سنڌي اردو آبادي ۾ نفرتون پکيڙڻ جي سازش

پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌ مان لڏي ويندڙ ڪيترائي هندو سک ۽ شانتي سان لڏي ويا،جڏهن ته ڪيترن کي مسلمانن اسٽيشنن تي روئيندو وڃي الوداع ڪيو ته ٻئي طرف ٻي ريل گاڏي ۾ ايندڙن جي آجيان به ڪئي. ليڪن اها سنڌ جنهن پاڪستان جي قيام لاءِ ٺهراءَ پاس ڪيا، جيڪا پاڪستان ۾ رضاڪاراڻا طور تي شامل ٿي هئي، جنهن سنڌ جي ماڻهن ورهاڱي وقت هندوئن جي ڇڏي ويل ملڪيتن کي مال غنيمت سمجهي لٽڻ ۽ ڦرڻ جي ڪا به ڪوشش نه ڪئي، اهو سنڌي ڳوٺاڻو جيڪو ٻهراڙي مان شهرن ۾ اچڻ وقت هندو سيٺئي جي نفرت جو شڪار ٿيندو هو، ان لاءِ اهو سونهري موقعو هو جو اهو انهن ملڪيتن تي قبضو ڪري انهن گهٽين ۽ پاڙن جو ڌڻي ٿي وڃي جن پاڙن ۽ گهٽين ۾ ٻهراڙين جي سنڌي مسلمانن کي داخل ٿيڻ جي اجازت به نه هوندي هئي، پر سنڌي ماڻهو اهي سڄا سور اهي سڄا ڦٽ، پنهنجي سيني منجهه سانڍي ”پاڪستان زنده باد“ جو نعرو ان ڪري لڳايو ڇاڪاڻ ته سنڌي پاڪستان جا خالق هئا. ليڪن جڏهن ڪوڙن ڪليمن تي ملڪيتن تي قبضا ڪندڙ ڪجهه ماڻهن هندن جي ڇڏي ويل ملڪيتن  تي قبضا ڪرڻ کانپوءِ جڏهن اهو سوچڻ شروع ڪيو ته ڪٿي سنڌي ماڻهو انهن ملڪيتن تي قابض نه ٿين ته انهن جي ٻولي به سنڌي ماڻهن کي ائين ئي ٻڌڻ ۾ آئي، جيڪا ٻولي لڏي ويل هندو سيٺ ڳالهائيندا هئا، يعني اهي هندوسيٺ حيدرآباد ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ سنڌي ماڻهن کي پنهنجي مرضي سان ڪٿان مٽڻ به نه ڏيندا هئا، سنڌي ماڻهن جڏهن سمجهيو ته هاڻ ملڪ آزاد ٿي ويو آهي ۽ اهي  هاڻ آزادي سان گهمي ڦري سگهن ٿا ته پوءِ جڏهن کيس حيدرآباد ۽ ڪراچي جي گهٽين ۾ ٻيهر  اچڻ وڃڻ کان روڪيو ويو ۽ ان ڳوٺاڻي سنڌي لاءِ ٻيهر اهو ساڳيو ”ڄٽ“ وارو لفظ استعمال ٿيندو نظر آيو، تڏهن ڪجهه سنڌي ماڻهن جي ذهنن ۾ اهو سوال ضرور پيدا ٿيو ته ائين ته ناهي ته پاڪستان ٺاهڻ ۾ سنڌي ماڻهن کان ڪا غلطي ته نه ٿي وئي آهي، اهو آهي بنيادي نقطو جتان نفرتن جون چڻنگون آهستي آهستي دلين ۾ گهر ڪرڻ لڳيون، جيتوڻيڪ اڄ سنڌي ڳالهائيندڙ ماڻهن ۽ اردو ڳالهائيندڙ ماڻهن جي اڪثريت اهي نفرتون ختم ڪري چڪي آهي، سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ ماڻهن هڪٻئي سان پنهنجا خانداني ناتا جوڙي ورتا آهن، هاڻ ٻولي جي بنياد تي نفرت جو ڪٿان به اظهار ٿيندو نظر نه ٿو اچي سنڌي ماڻهن اردو ڳالهائيندڙن کي پنهنجو ڀاءُ تسليم ڪري ورتو آهي۽ هاڻ ته مسجدون ۽ قبرستان به سڀني جا هڪ ٿي چڪا آهن، تنهن هوندي به اهي ماڻهو جن جي سياست جو داڻو پاڻي انهن نفرتن تي ئي هلي ٿو، جيڪي نفرتون”مال نه ملڻ يا مال وڌيڪ ملڻ“ جي ڪري انهن پاران جاري آهن.

                      نفرت جي سياست ڪندڙن جي اها سياست هاڻ پوين پساهن ۾ آهي ۽ اهي پنهنجي پيرن هيٺان زمين کي کسڪندو ڏسي نفرتن جا علم کڻي بيهي رهيا آهن. هتي اسان ڪنهن پارٽي کي ذميوار سمجهڻ بجاءِ انهن شخصيتن کي  مڪمل ذميوار سمجهون ٿا جن جو جياپو ئي اهڙين نفرتن تي ٻڌل سياست تي آهي، اهي هر دور ۾ پنهنجا چولا مٽائي سياست ڪندا رهيا آهن ۽ آئينده به ڪندا رهندا. اسان سمجهون ٿا ته پاڪستان ٺهڻ وقت لڏپلاڻ رڳو سنڌ ڏانهن نه ٿي هئي، اها لڏپلاڻ پنجاب ۾ به ٿي هئي، ليڪن پنجاب ان وقت چالاڪي کان ڪم وٺندي جن ماڻهن جي ٻولي پنجابي هئي، تن کي ته پنجاب ۾ رهڻ ڏيو، باقي جن جي ٻولي اردو گجراتي يا ميمڻي هئي تن کي چيو ويو ته ”پاڪستان آگي هئي“ يعني انهن سڀني کي سنڌ ڏانهن اماڻيو ويو بهرحال پنجاب ڀارت کان لڏپلاڻ ڪري آيلن جو هڪ وڏو انگ رهي ٿو، جيڪي پاڻ کي پنجابي سڏرائين ٿا. وزيراعظم ميان نواز شريف جو ڪٽنب  به ڪشمير مان لڏي پنجاب ۾ اچي رهيو هو، جيڪو اڄ ملڪ جو وزيراعظم آهي.

                      هن وقت ملڪ جو صدر ممنون حسين ۽ وزيراعظم ميان نواز شريف ڀارت  کان لڏي آيلن مان ئي آهن، ان هوندي به وزيراعظم ميان نوازشريف پاڻ کي پناهگير نٿو  سڏائي ٿو، جڏهن ته  گذريل ڏينهن سنڌ مان ويل سندس پارٽي جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ جي ورهاڱي جو تصور به نه ٿا ڪري سگهون، نون صوبن جي ڳالهه وقتي راڳڻي آهي، هن وقت اها ڳالهه  ٺهي ئي نه ٿي، آئيني ۽ قانوني معاملا آئين ۽ قانون موجب حل ٿيندا آهن. هروڀرو اهڙيون ڳالهيون نه ڪيون وڃن، اسان سمجهون ٿا ته ڀارت کان لڏي آيل ”پناهگير“ جيڪو هن وقت وزيراعظم به آهي، تنهن اناالحق جو نعرو هڻي اهو هڪ مثال قائم ڪيو آهي ته سنڌ جي ورهاڱي جو سوچي به نه ٿا سگهون ته ٻئي طرف انهن ماڻهن تي افسوس آهي جيڪي پنهنجي سياست جي ”ٻڏندڙ ٻيڙي“ کي بچائڻ لاءِ سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪري سنڌ ۾ نفرتون پکيڙڻ  گهرن ٿا پر کين ياد رکڻ گهرجي، هاڻ سنڌ ۾ سنڌي ۽ اردو جي بنياد تي نه ڪا سياست ڪري سگهجي ٿي ۽ نه ئي سنڌ جي ٻنهي مستقل باشندن کي پاڻ ۾ ويڙهائي سگهجي ٿو. بهرحال سنڌ هڪ آهي ۽ هڪ ئي رهندي، پوءِ ڪو کڻي ڪيترا به ”هز ماسٽرس وائيس“ ميدان تي لاهي ماڻهن کي ويڙهائڻ جي ڪوشش ڪري پر هاڻ ڪو به جهيڙو ٿيڻ ممڪن ناهي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published.