٿو ته ٻيلي اڄ مال ”ڪسو“ آهي ته ٻئي  ڏينهن گورين جو ٻڪ وجهي مال کي وڌيڪ ”ٽائيٽ“ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ۽ اهو ئي ”ٽائيٽ ٿيندڙ مال“ موالين جي موت جو سامان بڻجيو وڃي ان سلسلي ۾ اطلاع آهن ته نصرپور ڀرسان زهريلو شراب واپرائڻ جي حوالي سان ٻن هفتن اندر 16 کان وڌيڪ ماڻهن جو  موت سندن گهر ويٺي ئي مهمان بڻجي چڪو آهي. هوڏانهن خيرپور مان خبر آئي آهي ته ڪچو شراب واپرائڻ جي سلسلي ۾ هڪ نوجوان فوت ٿي چڪو آهي، جڏهن ته ضلعي جي اٺن تعلقن ۾ سرعام شراب وڪرو ٿي رهيو آهي. اهڙي ريت ڪالهه ٽنڊي ڄام ويجهو يو سي حاجي سانوڻ گوپانگ ۾ به  ٻن ڄڻن جي فوت ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن هونئن ته سڄي سنڌ ۾ ڪچو شراب ته پاڻي وانگر استعمال ٿي رهيو آهي ته ٻئي طرف گٽڪو،  پان پراڳ،  مين پڙي ۽ ٻيو ڪن ڪچرو به سنڌ جي نوجوانن جي روزاني خوراڪ بڻجي پيو آهي. هر ٻئي نوجوانن جي هڪ کيسي ۾ موبائل فون ته ٻئي کيسي ۾ گٽڪي کان وٺي نشو ڏيندڙ  ڪا نه ڪا بيماري ضرور پيل ملي ٿي، ماضيءَ ۾ سنڌ جو ماڻهو يا ته ٿاڌل واپرائيندو هو يا موالي ڀنگ جو ڪونڊو پي پيا پنهنجي جان ٺاريندا هئا پر هاڻ ڀنگ گهوٽڻ وارا اهي موالي به مري ويا آهن جيڪي موالي بچيا آهن اهي اهڙي ڀنگ گهوٽي ئي نه ٿا سگهن جنهن جي پيئڻ سان ڪنهن موالي جا چوڏنهن طبق روشن ٿي وڃن. تنهن هوندي به اوتارا اڄ به ڪٿي ڪٿي آباد نظر اچن ٿا. ان حوالي سان روهڙي مان هڪ خبر رپورٽ ٿي آهي ته بندر روڊ واري علائقي ۾ صوفي فقير دين پناهه واري ميخاني ۾ ڀنگ گهوٽڻ دوران موالين ۾ ڀنگ نه ڏيڻ تان جهيڙو ٿي پيو هڪ موالي ڀنگ گهوٽڻ وارو ڏنڊو ٻئي موالي کي وهائي ڪڍيو نتيجي ۾ اهو موالي مارجي ويو جيتوڻيڪ پوليس قاتل موالي کي گرفتار ڪري ورتو آهي پر ڇا هڪ موالي جي گرفتار ٿيڻ سان سنڌ ۾ هلندڙ سڀئي ميخانا بند ٿي ويندا يا موالي توبهه تائب ٿي وڃي عبادتن ۾ مشغول ٿيندا. اهڙي ريت هيروئن جيڪا  هڪ هزار ميل پري تيار ٿئي ٿي پر ايڏي ته خاموشي سان سنڌ ۾ هيروئن جي واپارين تائين پهچي ٿي جو ڪنهن کي خبر نه ٿي پوي ته هيروئن جا واپاري ڪير آهن، جڏهن ته هيروئن واپرائيندڙن کي هر ڪو ماڻهو پري کان ڏسي سڃاڻي وٺي ٿو ته هيروئني جا هاڻي رڳو ”ٿورا ڏينهن“ آهن اڄ نه ته سڀاڻي سندس لاوارث لاش ڪنهن گند جي ڍير تي پيل نظر اچي ويندو پر مجال آهي جو اڄ ڏينهن تائين ڪنهن نيڪ مرد ان دهشتگردي خلاف ڪنهن جهاد جو اعلان ڪرڻ جي همت ڪئي هجي. جڏهن ته هيروئن به هڪ هٿ کان ٻئي هٿ ذريعي وڪامي ٿي پوليس جي ٿاڻي کان سڏ پنڌ تي ويٺل هيروئنين کي خبر هوندي آهي ته کين اها هيروئن ڪٿان ملي سگهي ٿي پر ٿاڻي وارن مان شايد ڪنهن کي به  توڙ تائين خبر نه ٿي هجي ته آخر اهو ڪير آهي جيڪو روزانو موت جا ٽوڪن ورهائي رهيو آهي پر ان  جو ڪو به نالو وٺڻ لاءِ تيار ناهي اسان سنڌ ۾ تيزي سان وڌندڙ منشيات جي لعنت کي ڪنهن وڏي سازش کان گهٽ نه ٿا سمجهون ڇاڪاڻ ته سنڌ جي نوجوانن جي هٿن ۾ ڪجهه ڌرين ڪتاب ۽ قلم کسي موتمار هٿيار ته اڳ ئي ڏيئي ڇڏيا آهن ۽ باقي جيڪي بچيا آهن تن کي نشي جو عادي بڻائي سنڌ جي هڪ وڏي حصي کي مفلوج ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش هلندڙ آهي ان سازش جي خلاف سنڌ جي هر ساڃاهه وند ماڻهو کي پنهنجي پنهنجي طور تي نه رڳو ڪوشش ڪرڻ گهرجي پر جيڪي به موت جا سوداگر آهن تن جي نشاندهي ڪري انهن جي رستا روڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي باقي جيڪڏهن اها اميد رکي وئي ته حڪومتي ادارا سنڌ ۾ وڌندڙ منشيات کي روڪڻ لاءِ ڪا وک وڌائيندا تنهن لاءِ رڳو خواب ئي ڏسي سگهجي ٿو. ان ڪري اسان سڀني کي ان اهم مسئلي طرف ڌيان ڏيڻ لاءِ پنهنجون سڀئي توانائيون استعمال ڪرڻ گهرجن اسان هتي حڪومت کان به مطالبو ڪنداسين ته اها منشيات کي روڪڻ لاءِ جن ادارن تي ذميواريون رکيل آهن تن کي سرگرم ڪري ته جيئن سنڌ کي قيامت اچڻ کان 40 سال اڳ غرق ٿيڻ کان بچائي سگهجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *