سنڌ ڪابينا جو اجلاس ۽ اهم فيصلا

 

سنڌ جي وڏي وزير  سيد قائم علي شاھه  خوراڪ کاتي کي آبادگارن کان ڪڻڪ خريد ڪرڻ ،واپارين کان ڪڻڪ خريد نه ڪرڻ ، ناڻي کاتي کي بنا دير خوراڪ کاتي کي 50 ڪروڙ رپيا بارداڻي جي خريداري لاءِ جاري ڪرڻ ۽ وفاق سان رابطو ڪري سنڌ مان 4 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ لاءِ پاسڪو کي پابند ڪرائڻ ۽ مڪاني چونڊن جي حوالي سان امن امان بحال رکڻ ۽ ووٽر ن کي سهولتون فراهم ڪرڻ جا حڪم ڏنا آهن  اهڙا حڪم هن ڪالھه سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ ڏنا آهن ،  سنڌ ڪابينا کي بريفنگ ڏيندي آءِ جي پوليس غلام حيدر جمالي ٻڌايو ته 336 دهشت گرد مقابلن ۾ ماريا ويا آهن  جنهن ۾ 92 دهشت گردم48 ٽارگيٽ ڪلر . 16 ڀنگ لاءِ اغوا ڪندڙ،170 ڌاڙيل شامل آهن . جڏهن ته ماريل دهشت گردن ۾ 11 القاعده،74 ٽي ٽي پي ،6 پابند يپيل لشڪر جھنگوي ۽ هڪ سپاھ صحابه جو دهشت گرد شامل آهي ، هن ٻڌايو ته سال جي پهرين 6 مهينن ۾ 7 هزار 240 ڇاپا هنيا ويا جنهن ۾ 623 مقابلا ٿيا. هن وقت قتل جي وارداتن ۾ گھٽتائي اچي وئي آهي جڏهن ته ڀنگ لاءِ اغوا جو وارداتون مڪمل طور تي ختم ٿي ويون آهن، هن ٻڌايو ته سنڌ ۾ 83 غير رجسٽرڊ مدرسن کي سيل ڪيو ويو آهي، لائوڊ اسپيڪر جي غلط استعمال ڪرڻ تي 481 ڪيس داخل ڪيا آهن ان مان 192 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، نفرت وارو مواد پکيڙڻ جي ڏُوھه ۾ 21 ڪيس داخل ڪيا ويا سڀن کي ان ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هڪ هزار 175 غير قانوني افغانين خلاف 492 ڪيس  داخل ڪيا ويا آهن،ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ چيو ته ننگر پارڪر ۾ هندو برادري جي ٽن ماڻهن کي قتل ڪندڙ ڏوهارين کي هفتي اندر گرفتار ڪيو وڃي  وڏي وزير آءِ جي پوليس کي حڪم ڏنو ته هو صوبي جي سمورن ايس ايس پين کي هدايت ڪري ته اقليتي برادري جي عبادتگاهن جي حفاظت جو بندوبست ڪن، هن چيو ته اقليتي ادان ڀائر آهن اسان امن سان گڏ رهون ٿا،مان انهن کي  صوبي جي خوبصورتي سمجھندوآهيان، تنهن ڪري مان انهن کي مڪمل تحفظ ڏيڻ چاهيان ٿو ،ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ ليبارٽري جلد قائم ڪئي وڃي ، هن وڌيڪ چيو ته گھوٽڪي، ڪشمور ۽ شڪارپور  جي سرحد مان ٻين صوبن مان ايندڙ ڌاڙيلن کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ انهن علائقن ۾ آپريشن شروع ڪيو وڃي، وڏي وزير ننڍي چونڊ دوران اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تحت امن امان کي يقيني بڻايو وڃي،۽ رينجرز سان رابطو ڪيو وڃي، ڪابينا وفاق کان سفارش ڪئي آهي ته  هو پاسڪو کي سنڌ مان 4 لک ٽن ڪڻڪ خريد لاءِ پابند ڪري ، بارداڻي جي ورڇ درست ڪئي وڃي آبادگارن جون شڪايتون ختم ڪيون وڃن ، ڪڻڪ صرف آبادگارن کان خريد ڪئي وڃي رقم به انهن کي فراهم ڪئي وڃي . ڪنهن به واپاري کان ڪڻڪ خريد نه ڪئي وڃي ، جڏهن ته وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته لاڙ واري علائقن ۾ 90 سيڪرو بارداڻو ورهائجي چڪو آهي اتر سنڌ ۾ 32 کان 35 سيڪرو بادراڻو ورهايو ويو آهي . وڌيڪ بارداڻو خريد ڪرڻ لاءِ وڏي وزير ناڻي کاتي کي 50 ڪروڙ رپيا خوراڪ کاتي کي فراهم ڪرڻ جا حڪم ڏنا،خوراڪ کاتي جي سمورن آفيسرن کي خريداري مرڪزن تي موجود  رهڻ جي هدايت ڪئي آهي  خلاف ورزي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جا حڪم ڏنا آهن، ٻئي طرف مڪاني ادارن واري وزير شر جيل انعام ميمڻ ڪابينا کي آگاهي ڏني ته اسان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي صوبي جي سمورين ضلعي ڪائونسل ، ميونسپل ڪارپوريشن،ٽائون ڪميٽيز، يونين ڪائونسلن جو رڪارڊ حدبندين لاءِ فراهم ڪيو ويو آهي ، مڪاني ادارن وارو کاتو اليڪشن ڪميشن سان مڪمل سهڪار ڪري رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *