سنڌ ۾ تعليم جو نظام تباهه ڇو..؟

اسان وٽ ڪجهه حلقن پاران تعليمي ايمرجنسي لڳائڻ وارا مطالبا ٿيندا ٻڌڻ ۾ اچن ٿا، پر افسوس اهو آهي ته اهي اڄ ڏينهن تائين اهو ٻڌائي نه سگهيا آهن ته اها تعليمي ايمرجنسي ڪيئن لڳندي يا ڪير لڳائيندو؟ جيڪو ان ايمرجنسي جي ڀڃڪڙي ڪندو ان کي ڪهڙي سزا ملي يا اهو ڪهڙو ملڪ آهي جنهن ۾ تعليمي ايمرجنسي لڳائي وئي ۽ اتان جي تعليم سڌري وئي. اسان سمجهون ٿا ته هاڻ تعليم جي تباهي بابت جيڪو به گهوڙا گهوڙا ڪري ٿو اهو رڳو سماجي مارڪون حاصل ڪرڻ ۽ ذهني ڪرپشن ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه ٿو ڪري، ڇاڪاڻ ته مسئلي بابت رڙيون ڪرڻ ۽ مسئلي جو حل ٻڌائڻ ٻه ڌار ڌار ڳالهيون آهن، جيستائين سماج تعليمي ادارن جي مالڪي وارو ذمو پاڻ نه کڻندو تيستائين تعليم کاتي جا ڪيترائي عملدار پوءِکڻي اهي ڊي ايم جي گروپ جا هجن يا تعليم کاتي جا پروموشن حاصل ڪري عهدا ماڻي ويٺل هجن، تعليم نه سڌرندي. اسان هتي هڪ مثال ڏيون ٿا جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسان جي معاشري سرڪاري تعليمي ادارن کان ڪيتري لاتعلقي اختيار ڪري رکي آهي جو ڪروڙين رپين جي ڪرپشن سرعام ٿي رهي آهي، پر ڪنهن جي به ڪن تي جون به ڪا نه ٿي سري.

   مثال طور سنڌ جي 6 ضلعن مان جيڪي انگ اکر اسان کي حاصل ٿيا آهن،تن موجب جيڪب آباد ضلعي ۾ تعليم کاتي ۾ 49 ڪروڙ، شهيد بينظير آباد ۾ هڪ ارب 84 ڪروڙ، حيدرآباد ۾ هڪ ارب رپين کان وڌيڪ، سانگهڙ هڪ ارب رپيا، قمبر شهدادڪوٽ 51 ڪروڙ ۽ ڪشمور ضلعي ۾ 44 ڪروڙ رپين جي رقم خردبرد ڪئي وئي. 6 ضلعن ۾ خردبرد ڪيل رقم اٽڪل ساڍا 3 ارب رپيا ٿيئي ٿي. هاڻ هتي ڏسڻو اهو آهي ته تعليم کاتي جي تباهي۾ ڪهڙا ڪهڙا هٿ ملوث آ هن. اسان جي خيال ۾ 4 هٿ ته صاف نظر اچي رهيا آهن، هڪڙو هٿ سرڪار جو پنهنجو آهي، جنهن ذريعي سفارشي ۽ ڏوڪڙن تي استادن جون ڀرتيون ڪيون وڃن ٿيون، جڏهن ته سرڪار استادن جي تنظيمن آڏو بيوس بڻيل هجڻ ڪري پنهنجي رٽ به بحال ڪرڻ کان قاصر آهي. اهڙي ريت ٻيو هٿ انهن ڪامورن جو آهي، جيڪي ضلعن جا مالڪ بڻيا ويٺا آهن ۽ تعليم جي مد ۾ ايندڙ رقمن کي بابن جو مال سمجهي کائي پي رهيا آهن، جن جو مثال اسان مٿي پڻ ڏنو آهي، ٽيون هٿ انهن گوسڙو ماسترن جو آهي، جيڪي ڏسن ٿا ته آفيسر عياشيون ڪري رهيا آهن ۽ ڪروڙين رپيا خردبرد ڪري رهيا آهن ته پوءِ اهي اسڪولن ۾ آخر ڇو اچن، انهن کي خبر آهي ته ڪوئلي جي دلالي ۾ هٿ به ڪارا منهن به ڪارا وانگر جڏهن آفيسر خود ڪرپشن ۾ملوث هوندا ته اهي گوسڙو ماسترن کي ڪهڙي منهن سان ڪجهه چئي سگهندا.

   اهڙي ريت چوٿون هٿ انهن بااثر ماڻهن ۽ وڏيرن جو آهي، جن کي ڳوٺ ۾ اسڪول نه پر پنهنجي لاءِ بلڊنگ نما اوطاق گهربل هئي ۽ هن اها بلڊنگ سفارش ڪرائي مٿان کان منظور ڪرائي پنهنجي ڳوٺ ۾ ٺهرائي آهي، ان ڪري اهو اسڪول جي عمارت کي پنهنجي ملڪيت سمجهي ٿو. هاڻ جيستائين تعليم کاتي ۾ انهن چئن ظاهري هٿن کي روڪڻ لاءِ انهن خلاف ڪارروائي نه ٿيندي تيستائين رڳو گوسڙو ماسترن جي پٺيان واويلا ڪرڻ سان تعليم ڪڏهن به نه سڌرندي. اسان کي هاڻ تعليم جي سڌاري لاءِ پنهنجين ذميوارين کي ته تسليم ڪرڻو پوندو پر سنڌ سرڪار کي به هنگامي بنيادن تي مختلف ٽاسڪ فورس جوڙي ڪم جي شروعات ڪرڻي پوندي، جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته پوءِ سنڌ ۾ مستقبل جي نوجوانن وٽ هٿن ۾ ڊگريون ته هونديون پر انهن جي تعليمي لياقت ٻڙي هوندي جڏهن ته اسان وٽ تعليم کي سڌارڻ لاءِ ڪو به موقعو بچيل نه هوندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *