سنڌ پنهنجي حق تان هٿ نه کڻندي..!

 

سنڌ جي ناڻي واري  سينيئر وزير  سيد مراد علي شاھ چيو آهي ته وفاق سنڌ کي پنهنجي حصي جي رقم مان گھٽ پيسا جاري ڪيا آهن، سنڌ کان بجلي به خريد نٿو ڪري، پي ايس ڊي پي  جي مد ۾ ڪٽوتي، بجلي، گئس سميت ٻين معاملن جي حل لاءِ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس طلب ڪرڻ لاءِ وزير اعظم کي خط لکيو آهي ، سنڌ پنهنجي حق تان  هٿ نه کڻندي، تعليم ۽ صحت کاتن طرفان ترقياتي بجيٽ استعمال نه ڪري سگھڻ سبب ايندڙ بجيٽ ۾ انهن کاتن جي رقم ۾ ڪٽوتي ڪئي آهي، وفاق طرفان پيسا گھٽ جاري ٿيڻ سبب بجيٽ ٺاهڻ ۾تڪليف ٿي آهي وفاقي سهڪار سان هلندڙ رٿائون به مڪمل نه ٿي سگھيون آهن، سنڌ ٽرانسميشن اينڊڊس پيج ڪمپني جوڙي آهي ، ڪوئلي ،گيس ، هوا ۽ روشني مان صوبو پاڻ به بجلي تيار ڪندو ۽ اهو ڪي اليڪٽرڪ  کي بجلي وڪرو ڪندو، خدمتن تي ٽيڪس ۾ هڪ سيڪڙو ڇوٽ ڏني وئي آهي، ٽيلڪام سيڪٽر ۾19.50مان گھٽائي 18 ڪئي وئي آهي ، ٻين صوبن کان سنڌ ۾ ٽيڪس جي شرح گھٽ آهي، هن وفاقي سرڪار کان مطالبو ڪيو ته حيسڪو ۽ سيپڪو جو انتظام سنڌ سرڪار حوالي ڪيو وڃي ، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالھه سي ايم هائوس ۾ پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو ، هن وڌيڪ چيو ته وفاق طرفان سنڌکي اين ايف سي ايوارڊ جي رقم جي حصي مان جون ۾ 65 ارب رپيا ملڻا آهن اها رقم نه ملي ته سنڌ ۾ مسئلو پيدا ٿيندو ، اميد ٿو ڪريان ته وفاق رقم فراهم ڪندو ، هن چيو ته اسٽيٽ ٽرانسفر جي مد ۾ 83 ارب رپيا ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو پر ڏنا وري 59 ارب 70 ڪروڙ رپيا ڏنا ويا، هن چيو ته گيس ۽ تيل تي جيڪا رائلٽي ملندي آهي ، ايڪسائيز ڊيوٽي آن نيچرل گئس تي ٽيڪس وفاقي ادارو  اين آر بي  اوڳاڙيندو آهي، اها ٽيڪس وري اي سي سي طئي ڪندي آهي جنهن ۾ صوبن جي نمائندگي ئي ناهي ،وفاقي سرڪار جي ان فيصلي سبب سنڌ کي 23 ارب رپيا گھٽ ملندا،گذريل ڀيري به اسان کي 61 ارب رپيا گھٽ ڏنا ويا آهن ، وفاقي حڪومت طرفان  جيڪو ڪاٿو لڳايو ويو آهي ان حساب سان اسان کي 49 ارب رپيا گھٽ ملندا، هن چيو ته وفاق صوبن سان واعدا ته ڪري ٿو پر پورا نٿا ڪيا وڃن،  هن ٻڌايو ٿه ايس آر بي ، بورڊ آف روينيو ۽ ايڪسائيز اينڊي ٽيڪسيشن کاتي طرفان مقرر ڪيل ٽارگيٽ پورو ڪيو ويندو، هن چيو ته ننڍن ملازمن جي پراپرٽي ٽيڪس ۾ رعايت ڏني وئي آهي ،ٽيڪس ريٽ گھٽ ڪيو ويو آهي، هن چيو ته تعليم کاتي لاءِ 144 ارب رپيا رکيا ويا آهن جنهن ۾ 13 ارب کان وڌيڪ رقم ترقياتي رٿائن لاءِآهي، امن امان تي 65 ارب رپيا، صحت لاءِ 57 ارب رکيا ويا آهن، هن وڌيڪ چيو ته پ پ پ حڪومت جي ڪنهن کي نوڪري مان ڪڍڻ جي ڪا به پاليسي ناهي، واٽر بورڊ، ڪي ايم سي  جي 57 هزار ملازمن جا سنڌ بينڪ ۾ اڪائونٽس کولرايا ويا آهن، اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته گوسڙو ملازمن کان ڪم ورتو وڃي ، جيڪو ملازم ڪم نه ڪندو ان خلاف قدم کنيو ويندو، هن چيو ته غير ترقياتي بجيٽ 220 ارب رپيا آهي جنهن مان 45 ارب رپيا پيشن 50 ارب رپيا لوڪل گورنمنيٽ کي ڏنا ويندا، ايس آءِ يو ٽي کي 3 ارب ، انڊس ۽ اين ار بي سميت ٻين ادارن کي به رقم فراهم ڪئي ويندي آهي ايم اين آر واري رقم به غير ترقياتي فنڊن مان ڏني ويندي آهي ، هن چيو ته وفاقي سرڪار گذريل سال پي ايس ڊي پي  جي مد ۾ 22ارب 40 ڪروڙ رپيا ڏنا . هن سان جڏهن پي ايس ڊي پي ۾ واڌ ٿي آهي ته اسان کي 25 ارب رپيا ڏيڻ بدران 57.2 سيڪڙو ڪٽوتي ڪري 9 ارب 60 ڪروڙ رپيا ڏنا پيا وڃن جيڪي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 13 ارب رپيا گھٽ آهن ،هن چيو ته وڏي وزير ۽ مون ڪيترائي ڀير اوفاق اڳيان احتجاج ڪيو آهي خط لکيا آهن ، اها رقم اسان جو حق آهي ان تان هٿ نه کڻنداسين اهو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ کڻي وينداسين، هن چيو ته وفاقي سرڪار ڪي 4 ۽ سي 3 جي رٿائن لاءِ  رقمون ڏيڻيون آهن اسان پنهنجي حصي جي رقم رکي آهي. هن چيو ته سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اسان ترقياتي بجيٽ جي رقم 162 ارب رپيا جاري ڪئي آهي ، هن چيو ته هاڻ اسان فيصلو ڪيو آهي ته 80 سيڪڙو جاري رٿائن ۽ 20 سيڪڙو  نين رٿائن لاءِ رقم رکي آهي ته جيئن گھڻي کان گهڻيون رٿائون مڪمل ڪري سگھون، هن چيو ته ايندڙ مالي سال ۾ اسان 162 ارب رپيا ترقياتي بجيٽ رکي آهي ته جيئن اها خرچ ٿي سگھي ماضي ۾ اسان وڌيڪ رقم رکندا هياسين ته اها جاري به نه ٿي سگھندي هئي ۽ خرچ به نه ڪري سگھبي هئي ان ڪري هاڻ ايتري بجيٽ رکي آهي جيڪا خرچ ٿي سگھي، هن چيو ته 50 ، 50 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪئي آهي ان لاءِ اسان وفاق کي 40 لک رپين جو ڊپازٽ به جمع ڪرايو آهي هاڻ حيسڪو چوي ٿي ته اسان  وٽ بجلي اضافي آهي اسان خريد نٿا ڪري سگھون، ان ڪري اسان سنڌ ٽرانسميشن اينڊ ڊس پيج ڪمپني جوڙي آهي جيڪا نوري آباد کان ڪراچي تائين ٽرانسميشن لائين وڇائي رهي آهي ته جيئن ڪي اليڪٽرڪ کي اسان بجلي فراهم ڪري سگھون، ڪي اليڪٽرڪ سان اهو ٺاھ ٿي ويو آهي، هن چيو ته 18 آئيني ترميم کان پوءِ بجلي جي ڊسٽريبيوشن صوبن جو اختيار آهي،

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پيش ڪيل بجيٽ ۽ ترقياتي رٿائن توڙي نوڪرين واري معاملي کي ميرٽ جي بنياد تي پورو ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ جي عوام کي رليف فراهم ٿي سگهي ۽ پڙهيل لکيل طبقو بيروزگاري کان بچي پاڪستان لاءِ خدمتون سرانجام ڏئي جنهن سان سنڌ توڻي پاڪستان جي خوشحالي ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *