سنڌ جي نظر نه ايندڙ ترقي

 

سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته دهشتگردي، بدامني، بيروزگاري ۽ ٻين مسئلن جي مقابلي لاءِ تعليم ئي بهترين هٿيار آهي، سنڌ حڪومت خيرپور جي تعليم جي حوالي سان تاريخي حيثيت بحال ڪندي خيرپور کي تعليم جو شهر بڻائي ڇڏيو آهي، تعليمي ترقي ڏسي مخالف به تعريف ڪري رهيا آهن.خيرپور جي سچل آڊيٽوريم ۾ ضلعي اندر نياڻين کي تعليم ڏيڻ لاءِ ڪم ڪندڙ اداري نووا پرڀات جي ڪارڪردگي پروگرام کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعليٰ سنڌ چيو ته تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سنڌ حڪومت رڪارڊ ڪم ڪيا آهن ۽ ٻهراڙيءَ سان واڳيل علائقن ۾ وڏا وڏا تعليمي ادارا قائم ڪري ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته سرڪار شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي بينظيرڀٽو جي ويزن تي مڪمل عملدرآمد ڪندي صوبي جي ماڻهن کي جهالت مان ڪڍيو آهي. هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو تعليم دوست ۽ صوبو قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، شاهه محمود قريشيءَ سنڌ جي دوري دوران صوبي جي ماڻهن جي ساراهه ڪئي آهي جيڪو اسانجي ڪاميابي جو ثبوت آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جو پاڪستان جي مضبوطي لاءِ انسانيت جي خدمت واري جذبي جو پروگرام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي بينظيرڀٽو جو ئي پروگرام آهي، جنهن تي عملدرآمد ڪندي سنڌ سرڪار تعليم جي ترقي لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي جنهن جو ثمر سنڌ جا نوجوان ۽ ٻار حاصل ڪري رهيا آهن.

سائين سڳوري کي عرض آهي ته ڪڏهن ڪڏهن انهن اعلائقن جا به دوري ڪريو جيڪي به توهان جي حڪراني جي دنگ ۾ لڳن ٿا، ٻيو ته ٺهيو سنڌ سرڪار جي ترقي ڪراچي جي ايئرپورٽ کان اڳتي ئي کڻي ڏسو، جتان گذرندڙن جون اکيون ۽ ڦڦڙ ته خراب ضرور ٿين ٿا ڇو جو قائد اعظم انٽرنيشنل ائيرپورٽ کان اڳتي روڊ رستا ائين لڳندا آهن ڄڻ ڪا تازي موٽر گاڏين جي ريس ٿي هجي، روڊ ٽٽل هوندا، دوڙ هوا سان ڳالهيون ڪندي ملندي،  اڪثر ڪري ملير ڪالا بورڊ تي گندو پاڻي بيٺل نظ ايندو، ويندي ويندي ڪراچي شهر کان ٻاهر تائين ڪو اهڙو روڊ شل هجي جهن ۾ جهاڪا نه هجن، جيڪڏهن ڪنهن ويم واري عورت کي گاڏي ۾ کڻي ان روڊ تان گهمائجي ته پڪ سان بغير آپريشن ۽  ويم گهر جي عورت ٻار کي رستي ۾ ئي جنم ڏيندي، ان کان علاوه شاهراهه فيصل کي ئي ڏسو هنڌان هنڌان چتيون لڳل روڊ ٽريف رواني ۾ رنڊڪ بڻيل آهي، شل ڪا گاڏي کڏي جي ڪري سلو ٿئي پٺيان لائين لڳيو وڃي گاڏين جي.

اهڙي طرف ڪراچي کان علاوه سنڌ جي بين شهرن جو حال پڻ اهڙو آهي، سنڌ سرڪار جي ٺهيل روڊ تان جيڪڏهن ڪا سائيڪل به گذري وڃي ته پٺيان روڊ اکڙيو وڃي، اڪثر روڊن تان گاڏيون گذرڻ بدران روڊ جي پاسي کان گاڏيون گذرڻ کي اهميت ڏني پئي وڃي، ٺهيل روڊ هڪ سال اندر ئي پنهنجو وجود وڃائي ويهن ٿان ان کان علاوه ٻين سهولتن جي پڻ اٺاڻ پنهنجو مٽ پاڻ آهي، ڪهڙي کي کڻي کاتي کي ڏسيو مسئلن جا انبار لڳن اهن، ڪامورا رڳو مال ميڙڻ ۾ پورا ۽ اسان جا سائين سڳوري سميت وزير پنهنجي واتان پنهنجي تعريف ڪري ٿڪجن ئي نه ٿا، سائين سڳوري کي عرض آهي ته گهڻو نه پر ٿورو ئي عوام جو به خيال ڪريو ۽ خدا واسطي انسانن کي جانور سمجهي ئي سهولتون معيا ڪريو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *