سنڌ ۾ بلدياتي چونڊن جو سرگرميون…..

مڪاني چونڊن وارو معاملو ڪيتري ئي وقت کان مونجهاري جو شڪار هو. اڳوڻي توڻي موجوده سرڪار مڪاني چونڊن کان نٽائڻ لاءِ هر قسم جو حربو هلايو، پر هن ڀيري سپريم ڪورٽ سندن سمورا حربا ناڪام بڻائيندي حڪم جاري ڪيو ته ڪنهن به صورت ۾ چونڊ عمل کي يقيني بڻايو وڃي. اهڙي حڪم تي سڀ کان پهريان شورش ۾ ڦاٿل بلوچستان صوبي عمل ڪري ڏيکاريو، تنهن بعد خيبرپختونخوا پڻ مڪاني چونڊن ڪرايون، جنهن کانپوءِ سنڌ ۽ پنجاب جي حڪومتن لاءِ ممڪن نه هو ته اُهي گهڻي وقت تائين مڪاني چونڊن کان لنوائي سگهن. تنهنڪري زور اڳيان زاريءَ جيان ٻنهي صوبن جي سرڪار مِٺي به ماٺ، مُٺي به ماٺ واري چوڻيءَ تي عمل ڪندي چونڊ عمل جون تياريون شروع ڪري ڏنيون ۽ اُن جي پهرين مرحلي لاءِ نامزدگي فارم جمع ٿيڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، جيڪا هڪ چڱي ڳالهه آهي. هيٺين سطح تي ماڻهن جا ترت ۽ تڪڙا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ مڪاني نظام جي تمام گهڻي اهميت سمجهي وڃي ٿي، پر بدقسمتيءَ سان اسان وٽ ان نظام کي سدائين جمهوريت مخالف قوتن پنهنجي مفاد لاءِ استعمال ڪيو آهي. ضياءَ جو ريفرنڊم هُجي يا مشرف جو، اُنهن مڪاني نظام ذريعي ئي پنهنجي اقتدار کي طول ڏنو. جنهنڪري به جمهوري پارٽيون ان نظام کي ناپسند ڪنديون آيون آهن. اُن کان علاوه مڪاني چونڊن سان جمهوري حڪومتن کي پنهنجي اختيارن ۾ پڻ ڪميءَ جو احساس ٿيندو آهي، تنهنڪري ئي هر دؤر ۾ اُنهن مڪاني نظام کان نٽائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اِهو سڀ اِن ڪري به آهي جو اسان وٽ سياست جو مقصد فلاح بهبود نه پر اختيارن جي حاصلات هوندو آهي. ڪهڙي به پارٽي هجي، سندن منشور ڀلي ته عوام ۽ مُلڪ جي خدمت تي ٻڌل هُجي، پر اُهي ڪوشش فقط پاڻ ۽ پنهنجن ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ ڪنديون آهن. انهن مان ڪنهن کي به عوام سان ڪڏهن سروڪار ناهي رهيو، جنهن سبب ئي مُلڪ ۾ غربت جي شرح جيئن پوءِ تيئن وڌندي رهي ٿي، ۽ مسئلا آهن جن جو نه ڇيهه نه وري ڇيڙو ڏسڻ ۾ ٿو اچي! سياست اهڙو مهانگو سودو بڻايو ويو آهي، جو عام ماڻهو، صوبائي يا قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تي اليڪشن وڙهڻ جو خواب به نٿو ڏسي سگهي، ڀلي ته هُو سياست توڻي سماجيات ۾ ڪيتري به قابليت ڇونه رکندو هُجي. اُن جي ابتڙ ڪوڙيون ڊگريون وٺي، جاگيردار، چوڌي ۽ سرمائيدار وڏي سيڙپ سان ڪامياب ٿي وڃن ٿا. هاڻ سوچڻ جي ڳالهه اِها آهي ته جيڪو ماڻهو صوبائي يا قومي اسيمبليءَ جي سيٽ کٽڻ لاءِ ڪروڙين رپيا خرچ ڪري ٿو، سو پنهنجو خرچ اوڳاڙڻ بجاءِ ويهي ماڻهن جا مسئلا حل ڪري، اِهو ڪيئن ممڪن آهي؟ بلڪه اُن ماڻهوءَ جي ته هرممڪن اِهائي ڪوشش هوندي ته هُو پنهنجي سيڙپ سان گڏوگڏ نفعو پڻ ڪمائي. اِهوئي ڪجهه گذريل ڪيتري ئي وقت کان هتي جي سياست ۾ ڏسڻ ايندو رهي ٿو. بلڪ هاڻ ته ڪيترن ئي ميمبرن جي ڏوهاري گروهن سان واسطن جون پڻ رپورٽون اچي رهيون آهن. مطلب ته اسان وٽ سياست ڪمائيءَ جو هڪ ذريعو بڻيل آهي. نتيجي ۾ اسين پنهنجي صورتحال جو جڏهن جائزو وٺون ٿا ته اُها اهڙن ملڪن کان به بدتر ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جيڪي اسان کان به گهڻو پوءِ آزاد ٿيا هُئا. اسان وٽ سڀئي اختيار پنهنجي هٿ ۾ رکڻ جو پڻ رجحان آهي، جو پنجاب جي وڏي وزير لڳ ڀڳ سموريون وزارتون پنهنجي ئي هٿ وس ڪري رکيون هيون. هتي سنڌ ۾ پڻ گهڻي ڀاڱي ساڳي صورتحال آهي. جيڪڏهن هڪ شخص جي هٿ ۾ سڀئي وزارتون ناهن، تڏهن به ذاتي پسند ۽ ناپسند کي وزارتن جي ورڇ وقت ضرور سامهون رکيو وڃي ٿو. جنهن ڪري عوام جي فلاح وارا ڪم سدائين رولڙي جو شڪار رهن ٿا. اهڙي صورت ۾ مڪاني نظام جو هُجڻ لازمي بڻجي وڃي ٿو، جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ عام ماڻهوءَ لاءِ اِهو ته ممڪن آهي ته هُو پنهنجي گهٽي، محلي يا پاڙي جي دانهن علائقي جي چونڊيل نمائندي تائين ته رسائي سگهي ٿو. تنهنڪري هاڻ جڏهن سنڌ، پنجاب جي حڪومتن مڪاني چونڊن جي حامي ڀري به ورتي آهي ته انهيءَ عمل کي صاف شفاف بڻائڻ ضروري آهي،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *