سنڌ ۾شدت اختيار ڪندڙ پاڻي کوٽ….!

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ وڌي وئي آهي خاص طور تي لاڙ ۾ صورتحال انتهائي سنگين آهي ۽ سنڌو درياهه۾ ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي آمد انتهائي گهٽجي 3 هزار ڪيوسڪ رهجي وئي آهي. جڏهن ته سکر ڊائون اسٽريم جو وهڪرو 3300ڪيوسڪ آهي. ارسا جي ويب سائيٽ تان وهڪرن جي معلومات غائب آهي، تربيلا، منگلا ۽ چشمه ڊيمن ۽ درياهن ۾ پاڻي جي وهڪرن جي تازي صورتحال جاري ڪئي وئي آهي. جنهن موجب سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ 20 هزار 500 ڪيوسڪ پاڻي اچي پيو ۽ 19 هزار 700 ڪيوسڪ درياهه ۾ ڇڏيو پيو وڃي. ڪابل درياهه ۾ نوشهري وٽان 6300 ڪيوسڪ پاڻي وهي رهيو آهي، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ 19 هزار 200 ڪيوسڪ پاڻي اچي پيو جيڪو سمورو درياهه ۾ ڇڏيو پيو وڃي. چناب درياهه ۾ مراد وٽ 11 هزار 500 ڪيوسڪ پاڻي اچي پيو ۽ 4 هزار 500 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو پيو وڃي. 7 هزار ڪيوسڪ پاڻي روڪيو پيو وڃي. جناح بيراج وٽ 31 هزار 600ڪيوسڪ پاڻي اچي پيو ۽ 29 هزار 600 ڪيوسڪ پاڻي ڊائون اسٽريم ۾ وڃي رهيو آهي، بئراج تي 206 هزار ڪيوسڪ پاڻي اچي رهيو آهي. 22 هزار 800 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو پيو وڃي. 3200 ڪيوسڪ پاڻي رڪيل آهي، تونسه بيراج تي 18800 ڪيوسڪ پاڻي اچي پيو جيڪو سمورو وهايو پيو وڃي. پنجند تي ايندڙ سمورو 3 هزار ڪيوسڪ پاڻي روڪيو پيو وڃي ۽ ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جو ڇوڙ بند آهي. گڊو بيراج تي 22 هزار 300 ڪيوسڪ پاڻي اچي پيو ۽ 19900 ڪيوسڪ پاڻي وهايو پيو وڃي. سکر تي 17 هزار 100 ڪيوسڪ پاڻي اچي پيو ۽ 16 هزار 800 ڪيوسڪ پاڻي روڪي 3 هزار 300 ڪيوسڪ هيٺ ڇڏيو پيو وڃي. ڪوٽڙي تي آمد 3 هزار ڪيوسڪ اخراج زيرو آهي. تربيلا ڊيم ۾ استعمال لائق پاڻي 0.006 ايم اي ايف، منگلا ۾ 0.082 ايم اي ايف ۽ چشمه ۾ استعمال لائق پاڻي 0.013 ايم اي ايف وڃي بچيو آهي. اهي انگ اکر صبح 6 وڳي جا آهن، جڏهن ته ارسا جي ويب سائيٽ تي 23 مارچ جا انگ اکر ايڊيٽ نه ڪيا ويا آهن ۽ رڳو ڊيمن جي ڊيڊ ليول ٻڌايل آهي. حيدرآباد مان مليل تازن انگن اکرن موجب سنڌو درياهه ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ آهي. ان سلسلي ۾ مليل انگ اکرن موجب گڊو بئراج تي مٿانهون وهڪرو 22328 ۽ هيٺاهون وهڪرو 19938، جڏهن ته سکر بئراج تي مٿانهون وهڪرو 17100 ۽ ڊائون 330 ۽ ڪوٽڙي بئراج تي مٿانهون وهڪرو 3045 ۽ هيٺاهون وهڪرو زيرو رهيو. سنڌو درياهه ۾ لاڳيتو پاڻيءَ جي شديد کوٽ سبب سنڌ جا آبادگار خاص طور پڇڙيءَ جا آبادگار شديد مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لڳا، پاڻيءَ جي کوٽ سبب لکين ايڪڙن تي مشتمل فصل متاثر ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *