سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي جا ڀارتي جتن،،،،

ڀارت سنڌ طاس معاهدي تان ڦرندي پاڪستان جو پاڻي گھٽائڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پاڪستان جو پاڻي روڪڻ سميت مختلف هٿڪنڊن تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ پاڪستان کي ملندڙ پاڻي ۾ گھٽتائي ڪرڻ جي تجويز به پيش ڪئي وئي. اجلاس ۾ پاڪستان جو پاڻي بند ڪرڻ جي حوالي سان مختلف تجويزن تي غور ڪيو ويو، ان موقعي تي ڀارتي پاڻي ماهرن جي اڪثريت وزيراعظم نريندر مودي کي مشورو ڏنو ته پاڪستان جو پاڻي بند ڪرڻ جي صورت ۾ چين براهما پترا وٽان ڀارت ايندڙ پاڻي به بند ڪري سگهي ٿو، ان ڪري اهڙي قسم جي غلطي کان پاسو ڪيو وڃي. ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته نريندر مودي سنڌ طاس معاهدي تي قانوني مشاورت جاري رکندو. ڀارتي ميڊيا موجب ڀارتي قيادت جو چوڻ هو ته چين کان پاڻي روڪڻ جي حوالي سان ڪو خطرو ناهي نه اهو سنڌ طاس معاهدي جو حصو آهي، جڏهن ته اجلاس ۾ چيو ويو ته ڀارت چناب درياهه تي 3 ڊيمن جي اڏاوت تيز ڪندو. سنڌ طاس معاهدي تحت چناب درياهه جو پاڻي پاڪستان ڪنٽرول ڪندو آهي. ڀارت معاهدي تحت سمورا قانوني حق استعمال ڪندو.

ٻئي پاسي پاڪستان سنڌو درياءَ تي ٺهندڙ ڊيمن ۽ توانائي جي منصوبن تي ڀارت سان ڳالهيون ناڪام ٿيڻ کانپوءِ عالمي ثالثي عدالت سان رجوع ڪري ورتو آهي. انڊس واٽر ڪميشن جي ذريعن موجب ڀارت سان ان حوالي سان ڪيتريون ئي ڳالهيون ٿيون پر ڀارت پاڪستاني موقف تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ ڳالهيون بنا نتيجي ختم ٿي ويون آهن ۽ پاڪستان معاملي جي حل لاءِ عالمي ثالثي عدالت سان رابطو ڪري ورتو آهي. انڊس واٽر ڪمشنر طرفان عالمي عدالت کي لکيل خط ۾ مسئلي کي حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، پاڪستان رتلي ۽ ڪشن گنگا هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي تعمير کي سنڌ طاس معاهدي جي کليل خلاف ورزي قرار ڏيندي ان تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي ۽ موقف اختيار ڪيو آهي ته سنڌ طاس معاهدي تحت پاڪستان جي اوڀرندي دريائن سنڌ طاس ۾ ٽن اولهندي دريائن سنڌ، جهلم ۽ چناب سميت دريائن جو پاڻي پاڪستان لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڀارت طرفان جهلم درياءَ ۽ چناب درياءَ جي پاڻي جي ورڇ بابت سنڌ طاس معاهدي جي خلاف ورزي ڪندي ان تي 850 ميگاواٽ رتلي ۽ 330 ميگاواٽ جي ڪشن گنگا ڊيم جي تعمير  شروع ڪري ڇڏي آهي. پاڪستاني موقف آهي ته انهن منصوبن سان ڊيم جي ڊيزائن ۾ تبديلي ڪئي جنهن سان پاڪستان کي ملندڙ پاڻي ۾ گهٽتائي ٿي آهي. انڊس واٽر ڪمشنر مرزا آصف بيگ ان ڏس ۾ عالمي ڪنسلٽنٽس ۽ ماهرن سان پڻ رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته هلندڙ سال جولاءِ ۾ دهلي ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ ڊيڊ لاڪ سبب پاڪستان وڌيڪ ڳالهيون ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ معاملي کي عالمي عدالت ۾ کڻي وڃڻ جو فيصلو ڪيو هو جنهن تي هاڻي ان معاملي کي عالمي عدالت ۾ موڪليو ويو آهي ۽ ٻئي طرف ڀارت پڻ ان معاملي تي متحرڪ آهي ۽ سنڌ طاس معاهدي کي ختم ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *