سنڌ اسيمبلي ۾ وزير اعظم خلاف ٺهراءُ منظور…

ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت ۾ گذريل ڏينهن سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ٿيو، اجلاس دوران وزير اعظم خلاف خانگي ٺهراءُ اسيمبلي جي ايجنڊا ۾ تحريڪ انصاف جي خرم شيرزمان جو رکيل هو جنهن کي پڻ ڊپٽي اسپيڪر پڙهڻ جي اجازت ڏني پر حڪومتي ڌر  تحريڪ انصاف جي خانگي ٺهراءُ بعد پنهنجو خانگي ٺهراءُ خرم شيرزمان جي واپس وٺڻ بعد پيش ڪري  ان کي ايوان مان پاس ڪرائي ورتو،  ٺهراءُ پاس ٿيڻ وقت نثار کهڙو ۽ ٻيا وزير حيران ٿي پڇندا رهيا ته ٺهراءُ اسان جو پاس ٿيو يا تحريڪ انصاف وارن جو،؟ وزير اعظم خلاف خانگي ٺهراءُ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته جي آءِ ٽي کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر جي آءِ ٽي کي سلام پيش ڪيون ٿا جنهن حڪومت جي دٻاءُ کي رد ڪري ڇڏيو، نواز شريف عهدي جو اخلاقي جواز وڃائي ويٺو آهي.

سينيئر صوبائي وزير نثار کهڙي وزير اعظم کي  عهدو جلد ڇڏڻ گهرجي، هو نااهل حڪمران آهي ٻين ملڪن جي وزير اعظمن استعيفيٰ ڏني پر هن ضد ڪيو آهي، وزير اعظم کي جي آئي ٽي  ۽ سپريم ڪورٽ واضع ڪري ڇڏيو آهي ان کي هاڻي وڃڻ گهرجي، عمران خان آڱر  جي اشاري جو انتظار ڪيو ان تي اسان کي سخت اعتراض هو، پنهنجا ڪنٽينر ڇڏي کلندو ٻاهر آيو پر ريفري نه آيو هو، هن مشرف جي ريفرنڊم جي حمايت ڪئي هئي، اتي منهنجو سوال آهي سنڌ ۾ جن کي گوليون هڻي ماريو ويو انهن جو ڇا ٿيو،؟ هو هر مهيني معافي گهري ڇوته هتي اسان جون  ڀينرون ماريو ويون هيون، جڏهن سپريم ڪورٽ چوي ٿي ته وزير اعظم چور آهي ته پوءِ هو ڇو ويٺو آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي  ۾ هڪ مهينو لڳي ويندو، اسان چاهيون ٿا وزير اعظم استعيفيٰ ڏئي، پ پ کي ن ليگ کي سياسي شهيد ٿيڻ نه ڏيندي. ملڪ ۾ هڪ وزيراعظم جي وڃڻ ۽ ٻئي جي اچڻ سان فرق نه پوندو. اسان چاهيون ٿا جمهوريت هلندي رهي ۽ حڪومت مدو پورو ڪري،پ پ جي ايم پي اي خيرالنساءَ مغل ڪرپشن جي باڪس ۾ دنيا جا ملڪ شامل هيا ۽ انهن جا نالا آيا ۽ انهن مان ڪجهه ملڪن جي وزير اعظمن استعفيٰ ڏني پر اسان جي ملڪ جي وزير اعظم استعفيٰ نه ڏني، ان کي جلد عهدو ڇڏڻ گهرجي، اسان شرم ۾ وٺجي ويا آهيون ڇو ته اسان جو وزير اعظم الزامن ثابت ٿيڻ باوجود عهدو ڇڏڻ لاءِ تيار ناهي،

خانگي ٺهراءُ تي شرميلا فاروقي به وزير اعظم کان جلد استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو، ايم پي اي سعيد غني چيو ته وزير اعظم عهدو ڇڏي ڇو ته ان سان پاڪستان جو وقار جڙيل آهي، نواز کي عزت جو خيال ناهي اهو ان جو پنهنجو مامرو آهي پر اخلاقي طور تي کيس  پنهنجي عزت کان وڌيڪ ملڪ جي عزت جو خيال ڪندي عهدو ڇڏڻ گهرجي، ٺهراءُ تي ايم ڪيو ايم جي فيصل سبزواري ڳالهائيندي چيو ته وزير اعظم تي جيڪو پاناما ڪيس هلي رهيو آهي ان ملڪ جي حڪمراني کي لوڏائي ڇڏيو آهي، ايم ڪيو ايم پاڪستان به وزير اعظم جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ٿي، بري ۽ ڀلي جي نشاندهي ٿيڻ جي حوالي سان ملڪ ۾ طئه  ٿيڻ گهرجي ته جئين ايندڙ ڪنهن وزير اعظم کي جي آءِ ٽي ۾ پيش نه ٿيڻو پوي. جي آءِ ٽي سمورن ڪرپشن ڪندڙ تي قائم ڪئي وڃي ان جو تعلق ڪنهن به صوبي سان ڇو نه هجي، اسان کي بدعنواني ۽ ڪرپشن جو خاتمي تي ڪم ڪرڻو پوندو اهو اسان جو مطالبو آهي، مني لانڊرنگ سان تعلق رکندڙ جو احتساب ڪيو وڃي. جنهن بعد سنڌ اسيمبلي خانگي ٺهراءُ اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ڇڏيو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *