سنڌ اسيمبليءَ 3 بل ۽ هڪ ٺهراءُ منظور ڪري ورتو

 

سنڌ اسيمبليءَ  3 بل ۽ هڪ ٺهراءُ منظور ڪري ورتا. جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي، سنڌ سروس ٽربيونل ۽ بيرٽ هوجسن انٽرنيشنل يونيورسٽي وارا بل اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتا، سنڌ سروس ٽربيونلز ترميمي بل 2015ع ۾ چيئرمين کي با اختيار بڻايو ويو آهي ته هو ٽربيونل جي بجيٽ ۾ هڪ مد ۾ رکيل رقم کي ٻئي مد ۾ خرچ ڪري سگهي ٿو، ان لاءِ کيس سنڌ حڪومت کان منظوري وٺڻ جي ضرورت نه هوندي، چيئرمين کي اهو به اختيار ڏنو ويو آهي ته هو نيون آساميون پيدا ڪري سگهي ٿو ۽ پراڻن کي ختم ڪري سگهي ٿو، شرط اهو آهي ته اهي سڀ خرچ ٽربيونل لاءِ رکيل رقم جي اندر هوندو. ڊاڪٽر سڪندر منڌري چيو ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان 26 مارچ 2013ع ۾ پنهنجي فيصلي ۾ حڪم ڏنو هو ته سنڌ سروس ٽربيونل ايڪٽ 1973ع جي سيڪشن ۾ ترميم ڪئي وڃي ان ترميم جو مقصد آهي ته سنڌ سروس ٽربيونل خود مختيار ۽ موثر ڪم ڪري سگهي جڏهن ته جناح ميڊيڪل يونيورسٽي ترميمي بل تحت جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ کي يونيورسٽي جو حصو بڻايو ويو آهي، ڊاڪٽر سڪندر منڌري بل جا مول ۽ متا ٻڌائيندي چيو ته پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل جو شرط آهي ته ڪنهن به ميڊيڪل يونيورسٽي لاءِ ٽيچنگ اسپتال هجڻ ضروري آهي، ان ڪري هي قانون منظور ڪيو ويو آهي، هن چيو ته 18 آئيني ترميم کانپوءِ صحت جا معاملا صوبن کي منتقل ٿي چڪا آهن، جناح هاسپيٽل، جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر، دل جي مرض وارو قومي ادارو، ٻارن واري اسپتال، سميت صحت شعبي جا وفاقي ادارن جو ڪنٽرول سنڌ حڪومت کي منتقل ٿي ويو آهي،يونيورسٽي  ۽ سمورا ادارا سرڪاري ملڪيت آهن، سنڌ حڪومت اهو ضروري سمجهي ٿي ته جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي کي هڪ ٽيچنگ اسپتال  هجڻ گهرجي، ان مقصد لاءِ جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر،نيشنل انسيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ کي جناح ميڊيڪل يونيورسٽي سان ڳنڍيو ويو آهي،ان يونيورسٽي جا گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ شاگرد اتي ٽريننگ ۽ هائوس جاب ڪري سگهندا، ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي پارلياماني اڳواڻ سيد سردار احمد بل جي منظوري کي درست قدم قرار ڏيندي چيوته ڪابه يونيورسٽي بغير اسپتال جي مڪمل نٿي ٿي سگهي، اڳوڻي وڏي وزير لياقت جتوئي چيو ته اسپتالن جي حالت تمام خراب آهي، انهن کي بهتر ڪيو وڃي، بل جي حمايت ڪيون ٿا، فنڪشنل ليگ جي عورت ميمبر مهتاب اڪبر راشدي چيو ته جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر ۽ ٻارن واري اسپتال جي ملازمن طرفان يونيورسٽي سان ڳنڍجڻ تي اعتراض ظاهر ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي ادارا سنڌ حڪومت جي ماتحتي ۾ اچڻ کانپوءِ ائين تباهه ٿي ويندا، جيئن ٻيا تباهه ٿي ويا آهن،ملازمن جا خدشا ختم ڪيا وڃن، هوڏانهن بيرٽ هوج سن انٽرنيشنل يونيورسٽي بل جي منظوري ڏني وئي، اها يونيورسٽي خانگي شعبي سان تعلق رکي ٿي، سليم حبيب ايجوڪيشن فائونڊيشن ان يونيورسٽي کي هلائيندي، سنڌ جي سينئر وزير تعليم نثار احمد کهڙي چيو آهي ته اڳ ۾ تعليمي بورڊن تي لزام لڳندو هو ته اهي جعلي ڊگريون ڏيندا آهن هاڻ ته سول سوسائيٽي جا ماڻهو به اهو ڪم ڪري رهيا آهن، اهڙي خيالن جو اظهار هن ڪالهه سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران بيرٽ هوج سن انٽر نيشنل يونيوسٽي جي بل تي ڳالهائيندي ڪيو، جنهن تي لياقت جتوئي چيوته يونيوسٽيون ٺاهڻ سٺو قدم آهي، پر تعليم جو معيار بهتر ڪيو وڃي ۽ جعلي ڊگرين جو نوٽيس ورتو وڃي، جنهن تي سينئر وزير نثار کهڙي چيو ته جيسيتائين ايگزيڪيٽ جو تعلق آهي اها ڪا يونيورسٽي ناهي اهو هڪ ڪاروباري ادارو آهي، جنهن هڪ عمارت ۾ آءِ ٽي ڪمپني جو بورڊ لڳايو آهي ان تي هڪ اخبار اهم انڪشاف ڪيو آهي، سٺي ڳالهه آها آهي ته ان جعلسازي جي بروقت ڄاڻ ملي وئي، ميٽرڪ ۽ انٽربورڊن تي الزام لڳندا هئا ته اهي جعلي ڊگريون ڏئي رهيا آهن، هاڻ تي سول سوسائيٽي به ان ڪم ۾ لڳي وئي آهي معاملي جي تحقيقات ٿيڻ گهرجي.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *