سنڌ سرڪار جي پرڏيهين کان بيزاري

سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته جيڪڏهن اسان تڪراري سياست ڪريون ها ته وفاق پنهنجو چهرو ڏيکاري پيا سگهون، پر اسان وفاق بچائڻ لاءِ ايئن نه ڪيو. سنڌ ۾ آباد ٻين صوبن جا ماڻهو سنڌ جو پاڻي ۽ ٻيا وسيلا استعمال ڪري رهيا آهن. ٻيا صوبا ان ڏس ۾ ڀاڱيواري ڪن. سنڌ ۾ رهندڙ غير قانوني پرڏيهين کي نيڪالي ڏني وڃي. ايف آءِ اي ۽ نئب جي سنڌ تي ڪاهه غير قانوني آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه سي. پي. اين. اي پاران وزير اعليٰ ۾ رکيل ويهڪ کي خطاب ڪندي ڪيو.

ميڊيا ۽ ڄاڻ جي حق جي اهميت کان ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سگهي. آگاهي هر انسان جو بنيادي حق آهي. آگاهيءَ واري قانون  بابت اوهان جي ترميمن جي روشنيءَ ۾ اوهان جي صلاح سان نئون قانون ٺاهينداسين. هن چيو ته حڪومت ۾ اچڻ وقت پهريون سوال اهو پڇيو ويو ته  اوهان جي اوليت ڪهڙي آهي. مون چيو ته امن امان منهنجي اوليت آهي. سوات آپريشن وقت لک ڏيڍ لک ماڻهو سنڌ ۾ آيا ۽ انهن مان اڌ واپس ويا، اسان کي خدشو هو ته ضربِ عضب مهل به ايئن ٿيندو، جنهن جي ڪري اسان ڪجهه سختي ڪئي، پر ان تي به تنقيد ٿي. اسان  چوڪسي گهٽائي ته ڪجهه ڏوهاري به سنڌ ۾ آيا. پهريان اهو طئي ٿيو هو ته آپريشن سڄي ملڪ ۾ ٿيندو. سنڌ پوليس وٽ اڳ جديد هٿيار ۽ سکيا نه هئي، اسان انهن کي جديد هٿيار ۽ سکيا فراهم ڪئي. هاڻي ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀنگ لاءِ اغوا جهڙن ڏوهن ۾ گهٽتائي آئي آهي. فوجي عدالت ڏانهن 80 ڪيس موڪليا، جن مان 5 قبول ڪيا ويا آهن. ملڪ ۾ ايمرجنسي ته ناهي پر حالتون ايمرجنسي جهڙيون آهن. ڪراچيءَ ۾ 75 سيڪڙو ڏوهه گھٽجي ويا آهن. نيب بنا ڪنهن نوٽيس ۽ قانوني گهرجن جي سنڌ جي آفيسرن خلاف ڪارروايونئب ڪيون.

سنڌ ۾ غير قانوني پرڏيهين جو وڏو مسئلو آهي، سرڪاري انگن اکرن موجب سنڌ ۾ 20 لک غير قانوني پرڏيهي آهن، پر منهنجو اندازي موجب انهن جو تعداد ان کان تمام گهڻو آهي. افغاني پاڪستان لاءِ آيا هئا پر ميزباني سنڌ ڪئي، سنڌ هاڻي وڌيڪ ميزباني برداشت نه ٿي ڪري. سنڌ پڇڙيءَ وارو صوبو آهي، سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه ٿو ملي، اسان کي پنهنجي ماڻهن لاءِ پاڻي ناهي ته ٻين کي ڪٿان ڏيون، هتي سڀني صوبن جا ماڻهو رهن ٿا، ٻيا صوبا پنهنجو پنهنجو حصو سنڌ کي ڏين. سنڌ کي 91 واري ٺاهه موجب پاڻي نه ٿو ملي. ڪراچي ۾ مقامي گينگس به سرگرم هئا جن کي به چيباٽيو ويو آهي.

غير قانوني پرڏيهن جو انگ به وڌيو آهي ۽ اهو تمام وڏو مسئلو آهي ۽ اهي اسانجو پاڻي ۽ ٻين وسيلن تي وڏو ٻوجهه آهن. اسان پنهنجو پيٽ ڪٽي تارڪين وطن جي مهمان نوازي ڪئي پر هاڻ پريشاني وڌي رهي آهي اهي غيرقانوني پرڏيهي هاڻ ندين نالن تي به قبضا ڪري رهي آهن جنهن ڪري صفائي سٿرائيءَ ڪرڻ ۾ به ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. سنڌ ۾ هندستان، بنگلاديش، برما، افغانستان کان 20 لکن کان به وڌيڪ غيرقانوني پرڏيهي آيل آهن. ايف آءِ اي غيرقانوني پرڏيهن کي ڇڏي ٻين قسمن وارين جي ڪاررواين ۾ مصروف آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *