سنڌ سرڪار پاران ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو

وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ صوبائي توانائي کاتي طرفان توانائي جي پيداوار لاءِ کنيل قدمن جي واکاڻ ڪندي نوري آباد ۾ هڪ سئو ميگاواٽ پاور پراجيڪٽ لاءِ مالي مدد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تي 13 ارب 65 ڪروڙ 40 لک رپيا لاڳت ايندي. صوبائي ڪابينا جي اجلاس ۾ ووئڻن ۽ ساريالي فصلن جي پيداوار لاءِ سنڌ سرڪار طرفان امدادي قيمت مقرر ڪرڻ لاءِ زراعت کاتي جي صوبائي وزير علي نواز مهر جي سربراهيءَ ۾ ڪميٽي جوڙڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڪابينا جا 2 ميمبر، ايوان زراعت سنڌ، سنڌ ايگريڪلچر بورڊ، خانگي ۽ سرڪاري شعبي جا ٻيا اسٽيڪ هولڊر ڪميٽي جا ميمبر هوندا. ڪميٽي کي ڄاڻايل فصلن لاءِ امدادي قيمت مقرر ڪرڻ جي طريقيڪار جو تعين ڪرڻ جي ذميواري ڏني ويئي آهي. صوبائي ڪابينا ڪراچي شهر ۾ غير قانوني واٽر هائيڊرينٽس جو سختي سان نوٽيس ورتو ۽ ڪراچي واٽر ايند سيوريج بورڊ کي غير قانوني واٽر هائيڊرنٽس کي بنا دير ڊاهڻ ۽ انهن جي مالڪن خلاف قانوني ڪارروائي جي هدايت ڏني وئي آهي، غير قانوني هائيڊرينٽس لاءِ سنڌ پوليس نفري فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻي گهربل مدد به ڪندي. سنڌ ڪابينا ٿرپارڪر ضلعي ۾ سوڪهڙي جي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ اتان جي متاثر ماڻهن ۾ ڪڻڪ جي مفت فراهمي واري عمل تي اطمينان جو اظهار ڪيو، لاڳاپيل صوبائي وزيرن کي ٿرپارڪر جي صورتحال بابت هر وقت باخبر رهڻ ۽ ماڻهن کي پيش ايندڙ ڏکائين جو فوري ازالي لاءِ تيار رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. صوبائي ڪابينا چيف سيڪريٽري سجاد سليم هوتيانه ۽ خوراڪ کاتي جي صوبائي سيڪريٽري کي خوراڪ کاتي تي مالي اثرن جو جائزو وٺڻ ۽ فلور ملن کي گذريل سال جي 12 سئو رپين جي ڀيٽ ۾ ساڍا 12 سئو رپيا في مڻ ڪڻڪ جي فراهمي جو جائزو وٺڻ جي به هدايت ڪئي. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ناڻي ۽ توانائي کاتي بابت صوبائي صلاحڪار سيد مراد علي شاهه ٻڌايو ته سنڌ اڳ ۾ ئي توانائي جي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڻ توانائي پيدا ڪري رهيو آهي. نوري آباد ۾ گئس تي هلندڙ 100 ميگاپاور منصوبا قائم ڪيا پيا وڃن، جنهن لاءِ اڪنامڪ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي گئس فراهمي واري معاهدي تحت سوئي سدرن گئس ڪمپني کان 20 ايم ايم سي ايف ڊي حاصل ڪئي ويئي آهي. هن ٻڌايو ته ان پراجيڪٽ کي هلائڻ لاءِ ”سنڌ نوري آباد پاور ڪمپني“ (ايس اين پي سي) قائم ڪئي ويئي آهي، جنهن ۾ هڪ خانگي ڪمپني ٽيڪنومين ڪانٽيڪس جو 51 سيڪڙو ۽ سنڌ سرڪار جو 49 سيڪڙو شيئر هوندو. ان رٿا لاءِ ايل سي کولي ويئي آهي ۽ مشينري 9 مهينن ۾ موجود هوندي، جڏهن ته سائيٽ تي سول ورڪ شروع ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته نيپرا کان توانائي جي پيداوار خاطر لائسنس لاءِ درخواست ڏني وئي آهي، اميد آهي ته بنا ڪنهن ڏکيائي جي لائسنس جاري ڪيو ويندو ۽ گئس جي فراهمي ۽ ايل او آءِ جاري ڪرڻ لاءِ وفاقي بيورو ڪريسي ۽ لاڳاپيل طرفان ٻيهر رڪاوٽون نه ڪيون وينديون. زراعت کاتي جي صوبائي وزير علي نواز مهر اجلاس ۾ آبادگارن کي ووئڻن ۽ ساريالي فصل لاءِ رعايتن ۽ امدادي اگهه ڏيڻ بابت تجويز پيش ڪئي، جنهن تي ڪابينا جي سڀني ميمبرن غور ويچار ڪيو ۽ ان حوالي سان سنڌ سرڪار تي مالي اثرن ۽ خريد ڪيل فصل جي نيڪالي ۾ مشڪلاتن جي نشاندهي ڪئي. سنڌ ڪابينا جي ميمبرن آبادگار ڪميونٽي تي بهتر سماجي ۽ اقتصادي اثرن تي غور ڪندي آبادگارن کي پيش ايندڙ مشڪلاتن جو تدارڪ ڪرڻ ۽ انهن کي سپورٽ فراهم ڪرڻ لاءِ صوبائي وزير علي نواز مهر جي سربراهيءَ ۾ هڪ ڪميٽي قائم ڪئي ويئي. بلديات ۽ اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ اجلاس ۾ غير قانوني واٽر هائيڊرنٽس جو مسئلو اٿاريو، جنهنڪري ڪراچي جا شهري پاڻي جي کوٽ جو شڪار آهن. ڪابينا ڪراچي واٽر بورڊ کي پوليس نفري فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن غير قانوني واٽر هائيڊرينٽس کي ڊاهي سگهجي ۽ انهن جي مالڪن خلاف ڪيس داخل ڪيا وڃن. خوراڪ واري صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر اجلاس کي ٻڌايو ته هن سال 50 رپين کان وڌيڪ سبسڊي سان گڏ ساڍا 12 سئو رپيا في مڻ ڪڻڪ خريد ڪئي ويئي، ڪڻڪ فلور ملن کي فراهم ڪرڻ لاءِ قيمتن جو تعين ڪيو وڃي، جنهن تي بحث ڪندي صوبائي ڪابينا چيف سيڪريٽري ۽ صوبائي سيڪريٽري خوراڪ تي ٻڌل ڪميٽيءَ کي چيو ته اهي اهڙي حڪمت عملي طئه ڪن جنهن ذريعي وڌندڙ اگهه جا اثر صارفين تي نه پون. اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ ڪوئلي، گئس ۽ شمسي توانائي جا وڏا وسيلا موجود آهن، جنهن سان ملڪ کي انرجي بحران مان ڪڍي سگهجي ٿو. تازو چين جي دوري دوران چيني حڪومت پاڪستان ۾ توانائي جي 5 رٿائن جي معاهدن تي صحيحون ڪرڻ لاءِ راضي ٿي آهي، جن مان 3 رٿائون سنڌ ۾ هونديون. هن چيو ته آبادگارن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين ۽ انهن کي امدادي قيمتون فراهم ڪرڻ لاءِ طريقيڪار ۽ مڪينزم جو تعين ڪنداسين.

Author: editor

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *